معاشري جا بنيادي مسئلا ۽ دانشورن جو ڪردار

معاشري جا بنيادي مسئلا ۽ دانشورن جو ڪردار

ڊاڪٽر مبارڪ علي\طفيل مگسي
يورپ ۾ سترهين صديء جي سائنسي ايجادن.زرعي ۽ صنعتي تبديلين کي پيدا ڪيو ته انسان جي جاء تي محنت ۽ ڏکين ڪمن جي لاء انهن مشينن کي استعمال ڪيو وڃي.صنعتي ترقي کي ته رستن.راهن ۽ اچ وڃ جي ذريعن کي بهتر بڻايو ويو.سمنڊن ۾ واپاري رستن جي ايجاد ٿي ته سياح ۽ واپاري ڏورانهن ملڪن تائين رسڻ شروع ٿيا.انهن تبديلين يورپ جي پراڻي جاگيرداري نظام کي ڌڪ هنيو ۽ هو انهن تبديلين کي برداشت نه ڪري سگهيو.ٻھراڙي ۽ ڳوٺن ۾ جڏھن وڏا وڏا فارم ٺھڻ شروع ٿيا ته هارين جو وڏو انگ بيروزگار ٿي شھرن ۾ اچڻ لڳو ۽ جنهن جي ڪري شھرن ۾ صنعتي.وفني ۽ معاشرتي سرگرميون شروع ٿيون.جڏھن معاشري جو سماجي ڍانچو بدليو ته مالي.انتظامي.سياسي .مذھبي ۽ تعليمي سڌارا شروع ٿيا ۽ بورزوا طبقو پيدا ٿيو.جنهن وٽ مالي وسيلا هئا.۽ ان تعليم ۽ واپار جي ذريعي انهن ئي بورزوا قدرن کي معاشري ۾ مسلط ڪيو.
والنٽيئر خصوصيت سان تاريخ کي سيڪيولر ٺاھيو.جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته هينئر تائين دنيا جي تاريخ جيڪا عيسائي ۽ غير عيسائي قوم ۾ ورهايل هئي.اها هاڻي سڀني جي لاء هڪ ٿي پئي ۽ غير عيسائي قوم جي تاريخ وتمدن کان جيڪا اڻڄاڻاڻي هئي اها ختم ٿي ۽ جديد ذھن مان تعصب.ساڙ.حسد ختم ٿيا ته انهيء سان اهو ممڪن ٿيو ته غير عيسائي قوم.جي ڪارنامن جو مطالعو ڪيو ويو.۽ اهوئي جذبو هو جنهن عراق.ايران.يونان.روم ۽ ھندستان جي قديم تهذيبن جي دريافتن جو عمل شروع ڪيو.جڏھن واپار ۽ سياحت دنيا کي ڳنڍڻ شروع ڪيو ته يورپي سياح ڏورانهن ملڪن ڏانهن ويا ۽ اتان موٽي هنن ابهن ملڪن جي تهذيب وثقافت جي متعلق پنهنجا تاثر پيدا ڪيا ته ان سان اهو تاثر ٽٽو ته رڳو عيسائيت جي ڪري دنيا مهذب ٿي آھي.جڏھن معاشري جي بقا جو ڍانچو بدليو ۽ ان ۾ معاشي.سياسي ۽ سماجي تبديليون اچڻ شروع ٿيون ته نون قدرن ۽ روايتن جي شروعات ٿي.پراڻا ارادا ٽٽڻ شروع ٿيا ته ان وقت معاشري ۾ انتشار جي ڪيفيت پيدا ٿي ۽ ذھنن ۾ ڪيترن ئي سوالن ڪر کنيو ته انسان ڇاهي.ان جو معاشري ۾ رتبو ڇا آھي.سماج ۽ فطرت ۾ ڪهڙو تعلق آھي.نظريا ڇو پيدا ٿيا ۽ ڇو تبديل ٿين ٿا وغيره؟
انهن سولن جو جواب دانشورن کان مليو .يورپ جا دانشذور.آرٽسٽ ۽ سائنسدان جيڪي اڃا تائين درٻار ۽ چرچ جا ماتحت هئا ۽ راء واري آزادي کان محروم هئا.اهي به سماجي تبديلين کان پوء ان جي چنبي مان آزاد ٿيا ۽ درٻار ۽ چرچ جي نظرين کي فروغ ڏيڻ جي هنن ايمانداري سان آزاداڻي طور تي پنهنجي تصورن جو اظھار ڪيو ۽ انهن منجهان گهڻن پهريون ڀيرو پنهنجي فن کي بحيثيت ڌنڌو اختيار ڪري پاڻ کي سمورين پابندين کان آجو ڪرائي ورتو.ڇوائي جي سهوليت
انهن کي هيء موقعا ميسر ڪيا ته هو پنهنجن خيالن ۽ نظرين کي سولائي سان ماڻھن تائين پهچائين.يورپي دانشورن وچ وارين صدين جي تاريخ سان ان جو تجربو ڪيو ته جيستائين فني علمن تي چرچ جو اثر رهيو ۽ علمي ادارا يونيورسٽيون ان جي اٽر هيٺ رهيا.هنن معاشري جي تخليقي ذھنيت ۽ صلاحيتن کي چٿي ڇڏيو ۽ انساني عقل وفهم جي رستن کي بند ڪري انهن تي پابنديون وجهي ڇڏيون ۽ مذھبي عقيدن کي جن نظرين کان ٿورو به خطرو ٿيندو هو ته انهن کي دٻائي ڇڏبو هو ۽ علم جو مقصد سماج جي ڀلائي نه بلڪ چرچ جي مفادن جو تحفظ ھو.ان ڪري يورپي دانشورنمعاشري ۾َهڪ اهڙي سياسي عمل جي شروعات ڪي.جنهن جي ذريعي مذھبي عقيدن جو ذھن ودماغ تان اثر ختم ٿيو ۽ معاشري جي زندگي ۾ مذھبي اثر گهٽ ٿيا.هنن رياضي ۽ ٻين علن جي ذريعي تهمتن کي ٽوڙيو ۽ اھڙن تصورن کي فروغ ڏنو.جنهن سان ذھن ۾ ڪشادگي ٿي ۽ ان جو نتيجو اهو ٿيڳ ته ڇرچ جو اثر گهٽ ٿيو ۽ ان جي گرفت جيڪا تعليمي ادارن .ڪتابن جي ڇپائي ۽ نظرين وفڪرن تي هئي.اها ڪمزور ٿي ۽ معاشرو ان ٻوسٽ کان نڪري آزاد هواء ۾ آيو ۽ ماڻھن جي ذھن تان جڏھن چرڇ جو اثر ختم ٿيو ته هنن وطن.ملڪ ۽ انسانيت جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو.ان نقط نظر ۽ ذھن تاريخ جي مطالعي جو رخ بدلائي ڇڏيو.جرمني.جي هڪ مشھور تاريخدان چيو.ته عيسائيت سچائي هر شخص کي ان تي مجبور ڪري مجبور نٿي ڪري سگهي ته هو ان کي تسليم ڪري.اهو قومن ۽ قانونن جي مطابق به ناهي ته هر مذھب جو پنهنجو مقصدهجي ۽ ان جي جدا سچائي انهن کي هي موقعا ميسر ڪيا ته هر هڪ پنهنجن خيالن ۽ نظرين کي سولائي سان ماڻھن تائين پهڇائين يورپي دانشورن وچ وارين صدينجي تاريخمان ان جو تجزيو ڪيو ته جيستائين فني علمن تي چرچ جو اثر هيو ۽ علمي ادارا يونيورسٽيون ان جي اثر هيٺ رهيا.هنن معاشري جي تخليقي ذھنيت ۽ صلاحيتن کي چٿي ڇڏيو ۽ انساني عقل وفهم جي رستن کي بند ڪري انهن تي پابنديون وجهي ڇڏيون ۽ مذھبي عقيدن کي جن نظرين کان ٿورو به خطرو ٿيندو هو ته انهن کي دٻائي ڇڏبو هو ۽ علم جو مقصد سماج جي ڀلائي نه بلڪ چرچ جي مفادن جو تحفظ ھو.ان ڪري يورپي دانشورن معاشري ۾ هڪ اهڙي سياسي عمل جي شروعاتڀڪئي .جنهن جي ذريعي ان کي ختم ڪري ٿو.سماج ۽ ثقافت تاريخي عمل جي پيداوار آھي.ان ڪري ان ۾َتبديلي جو عنصر موجود آھي.
هنن هن سوال جو به جواب ڏنو ته موجوده نظام فطرت جي مطابق آھي.هنن فطرت کي سماجي براين ۽ نظام جي خلاف استعمال ڪيو ته جيئن اسان جي تهمتن.روايتن .قدرن عقيدن.تقدير تي اعتبار ۽ طبقاتي نظام انهن سڀني کي غير فطري چئي انهن کان انڪار ڪيو.هر طبقو پنهنجين نظرين کي فطرت جي مطابق ٻڌائي ٿو.اهڙي طرح سان طاقتور جي فطرت آھي ته پنهنجو تسلط قائم ڪري ۽ ڪمزور جي فطرت آھي ته حقن جي لاء جدوجهد ڪري .اصل ۾ ڏٺو وڃي ته فطرت ان سڄي ڇڪتاڻ ۾ غير جانبدار رهي ٿي.روشن خيال تاريخ ٿيندي آھي.مثلا سيڪسن جا جذبا عيسائيت جي مطابق ناهن.ڇاڪاڻ ته سيڪسن عزت۽ وقار ۾ ٻڏل هوندو آھي ۽ عيسائيت ان جي جاء محبت هوندو آھي.ان کانپوء حقيقت ۽ سچائي تي زور ڏيڻ جي بجاء سائنسي طريقيڪار سان مختلف حقيقتن جي ڳولا شروع ٿي ۽ جنهن جو مقصد اهو وڃي ٿيو ته ڪيئن فرد جي خوشي ۽ آزادي کي حاصل ڪجي.دانشورن ان نقط نظر جي مخالفت ڪئي ته آدم جي زوال کانپوء انسان مستقل تڪليفن ۾ مبتلا آھن.هنن ان تي زور ڏنو ته انسان اڳتي وڌي رهيو آھي.هو غلطين منجهان سکي رهيو هو۽ نه مڪمل ڏانهن وڃي رهيو آھي.ماضي جو تجربو اسان جي اميدن کي وڌائي ٿو.۽ ڊپ جي ذريعي سياسي نظام تي هڪ چوٽ هنئي ڇوته اڃا تائين حڪمران مطلق العنان هوندو هو ۽ صرف خدا جي سامهون ۽ جڏھن هو عوام کي ڪجه ڏيندو هو ته ان جي مهرباني هئي.پر هاڻي روسو جي نظرين جي تحت حڪمران جي طاقت ان جي عوام جي وچ ۾ معاهدي جي نتيجي ۾ھئي. ۽ عوام.کي اهو حق هو ته هو پنهنجن حقن جو مطالبو ڪري.ان بادشاه جي حيثيت کي گهٽ ڪري ڇڏيو ۽ عوام جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو ۽ انهن ئي بنيادن تي جهموري قدرن۽ روايتن جو فروغ ٿيو.پاڪسٿاني معاشرو هن وقت جنهن انتشار.افراتفري ۽ جوڙ ٽوڙ جو شڪار آھي.ان ڪري پاڪستان جي دانشورن جون ذميواريون آھن ته هو معاشري ۾ ذهني تبديلي کڻي اچن.۽ خاص طور تي تعصبن.همتن ۽ تنگ نظري جي خلاف جدوجهد ڪن.پاڪستاني معاشري ۾ جت خواندگي جي شرح گهٽ آھي۽ تحريڪ جي دانشورن راء جي اظھار ۽ عمل جي آزادي تي زور ڏنو ۽ ٿورائي کي سمورن نظرين جي جانچڻ جو معيار ٻڌايو.هنن رياست ۽ ان جي ادارن تي تنقيد ڪئي ۽ ان تي زور ڏنو ته اها تنقيد ٿيندي رهي ڇوته جيڪڏھن اقتدار ڪجه ماڻھن جي هٿن ۾ رهيو ته ان سان بدعنواني پيدا ٿيندي ۽ گهڻائي پنهنجن حقن کان محروم رهندي.هنن ان جي نشاندهي ڪئي ته رياست جو ڪاز ڪمزور جو دفاع ڪرڻ آھي ۽ طاقتورن جو دفاع ڪرڻ آھي ۽ طاقتورن کي جبرکان روڪڻ آھي ۽ اهو ته ڪو معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين ان جي گهڻائي غريب ۽ مجبور هجي.
روسوء سناجي معاهدي جي مطابق جت ڪتاب پڙھڻ وارن جو انگ گهٽ آھي.هڪ اهڙي معاشري ۾ ڪنهن لکڻ واري جي لاء اهو ممڪن ناهي ته هو لکڻ کي پنهنجو ڌنڌو بڻائي ۽ ان جي آمدني تي پنهنجو گذارو ڪري سگهي.ان ڪري اڪثر لکڻ وارا لکڻ کي وقتي طور اختيار ڪن ٿا ۽ روزي جي لاء نوڪريون ڪن ٿا.نوڪري هئڻ جي حيثيت سان پهرين ته انهن جي آزادي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ھو ان حيثيت ۾ نٿا رهن ته پنهنجي راء جو اظھار ڪري سگهن.خاص طور تي اسان جي معاشري ۾ سرڪاري ۽ نجي ملازمت تي سياست ۾ حصو وٺڻ تي پابندي آھي ۽ ھو ڪنهن سياسي پارٽي سان آزاداڻي طور تي پنهنجو تعلق برقرار نٿا رکي سگهن.
اها صورتحال ان وقت تائين رهندي جيستائين دانشورن جو متحد ۽ خودمختيار تنظيمون ۽ ادارا نه هوندا ۽ جيستائين دانشور بحيثيت مجموعي آزادي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل نه ٿيندا.ان قسم جا ادارا دانشورن کي پاڻ ٺاهڻا پوندا۽ مالي وسيلن جي لاء مختلف ذريعا ڳولڻا پوندا.جيڪڏھن هو سماج کي تبديل ڪرڻ جي ڳاله ڪن ٿا ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته انهن کي پنهنجيون رعايتون ڇڏي عوام ۾ گڏجڻ ۽ پنهنجي زندگي جو معيار به گهٽائڻو پوندو.ان ڪري اهو طبقو وڏي جوش وجذبي سان مذھبي وثقافتي ۽ سماجي روايتن کي برقرار رکڻ چاهي ٿو.۽ تبديلي واري نظام جي لاء تيار نٿو رهي.ان ڪري ان کانپوء دانشورن جو هڪ محدود طبقو باقي بچي ٿو.جنهن جو عوام ۽ معاشري سان رعلق رهي ٿو.جيڪو مقصد سان لکي ٿو ته جيئن معاشري ۾ بنيادي تبديلين کي آڻي سگهجي.جديد دنيا ۾ ٻن قسمن تي تحقيق ٿي رهي آھي ۽ ھڪ اها تحقيقي جنهن جو تعلق علم جي ماهرن ۽ دانشورن سان آھي.ان جو دائرو محدود ٿيئي ٿو.۽ ان جي ٻولي ۽ بيان مشڪل ٿيئي ٿو.۽ ان کي صرف ماهرن جو خاص گروه سمجهي سگهي ٿو.ٻي تحقيق اها ٿيئي پئي ته جنهن ۾ موضوعن کي عام ۽ سولڙي ٻولي ۾ ماڻھن جي لاء لکيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ عوام جي بنيادي مسئلن تي بحث ٿيئي ٿو ته جيئن ان ۾ شعور پيدا ٿيئي.
پاڪستاني دانشورن جي لاء هن وقت هن ڳاله جي ضرورت آھي ته هو معاشري جي بنيادي مسئلن تي تحقيق ڪن ۽ انهن جي موضوعن کي اختيار ڪن .جن جو تعلق اسان جي مسئلن سان هجي مثلا اسان جي سائنسدانن جو مسئلو هينمر اهو آھي ته خلا ۾ ڪيئن جهاز موڪلجي بلڪ هي آھي ته ماڻھن کي صاف پاڻي ڪيئن ميسر ڪجي.انبڪري نيچرل سائنس جا موضوع ٿين يا سماجي علم انهن سڀني تي دانشورن کي گڏجي سوچڻو پوندو.ڇاڪاڻ ته صرف انهيء صورت ۾ اسان جا دانشور معاشري ۾ روشن خيالي جي تحريڪ کي مضبوط ڪري سگهندا…

پهنجو تبصرو موڪليو