معاشرو بگاڙ طرف ڇو پيو وڌي؟ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

معاشرو بگاڙ طرف ڇو پيو وڌي؟ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

هر صبح جو سج پنهنجي روشني جي ڪرڻن سان گڏ دنيا لاءِ نيون نيون خوشيون کڻي اچي ٿو، ڪائنات جي خلق طرفان خلقيل هر دُعا جا دروازا به کُلن ٿا، لکين ڪروڙين خُدا جي مخلوق پيدا به ٿئي ٿي ۽ سندن مالڪ حقيقي سان وڃي ملي به ٿي، قدرت واري جي رحمتن سان دنيا جو هي وهنوار روز جي سج جيان پنهنجي نواڻ به ڏيکاري ٿو، ڪٿي خوشيون ته ڪٿي وري غم به مالڪ حقيقي جي طرفان زندگي جو حصو آهن، جن کي مڃي اکين تي رکڻ فرضن ۾ شامل آهي. اخبارن ۾ لکڻ لاءِ يقينن ايترو ته مواد موجود آهي جو اسان جي هن معاشري ۾ جيڪو به وهي واپري پيو، تنهن کي روز جي بنياد تي وائکو ڪجي، سوبه گهٽ آهي، قدرت جي طرفان جيڪڏهن ڪا تڪليف جي گهڙي اچي وڃي ٿي ته ان ۾ به قدرت واري جو راز هوندو آهي پر جڏهن هن مهذب معاشري ۾ هٿ وٺي ڪنهن کي ڪنهن ڏڦيڙ ۾ وجهجي ٿو ته يقينن اُهو عمل هرگز قبول نه هوندو آهي، وڏي وقت کان وٺي اسان وٽ گم ٿيل ماڻهن لاءِ روزانو جي بنياد تي احتجاج جو سلسلو جاري آهي، پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هن وقت لاتعداد نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا آهن، انهن ۾ اسان جو هڪ ساٿي دوست محب آزاد لغاري ايڊووڪيٽ به شامل آهي. گم ٿيل ماڻهن جي وارثن توڙي سياسي ۽ سماجي ڌرين طرفان ڪراچي پريس کان پوري سنڌ جي مختلف شهرن اندر احتجاج، هڙتالون روز جو معمول بڻيل آهن پر اڄ سوڌو انهن پيارن جي سندن گهرڀاتين کي خبر نه پئجي سگهي آهي ۽ نه ئي وري جتان جتان ماڻهو گم ٿيل آهن اتان جي پوليس کي به اڄ سوڌو خبر پئجي سگهي آهي. ماڻهو گم ٿيڻ کان علاوه، اغوا، ڦرون، چوري ۽ قتل جا واقعا ڄڻ هن ديس ڌڻي جي قسمت جو حصو بڻجي چڪا آهن، روزانو پوري سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن علائقن مان ڳڀرن جا لاش کڄن ٿا، جيڪڏهن ڦرن ۽ چورين جي واقعن تي نظر ٿا ڦيرايون ته يقينن نه رڳو افسوسناڪ صورتحال سامهون آهي پر ڏسندي ۽ پڙهندي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙهيندي آهي ته آخر اسان جو معاشرو، هي رياست، انتظاميه، ڪهڙي طرف اسان کي ڌڪي رهي آهي، اڄ اسين ڪهڙي طرف قبلو ڪري بيٺا آهيون، اسان جي ڪردارن جي ڪري ايندڙ نسل تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا، اڄ محبتون نفرتن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، آخر ڪيستائين هي ڪڌو سلسلو جاري رهندو، ان سڄي صورتحال تي ڪنهن مٿان ڪيتري ذميواري آهي ۽ ڪير اُها ذميواري نڀائي ٿو سابه حقيقت هر اک اڳيان آهي.ڪجهه ڏينهن پهريان ڪنڌڪوٽ شهر اندر هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي شهر جي ملڪ پاڙي ۾ هڪ ٻُٽ ٻڌل شخص هڪ شهري گورڌن داس جي گهر ۾ ان وقت اخلاقيات ۽ شرم جا ليڪا لتاڙي اندر داخل ٿي ويو جنهن گهر ۾ ڪوبه مرد موجود نه هو، جوابدار جي هٿ ۾ چاقو ۽ تيزاب به هو، واقعي بعد گهر ۾ موجود عورتن جي رڙين تي اهو بدمست جوابدار گهر ۾ تيزاب هاري ۽ چاقو ڇڏي فرار ٿي ويو، واقعي کان پوءِ پوليس انتظاميا اطلاع بعد واقعي واري هنڌ پهچي معلومات ته ورتي پر اڄ سوڌو اُهو جوابدار خبر ناهي ته سندن کي ڪا سمنڊ جي ڇولي ڳهي وئي يا ڪو طوفان مٿي هوا ۾ کڻي ويو، هونئن به ڪنڌڪوٽ شهر جي شريف هندو برادري سان هميشه اهڙا شرمناڪ عمل ٿيندا رهن ٿا، واقعي کانپوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي ها اِها ڄاڻ سڀ ڪو رکي سگهيو ٿي  پر اسان جي پوليس انتظاميه جو ڪردار هاڪاري هجي ها ته اڄ اسان جي هن معاشري ۾ يقينن اهڙا واقعا پيش ڪونه اچن ها.آئون خراج تحسين پيش ٿو ڪريان، انهن پوليس جي ضلعي آفيسر ايس پي صاحبان کي جن ۾ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد توڙي گهوٽڪي جي بالا آفيسرن کي جن هن سڄي صورتحال کي سامهون رکيو، حقيقت ۾ اُهي بالا آفيسر اڄ اصل حقيقت تي وڃي پهتا آهن جو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي ايس پي امجد شيخ تازو ئي جيڪو ڄامشورو ضلعي مان بدلي ڪري ڪشمور ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، آئون ذاتي طور امجد شيخ کي سڃاڻان ٿو، سندس ڪارڪردگي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، جنهن چارج وٺندي ضلعي جي بدامني واري صورتحال کي سامهون رکندي ضلعي پوليس انتظاميه خلاف ئي ڪارروائي جي شروعات ڪندي ڏوهن، منشيات، ڀتي خوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث 6 اهلڪارن کي معطل ڪري ڪوارٽر گهاٽ ڪري هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏنو آهي ۽ پوري ضلعي جي اڪثر ٿاڻن تي نوان ايس ايڇ اوز مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ايس ايس پي امجد شيخ جي عمل کي آئون ٻيهر خراج تحسين پيش ڪندي چوندس ته هو بدامني ۾ ملوث اصل جوابدارن تائين وڃي پهتو آهي، ڇوته جيڪڏهن انتظاميه اصل ۾ حقيقي پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏين ته آئون پوري دعويٰ سان چوان ٿو ته اسان وٽ بدامني ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هي سٽون لکندي لکندي مون کي پاڻ سان تازو پيش آيل هڪ افسوسناڪ واقعو به ياد اچي آيو آهي جنهن کي وائکو ڪندي فرض سمجهان ٿو، منهنجو ڳوٺ به ڪشمور ضلعي ۾ اچي ٿو، جتي هڪ مهينو پهرين ڪجهه شرپسندن امن ۾ خلل وجهڻ لاءِ ڏوهاري ماڻهن کي منهنجي ڳوٺ ٻاهران وٺي آيا ته جيئن امن خراب ٿئي ڇوته آئون خود اتان جي پوليس انتظاميه کان انتهائي ڏکويل آهيان، اهڙي شرارت ڪرائڻ کانپوءِ ڳوٺ ٻاهران هڪ انتهائي ڇڪتاڻ واري صورتحال سامهون اچي وئي ۽ ان وقت مون ذاتي طور مقامي پوليس انتظاميه کي اطلاع ڏنو ته ڳوٺ اندر خراب صورتحال موجود آهي ۽ وڏي نقصان جو خطرو درپيش آهي پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ان وقت جي مقرر ايس ايڇ او منهنجي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ اتان جي مقامي ڳوٺاڻن جهيڙو ته ٽارائي ڇڏيو پر پوليس جي اِهو ڪڌو ڪردار ڏسندي اهوئي ثابت ٿيو ته اسان جي انتظاميه اهڙي ڪيفيت کانپوءِ به ڪن لاٽار ڪري ته ان جي معنيٰ اها چئي سگهجي ٿي ته هو هٿ سان امن خراب ڪرائڻ چاهين ٿا. ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ايس ايس پي کانپوءِ جيڪب آباد جي مقرر ايس ايس پي به اُتان جي صورتحال کي ڏسندي مقامي انتظاميه خلاف لٺ هٿ ۾ کنئي آهي، آيل رپورٽن موجب جيڪب آباد ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف بدامني واري صورتحال کانپوءِ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گڏوگڏ ڪشمور، جيڪب آباد ۽ سندن پاڙيسري ضلعي گهوٽڪي جو ايس پي عمر طفيل به جاڳي پيو آهي، حالانڪه گهوٽڪي ضلعو اڄ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي مڙني ضلعن ۾ بدامني جي گوءِ ۾ ٽاپ تي وڃي رهيو آهي. ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو مارڻ، اغوا، ڦرون توڙي جو نياڻين سان زبردستي نڪاح ۽ معصومن سان جنسي زيادتين جا ڪيس روز جو معمول بڻيل آهن، گهوٽڪي جي ميرپورماٿيلي ۾ اڄ کان ڪجهه مهينا پهريان هڪ افسوسناڪ ۽ اذيتناڪ واقعو ان وقت پيش آيو هو جڏهن ميرپور ماٿيلو شهر جي عيد گاهه پاڙي ۾ هڪ ضلعي ڪائونسلر ممتاز علي ڇڄڻ کي ڀتو نه ڏيڻ تان گولين جو کاڄ بڻايو ويو ۽ اُهي ئي جوابدار ڏينهن ڏٺي جو انهي جاءِ واردات کان ڪجهه قدمن تي پوليس چوڪي تان آساني سان گذري ويا ۽ اڄ سوڌو مقتول جا وارث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ واجهائي ۽ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن، حالانڪه گهربل جوابدار پوليس جي طاقت کان هرگز زور ڪونه آهن پر اصل ۾ مقتول جا وارث بي پهچ ۽ بي سهارا هڪ شريف شهري هجڻ ڪري پوليس گهربل جوابدارن خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ساڳي ريت انهي ضلعي ۾ پيش ايندڙ ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿيل آهن، تنهن بدامني جي ڀڙڪيل باهه کي ڏسندي ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ضلعي جي 40 اهلڪارن خلاف ڪارروائي ۽ مڙني ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي بدامني واري صورتحال کانپوءِ زبردست ڇنڊ پٽي آهي ۽ قبلو درست نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت وارننگ ڏني آهي ته پوري ضلعي ۾ پيدا ٿيل بدامني کي ٻنجو ڏنو وڃي. مجموعي طور ڏسجي ته آئون هرگز ڪشمور جيڪب آباد يا گهوٽڪي جي سڄي پوليس انتظاميه کي برابر جو شريڪ ڪونه سمجهان، اسان وٽ تمام گهڻا ذميوار ۽ فرض شناس پوليس آفيسر موجود آهن ۽ آئون انهن جي نالن کان به واقع آهيان پر پوليس انتظاميه ۾ اُهي ڪاريون رڍون جيڪي يقينن هر کاتي ۾ موجود آهن تن جي ڪردارن جي ڪري اڄ اسانجو مهذب معاشرو سڌرڻ بجاءِ بگڙڻ طرف وڌي رهيو آهي. دادو ضلعي جي هڪ نياڻي فرزانه جمالي دانهين ٿي ته سي آءِ پوليس جو انچارج افتخار جمالي سندس جاني دشمن ٿي چڪو آهي، جنهن سندس پيءَ جمن جمالي کي زهر ڏئي ماريو هو ۽ اڄ 27 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري ويٺو آهي، ڪيتري نه افسوسناڪ ڳالهه سامهون آهي ته هڪ پوليس آفيسر جيڪو ايڏي وڏي عهدي تي فائز هجي ٿو ۽ وري گڏوگڏ سندس ڪم ڌاڙيلن کان به ڏاڍا هجن ته اهڙي پوليس آفيسر جي خلاف خبر ناهي ته اڃا ڇو ڪارروائي رُڪيل آهي، اهي خبرون به ملن ٿيون ته ڪشمور ضلعي جي پوليس ماڻهن کي سيڪيورٽي ڏيڻ بجاءِ پاڻ ئي ڦورو بڻجي وئي آهي، اتان جي هڪ رهواسڻ صائمه خاتون جي دانهن رپورٽ ٿي آهي ته تنگواڻي پوليس سندس پٽ کي مارڪٽ ڪري 40 هزار کيسي مان ڦري وئي آهي، آخر هي ڇا ٿي رهيو آهي!؟ اسين جيڪو حلف کڻي جنهن مقصد لاءِ مقرر ٿيا آهيون ته اهو مقصد ته ايمانداري، ديانتداري سان نڀائڻ گهرجي، جيڪڏهن هر ٿاڻي جو ايس ايڇ او پنهنجي ايمانداري ۽ سچائي ۽ قانون جا فرائض نڀائي ته اسان بدامني ڦرلٽ چوري ۽ اغوا جي هڪ واردات به ڪونه ٿي سگهندي، بهرحال، خبر ناهي ته هن معاشري ۾ غريب ۽ شريف ماڻهو ڪيترو انهي عذاب ۽ خوف واري زندگي کي اڃا ڀوڳيندا!

پهنجو تبصرو موڪليو