مست قلندر ڪرڪٽ ڪلب ٽورنامنٽ کٽي ورتو

مست قلندر ڪرڪٽ ڪلب ٽورنامنٽ کٽي ورتو

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ نبي بخش لغاري ۾ لغاري ڪلب  جي ميزباني هيٺ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنا منٽ جو فائينل اڄ مست قلندر ڪلب ۽ سريوال اليون جي درميان کيڏيو ويو مست قلندر ڪلب ٽاس کٽي سريوال اليون کي کيڏڻ جو چيو سريوال اليون پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 12  اورن ۾ 102 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي  جنهن جي جواب ۾ مست قلندر ڪلب 9 اورن ۾ ٻن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي گهربل اسڪور پورو ڪري ٽورنا منٽ جو فائينل کٽي ورتو  مين آف دي  ميچ  ظفر علي لغاري کي ڏنو ويو مهمان خاص هاء ڪورٽ جي نامياري قانوندان پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ  ايڊووڪيٽ جي  ايم لغاري ڪامياب ٽيم جي ڪپتان ذوالفقار علي کوسو کي ونر  ڪپ جڏهن ته سينئير صحافي آغا جانب علي سريوال اليون جي ڪپتان اويس لغاري کي رنر ڪپ  ۽  ٻين رانديگرن ۾ مير محمد لغاري يار محمد لغاري  انور علي لغاري  ميڊل تقسيم ڪيا  جڏهن ڪامياب ٽورنامنٽ ڪرائڻ تي  لغاري ڪلب ۽ ٽورنامنٽ جي چيف آرگنائيزر مسلم لغاري کي به ميڊل ڏنو ويو . ان موقعي تي مهمان خاص ايڊوڪيٽ جي ايم لغاري چيو ته ٻھراڙي جي نوجوانن ۾,رانديون ڪرائڻ بهترين عمل آهي هن چيو ته ڪرڪيٽ والي بال هاڪي ملهه ۽ ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا به ڪرايا وڃن  ۽ اهي رانديون يوسي سطح تي سرڪاري طور ڪرائڻ گهرجن جيئن نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ٿئي ۽ نوجوان غلط رستن تي ڀٽڪڻ بجاء راندين طرف توجه ڏئي سگهن  هن چيو ته ٻھراڙين جي نوجوانن قابليت  ۽ ,صلاحيت آهي پر هنن کي ٻھراڙي ۾ بنيادي سهولتون موجود ناهن ٻھراڙي  جي ڀيٽ ۾  شهرن  جي  اندر ڪرڪيٽ گرائوند قائم آهن  ۽ رانديگرن لا   ڪرڪيٽ جي راند بابت سموريون  ضرورتون مليل  آهن هن سنڌ سرڪار ۽ ضلع انتظاميه ٽنڊو محمد خان کان گهر ڪئي ته شيخ ڀرڪيو ۾  ڪرڪيٽ گرائوند ٺھرائي رانديگرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو