مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪار سردار ڪمال لاڏاڻو ڪري ويو

مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪار سردار ڪمال لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جو سينيئر اداڪار ۽ ڪاميڊين سردار ڪمال گذريل رات دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.سردار ڪمال جي خانداني ذريعن موجب اداڪاره جو مڙهه گذريل رات فيصل آباد آندو ويو، مرحوم فنڪار جو مڙهه الائيڊ اسپتال ۾ رکيو ويو آهي.خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار ڪمال جي جنازي نماز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن موجب سردار ڪمال کي اڱاري جي رات دل جو دورو پيو، جنهن سبب هو واپس نه اچي سگهيو ۽ پنهنجي خالق حقیقی سان مليو.سردار ڪمال سوڳوارن ۾ بيواهه، 2 پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سوگوار ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو