نصيب ٽالاڻي
ملڪ ۾ هن مهيني جي 8 تاريخ تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن ان ڏينهن ووٽر پنهنجي ووٽ ذريعي ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت جو فيصلو ڪندا جمهوري نظام ۾ عام چونڊون اول ڏاڪي جي حيثيت رکن ٿيون اتان ئي جمهوري حڪومتن طرف وڌڻ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو ان ڪري سڄي دنيا اندر جمهوري رياستن ۾ عام چونڊون بلڪل صاف ۽ شفاف ٿيڻ کي يقيني بڻايو ويندو آهي ترقي يافته ملڪن ۾ عام چونڊون ايتريون ته صاف ۽ شفاف ٿينديون آهن جو چونڊ نتيجا ظاهر ٿيڻ بعد هڪدم سڀئي سياسي پارٽيون چونڊ نتيجن کي دل سان تسليم ڪري وٺنديون آهن اهو ان ڪري ته انهن ملڪن ۾ عام چونڊن ۾ دانڌلي ڪرڻ جو تصور ئي ناهين ڪيو ويندو اهو ئي سبب آهي ته اهڙن ترقي يافته ملڪن ۾ جمهوريت اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ مضبوط هوندي آهي جمهوريت جي مضبوطي جي ڪري اهڙن ملڪن ۾ چونڊجي ايندڙ حڪومتون پنهنجي ملڪ قوم ملڪي ادارن عوام توڙي پنهنجي معاشري لاءِ بهتر ڪم ڪنديون آهن اهڙن حڪومتن کي مخالف سياسي پارٽين پاران بلا جواز ۽ مخالفت براءِ مخالفت واري مسئلي کي منهن ناهين ڏيڻو پوندو جنهن سبب اهڙيون حڪومتون بي خوف ٿي ملڪي ترقي لاءِبهتر ڪم ڪري ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائينديون آهن جنهن سبب جتي اهڙا ملڪ ترقي ڪندا آهن اتي عوام جو معيار زندگي پڻ بهتر ٿيندو آهي روزگا جا موقعا پيدا ٿيندا آهن پرڏيهي سيڙپڪاري ٿيندي آهي اهڙن ملڪن ۾ عام چونڊون شاف ۽ شفاف ڪرائڻ لاءِ تمام ملڪي ادارا اليڪشن ڪميشن سان تعاون ڪندا آهن ڪي به ادارا پنهنجي آئيني حدن کي ڪراس ناهن ڪندا نه وري عام چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ائين چئجي ته سڀئي ملڪي ادارا گڏجي نه صرف عام چونڊون صاف ۽ شفاف ڪرائڻ لاءِ آئيني ڪردار ادا ڪنديون آهن پرپنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن پر ان جي برعڪس جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ ۾ جمهوريت توڙي جمهوري ادارن تي نظر وجهي ڏسون ته ڇهتر ستتر سال گذرڻ باوجود اڄ به اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي اسان تمام پٺتي پيل ڏسون ٿا اسان جي ملڪ ۾ اڄ به جمهوريت جي نڙي ءَ تي لت رکي ان جي واڌ ويجهه جي عمل کي روڪيو پيو وڃي اسان جي ملڪ ۾ اڄ به جمهوريت سڏڪن ۾ آهي جمهوري ادارا غير جمهوري ادارن وٽ يرغمال بڻيل آهن اڄ به غير جمهوري ادارا جمهوري ادارن جي ڏور پنهنجي هٿن ۾ ڪيون ويٺا آهن ان باوجود اڄ به جمهوريت پسند اهڙي عمل تي بلڪل خاموش ويٺا آهن ۽ ڪجهه به ڪرڻ کان قاثر آهن ۽ هڪ عجيب خوف ۾ مبتلا آهن اسانجي ملڪ ۾ جمهوريت توڙي جمهوري ادارن جي اهڙي ڪمزوري جو هڪ سبب ملڪ ۾ هرهر لڳندڙ مارشلائون توڙي طاقتور ڌرين جو جمهوريت تي پنهنجو غيرقانوني گرفت رکڻ آهي جنهن جو ذميوار جتي هن ملڪ جو طاقتور اسٽيبلشمنٽ آهي اتي سياسي مفاد ماڻيندڙ توڙي طاقتور ڌرين جي هٿن ۾ کيڏندڙ سياستدان پڻ آهن اها هڪ اڻ وڻندڙ حقيقت آهي ته اسان جي ملڪي اسٽيبلشمنٽ جي ورهانـڱي کان وٺي اها ڪوشش رهي آهي ۽ اها ڪوشش اڄ به ڪري پئي ته ملڪ تي پنهنجي پسند جي حڪومت آڻجي ۽ اهڙا حڪمران اقتدار۾ آڻجن جيڪي انهن جي اشارن تي هلن ۽ جنهن وقت انهن جي ضرورت نه پئي يا ضرورت ختم ٿي وڃي يا اهڙي ڪا حڪومت انهن جي مرضيءَ مطابق نه هلي ته پوءِ اهڙي ڪنهن به سياسي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي اسٽيبلشمنٽ جي اهڙي سوچ ڪردار توڙي روش جي ڪري ئي هتي مختلف وقتن تي جمهوري حڪومتون وقت کان اڳ ختم ڪرايون ويون ته ڪڏهن عدالتن جي ڪلهن کي استعمال کي استعمال ڪري چونڊيل وزيراعظمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. بدقسمتيءَ سان اسٽيلشمنٽ جي اهڙي راند ۾ وقتن بوقتن مختلف سياسي پارٽيون پاڻ شامل رهيون آهن سياسي پارٽين جي اهڙي عمل جي ڪري ئي اسٽيبلشمنٽ ورهانڱي کان وٺي اڄ تائين پنهناج مفاد ماڻيا آهن جنهنجو نقصان جمهوريت جمهوري ادارن توڙي عوام کي ٿيو آهي اهڙي عمل جي ڪري ئي اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت پنهنجا پير مضبوط ناهي ڪري سگهي سياسي پارٽين کي جمهوريت جي واڌ ويجهه توڙي مظبوطيءَ لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها اهو ڪردار ادا ناهين ڪيو ويو جنهن ڪري هن ملڪ ۾ ڪڏهن ق ليگ ڪڏهن آئي جي آئي ڪڏهن باب ته ڪڏهن پ پ پيٽرياٽ ته ڪڏهن پرويز خٽڪ توڙي جهانگير ترين جهڙن ماڻهن کان پارٽيون ٺهرائي جمهوري پارٽين جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي اسٽيبلشمنٽ جي اهڙي روئي جي ڪري ئي حڪومتن مٿان ڪڏهن سليڪٽڊ ته ڪڏهن امپورٽڊ هجڻ جا طعنا لڳندا رهيا آهن ۽ هن وقت ته عام چونڊن کان اڳ ئي سياسي پارٽيون ليول پلينگ فيلڊ نه ملڻ توڙي هڪ خاص پارٽي کي نوازڻ جا الزام لڳائي رهيون آهن جيڪڏهن اهڙن الزامن کي سامهون رکي نظر ڦيرائي ڏسون ته اهڙا الزام بلڪل درست آهن ڪالهه تائي جيڪو نوازشريف هڪ مفرور ملزم اڄ اهو نوازشريف ملڪ جو وزيراعظم ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ تي ڪنهن کي به اعتراض ناهين اعتراض رڳو اسٽيبلشمنٽ جي ڪردار تي ظاهر ڪيو پيو جتي هڪ پاسي نوازشريف لاءِ ملڪ ۾ سازگار حالتون پيدا ڪري طاقتور سياسي شخصيتن کي نواز ليگ ۾ شامل ڪرايو ويو اتي ٻئي پاسي اهڙن طاقتور شخصيت جي ٻين پارٽين ۾ شامل ٿيڻ جي رستا روڪ ڪرڻ وارو سلسلو پڻ جاري آهي اهو عمل پڻ ڌاڌلين جي ذمري اچي ٿو جتي هڪ پاسي نوازليگ کي نوازڻ جو سلسلو جاري اتي پي ٽي آئي باني عمران خان کي سزائن مٿان سزائون ڏئي چونڊن کي اڳ عمران خان امڪاني رهائي