ملڪ ۾ وڌندڙ غربت ۽ وفاقي حڪومت جي غيرسنجيدگي

ملڪ ۾ وڌندڙ غربت ۽ وفاقي حڪومت جي غيرسنجيدگي

حبيب ٽالاڻي
 دنيا جي ڪنھن به رياست جي ترقي ان کي نه ٿو چئي سگھبي ته رڳو ان رياست جي معاشي حالت بھتر ھجي معاشي حالتن جي بھتري سان گڏ ملڪ جي عام ماڻھن جي معيار زندگي ۾ به بھتري اچڻ بيحد ضروري ھجي ٿو جيڪڏھن ڪو ملڪ معاشي طور تي کڻي ڪيترو به مضبوط ڇو نه ھجي پر اتي عام ماڻھن جي معيار زندگي انتھائي پٺتي پيل ھجي بنيادي سھولتون اڻ لڀ ھجن انفراسٽرڪچر تباھ ھجي ۽ ملڪي آبادي جو وڏو حصو غربت جو شڪار ھجي ته پوء اھڙي ڪنھن به ملڪ جي ارباب اختيار جي ترقي وارين دعوائن کي ڪنھن به صورت ۾ ترقي تسليم نه ٿو ڪري سگھجي اسان جي ملڪ ۾ به ھن وقت صورتحال ڪجھ اھڙي ئي آھي ھڪ پاسي اسان جا حڪمران ھر روز ھر جاء ھر پريس ڪانفرنس توڙي سيمينارن ۾ اسان کي ترقي جون ڳالھيون ڪندي ٿڪندي نظر ڪو نه ٿا اچن ته اتي ٻئي پاسي ملڪ ۾ غربت جي شرح ۾ گذريل ڇھ سالن دوران ريڪارڊ اضافو ٿيڻ جھڙيون رپورٽون به نظر اچن ٿيون غربت بابت ٿيندڙ اھڙا ڇرڪائيندڙ انڪشاف اسان جي حڪمرانن جي ترقي وارين دعوائن کي مڪمل رد ڪري ٿا ڇڏن پر پوء به اسان جا حڪمران ترقي واري پنھنجي خيالاتي راڳ کي ڇڏن ئي ڪو نه ٿا ترقي جي حوالي سان ھن وقت اسان جي حڪمران ٽولي جي بيانن ۽ سوچ ۾ پڻ وڏو تضاد آھي ھڪ پاسي وزيراعظم ترقي جي ڳالھ ڪري ٿو ته ٻئي پاسي پلاننگ ڪميشن پاران اھي رپورٽون سامھون آيون آھن ته اسان جي ملڪ ۾ ڇھن سالن جي مختصر عرصي ۾ غربت جي شرح  21.9 سيڪڙو کان وڌي 28.9 سيڪڙو تي وڃي پھتي آھي مطلب ته ھر سال ملڪي آبادي جو ھڪ سيڪڙو يا ان کان ڪجھ وڌيڪ عام ماڻھو غربت جي ور چڙھي رھيا آھن پلاننگ ڪميشن جي رپورٽ موجب ته ملڪ اندر شھرن ۾ غربت جي شرح 11 سيڪڙو کان وڌي17.4 سيڪڙو تي پھتي آھي جڏھن ته ٻھراڙي وارن علائقن ۾ غربت جي اھا شرح 28.2 سيڪڙو کان وڌي36.2 سيڪڙو ٿي وئي آھي رپورٽ ۾ اھو ڄاڻايو ويو آھي ته غربت جي واڌ جي اھم سببن ۾ ڪووڊ وبا جو معاشي اثر، عالمي شين ۽ توانائي جي قيمتن ۾ واڌ، بوڏ سبب انفراسٽرڪچر کي پھتل نقصان ۽ ليبر مارڪيٽ ۾ مشڪلاتون شامل آھن ھي حڪومتي انگ اکر آھن پر گرائونڊ تي حالتون ان کان وڌيڪ خراب آھن رپورٽ ۾ پلاننگ ڪميشن پاران غربت ۾ ٿيندڙ واڌ جا سبب ته ٻڌايا ويا آھن پر اھو ناھي ڄاڻايو ويو ته حڪومت غربت جو سبب بڻجندڙ انھن مسئلن جي حل لاء ڪھڙا  قدم کنيا آھن؟ يا ويجھي مستقبل ۾ انھن مسئلن جي خاتمي لاء حڪومت وٽ ڪھڙو پروگرام آھي؟ ان حوالي سان اسان جي وفاقي سرڪار ڪجھ به ڪرڻ کان قاثر نظر اچي پئي حقيقت ۾ اسان جي وفاقي حڪومت غربت جي خاتمي توڙي ان جي واڌ کي روڪڻ لاء ڪي سنجيدا قدم کڻڻ ۽ صوبن سان گڏجي ڪا رٿا جوڙڻ لاء بلڪل ئي تيار ناھي ان حوالي سان رٿابندي واري وفاقي وزير جي بيان مان ئي اھو ظاھر ٿي رھيو ته وفاقي حڪومت غربت جي خاتمي لاء ڪيتري قدر سنجيدا آھي غربت بابت احسن اقبال جو چوڻ آھي ته ملڪ ۾ غربت جو بنيادي سبب 2018 کان 2022 تائين جي معاشي بدحالي آھي احسن اقبال جو اھو بيان مڪمل سياسي بيان آھي ھن کي چوي ڪير ته اوھان جي ڳالھ کي تسليم ڪيون ٿا ته غربت ۾ واڌ جو اھم سبب 2018 کان 2022 جي معاشي بدحالي آھي پر 2022 کان پوء اوھان ملڪ مان غربت جي خاتمي لاء ڪھڙا قدم کنيا آھن؟احسن اقبال وفاقي سرڪار جو دفاع ڪندي چيو ته غربت کي گھٽائٽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آھي پر سائين کي چوي ڪير ته صوبن جي اين ايف سي موجب ٺھندڙ رقم به صوبن کي ڪو نه ٿيا ڏيو ته پوءصوبا ڪم ڪيئن ڪن؟ ھن وقت ملڪ ۾ اسان غربت جي شرح جنھن تيزي سان وڌندي ڏسي رھيا آھيون جيڪا شرح ھاڻي 28.9 سيڪڙو تي آھي ان ۾ اضاضو ٿيڻ جا چٽا امڪان اسان کي نظر اچي رھيا آھن ھي ھڪ پريشان ڪندڙ صورتحال آھي غربت بابت اھڙن انگن اکرن جو سامھون اچڻ مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي ته ملڪي معيشت ۾ بھتري ۽ ترقي واريون حڪومتي دعوائن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناھي جيڪڏھن ملڪ واقعي به ترقي طرف ويندو ھجي ھا ته اڄ ملڪ ۾ جتي عام ماڻھن جي معيار زندگي بھتر نظر اچي ھا اتي غربت جي شرح ۾ پڻ گھٽتائي ٿئي ھا پر ھتي اھڙو ڪجھ به ناھي اڃان غربت ۾ اضافي جھڙيون رپوٽون سامھون اچي رھيون آھن جيڪڏھن ملڪ ۾ غربت جي حوالي سان صوبن جي صورتحال تي نظر ڦيرائي ڏسجي انگن اکرن موجب ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾  بلوچستان ۾ غربت انتھائي خطرناڪ حد تي پھتل ريڪارڊ ٿي آھي پڌرو ٿيل انگن اکرن موجب ته بلوچستان ۾ ھن وقت غربت جي شرح تقريبن 47 سيڪڙو آھي جيڪو غربت جي حوالي سان پھرين نمبر تي آھي مطلب ته ھن وقت صوبي بلوچستان جي اڌ آبادي کان ڪجھ گھٽ آبادي غربت واري زندگي گذاري رھي آھي ٻئي نمبر تي ڪي پي ڪي آھي جتي غربت 35.3 سيڪڙو ٻڌائي پئي وڃي ٽئين نمبر تي اسان جي سنڌ آھي جتي غربت جي شرح 32.6 سيڪڙو آھي آخري نمبر تي پنجاب صوبو اچي ٿو جتي غربت جي شرح 23.3 سيڪڙو تي پھتل آھي ھي غربت بابت اھي انگ اکر آھن جيڪي ڪجھ ڏينھن اڳ ظاھر ڪيا ويا آھن حيرت ۾ وجھڻ واري ڳالھ اھا آھي ته ھڪ پاسي ملڪي ترقي جون دعوائون ٿي رھيون آھن ته ٻئي پاسي ملڪ ۾ تيزي سان غربت وڌندي نظر اچي پئي ان ڪري اسان کي  ترقي واري خوشفھمي مان ٻاھر نڪرڻو پوندو  ان ڪري جو اسان جي حڪمرانن جي ترقي رڳو انگ اکرن جي ڦيرڦار کان سواء ڪجھ به ناھي اھڙي صورتحال ۾ سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ ۽ بلوچستان اھي صوبا آھي جيڪي قيمتي قدرتي وسيلن سان مالامال آھن ان ھوندي به اتي آبادي جو ھڪ وڏو حصوغربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڇو آھي؟ ھتي سوچڻ واري ڳالھ اھا به آھي ته سنڌ صوبو ملڪي آمدني ۾ سڀني صوبن کان اڳ تي ھجڻ باوجود به صوبي ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ٿيڻ جا ڪھڙا ڪارڻ آھن؟ عجيب ڳالھ اھا به آھي ته ھڪ پاسي جتي صوبن ۾ غربت جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي اتي ٻئي پاسي وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ تي اکيون وجھي ويٺي آھي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گھٽايو وڃي ھاڻي وفاقي سرڪار کي سمجھائي ڪير ته غربت جي ڪري عام ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي مٿان صوبن جي حصي تي ڪٽوتي واري تلوار لٽڪائڻ جي ٿيندڙ تياري سان حالتون ته وڌيڪ خراب ٿينديون  اھڙي ڪنھن به عمل سان صوبن اندر غربت جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو  ملڪ ۾ غربت ۾ تيزي سان ٿيندڙ اضافي کي جھڙي انداز ۾ معمولي ڳالھ سمجھي ارباب اختيار نظر انداز ڪري رھيا آھن ائين نه ٿيڻ گھرجي اھو ان ڪري ته جنھن تيزي سان غربت وڌي رھي آھي اھاغربت ملڪ ۾ ھڪ وڏي عوامي ڪاوڙ جو سبب بڻجي سگھي ٿي جنھن جا ملڪي صورتحال تي انتھائي خراب اثر پوندا ان ڪري اسان جي سرڪار کي ملڪي آبادي جي صرف ھڪ ننڍڙي حصي کي زندگي جون سڀئي سھولتون ۽ مرائتون مھيا ڪرڻ بدران پنھنجي شاھانا زندگي ۽ اڻ کٽ مرائتون ختم ڪري ملڪ جي ان غريب طبقي کي به ڪجھ رليف ڏيڻ کپي جيڪوطبقو غربت جي ڪري نه صرف ٻن ويلن جي رکي ماني کائڻ لاء پريشان آھي پر صحت ۽ تعليم جھڙي اھم بنيادي صحولت کان به محروم بڻيل آھي ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا غربت جي ور چھڙيل اھڙي غريب طبقي جو اھو حق ناھي ته ان کي به خوراڪ صحت تعليم انصاف سميت  زندگي جون اھي سڀئي بنيادي سھولتون حاصل ھجن جيڪو انھن جو آئيني حق آھي ان ڪري وفاقي حڪومت کي غربت جي خاتمي يا غربت ۾ وڌيڪ اضافي واري عمل کي روڪڻ لاء صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي جيئن ملڪ مان غربت جو خاتمو ٿي سگھي جيئن غربت جي بي رحم چڪي ۾ پسجندڙ عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.

پهنجو تبصرو موڪليو