کي روڪيو ويو آهي جتي 9 مئي وارو واقعو مذمت جوڳو آهي اتي پي ٽي آئي کي جمهوري ڌاري مان ٻاهر رکڻ پڻ مذمت جوڳو عمل آهي حقيقت ۾ عمران خان خلاف جيڪي ڪيس آهن انهن کي عدالتن مٿان ڇڏيو وڃي ها ۽ پي ٽي آئي کي چونڊ عمل ۾ شامل ٿيڻ ڏنو وڃي ها جنهن سان اهو پيغام وڃي ها ته سياست توڙي رياست جا پنهنجا پنهنجا اصول ۽ قانون آهن پر هتي ٻٽو معيار رکيو ويو آهي جنهن سان يقينن موجودا چونڊن مٿان آنڱريون کڻبيون ۽ شفاف چونڊن مٿان سواليا نشان لڳي ويندو هڪ پاسي جتي سڀني سياسي پارٽين کي جلسا جلوس ريليون توڙي ڪارنر گڏجاڻين جي اجازت مليل هجي اتي ٻئي پاسي صرف پي ٽي آئي مٿان اهڙيون پابنديون لڳل هجن ته پوءِ اهو ڪيئن تسليم ڪجي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ٿي رهيون آهن هتي اسان جي ملڪ جي سياسي اڳواڻن کي هڪ ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته اڄ جيڪو پي ٽي آئي سان ٿي رهيو آهي اهڙو ڪجهه مستقبل ۾ ٻين سياسي پارٽين سان پڻ ٿيندو اڄ باني پي ٽي آئي جيل ۾ آهي سڀ سزائون توڙي ڪيس سياسي آهن مستقبل ۾ جڏهن طاقتور حلقي جي پسند ۾ تبديلي آئي ته اها ئي پي ٽي آئي يا وري ٻي ڪا پارٽي سامهون اچي ويندي هونئن به اهو نه وساريو وڃي ته باني پي ٽي آئي کي قيد ۾ رکي هن کي نيلسن منڊيلا بڻايو پيو وڃي مستقبل ۾ جڏهن طاقتور ڌرين کي هن جي ضرورت محسوس ٿي کيس ٻاهر ڪڍيو ويندوائين سمجهو عمران کي مستقبل لاءِ رکيو پيو وڃي جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته ان وقت ڪنهن به پارٽي لاءِ پي ٽي آئي کي هارائڻ ناممڪن هوندو مستقبل ۾ طاقتور حلقو پنجاب مان نوازليگ ۽ سنڌ مان پ پ کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ پي ٽي آئي کي استعمال ڪندو ان ڪري پ پ ۽ نوازليگ سميت سڀني سياسي پارٽين کي گهرجي ته پي ٽي آئي سميت ڪنهن به تنظيم خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪارائين جي مخالفت ڪري جمهوريت پسند هجڻ جو ثبوت ڏين ۽ اليڪشن ڪميشن کي به گهرجي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن ڪرائڻ لاءِ سڀني پارٽين لاءِ ليول پلينگ فيلڊ کي يقيني بڻائي ۽ ملڪي اسٽيبلشمنٽ کي پڻ اهو سمجهڻ گهرجي ته جمهوريت ۾ هرهر تجرباڪرڻ توڙي من پسند حڪومتون آڻڻ واري ڪردار سبب اڄ هو ڪٿي بيٺي آهي ۽ ان سان گڏ اهو پڻ سمجهڻ گهرجي ته نائن مئي وارن کي ان مقام تي آڻڻ وارا ڪير آهن هي وقت ملڪ م شفاف چونڊن ڪرائڻ جو آهي اليڪشن ڪميشن کي شفاف چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ ملڪي سياسي پارٽين کي اقتدار خاطر غير جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيئن هن ملڪ ۾ سڏڪندڙ جمهوريت پاڻ سنڀالي سگهي جنهن سان هن ملڪ ملڪي ادارا ترقي ڪندا ملڪ ۾ معاشي حالتون بهتر ٿينديون عوام خوشحال ٿيندو










