عبدالمجيدبروھي
“سمورا صوبا ھن وقت ھڪ ٿي ڪري ھنن فتنا افغاني خوارج ۽ فتنا ھندستانين کي منھن ڏئي سگھون ٿا ائين ھڪ اھم منصب تي ويھي ڪري صرف پنجاب پنجاب ڪرڻ سان صوبن جي عوام ۾ نفرت جو ٻڄ پوکڻ بند ڪريو مريم نواز صاحبا اوھان ھن وقت سئو فيصد شھيد جمھوريت شھيد راڻي چئني صوبن جي زنجير وفاق جي علامت شھيدراڻي بينظير ڀٽو کي ڪاپي ڪري رھي آھين ان جھڙي ڊريسنگ ڪري ان وانگر ٿيڻ جي ڪوشش تـ ڪري رھي آھين پر اوھان شھيد راڻي وانگر ٿيڻ لاء سئو ڀيرا جنم وٺڻ پوندو محترما بينظير ڀٽو لاء چئني صوبن جي عوام وٽ محبت ۽ چاھ ھيو چئني صوبن جي عوام ۾ ھو مشھور ھئي ۽ سڀ ان جو احترام ڪندي کيس چئني صوبن جي زنجير بينظير بينظير جي لقب ڏنو ھيو ھوء صوبن کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي چئني صوبن جي عوام کي ھڪ ڪري سنڌ سرحد پنجاب بلوچستان جو نعرو ھڻي چوندي ھئي اسان سڀ ھڪ آھيون ۽ پاڪستاني آھيون سڀ کان پھريان پاڪستان پوء صوبو اوھان وانگر ھن ڪڏنھن بـ اھو نـ چيو ھيو تـ منھنجو ڪوئلو منھنجي مرضي منھنجو تيل منھنجو گئس منھنجي صوبي جي معدنيات ۽ منھنجي صوبي مان گڏ ڪيل پيسو منھنجي مرضي ان ڪڏنھن بـ اھو نعرو نـ ھنيو ھيو ان صرف اھو نعرو ھڻڻ سکيو ھيو پاڪستان زندا باد سڀ کان پھريان اسان پاڪستاني آھيون اسان سڀني لاء سڀ کان پھريان پاڪستان آھي ميرا پنجاب منھنجو پيسو منھنجو پاڻي وارا نعرا ھڻي اوھام محترما مريم صاحبا اوھان پاڪستان جي ايڪي ۽ ٻڌي خلاف ڪم ڪري رھيون آھيو سڀ کان پھريان اوھان پنھنجي ان ڪريل سوچ کي تبديل ڪريو پوء اوھان ليڊر بڻجڻ جي ڪوشش ڪريو باقي اوھان جي انھن موجودا ڊائيلاگن اوھان کي وڃي جاتي امرا تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صاحبـ صرف پنجاب جي باري ۾ ڳالهائڻ کان پهريان سئو دفعا سوچيو” اوھان جا بيان تقريرون اوھان جي وزيرن مشيرن جا پريس ڪانفرنسز جمهوريت جي روح ۽ وفاقي برابري تي هڪ ڳرو ڌچڪو آهن. سياست اختلافن سان زنده رهندي آهي، پر ڌمڪين سان نه. هي جملا ڪنهن هڪ صوبي نه پر سڄي پاڪستان جي وفاقي وحدت لاءِ خطرو آهن.
سنڌ ۽ پنجاب جا لاڳاپا صدين کان گڏيل جدوجهد، ثقافت ۽ سياست سان جڙيل آهن. ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پنهنجا سر قربان ڪري پاڪستان کي هڪ رکيو آهي.کپي کپي پاڪستان کپي جا نعرا ھڻي پاڪستان کي متحد رکيو جڏهن ڪو حڪمران ڌمڪين جي زبان استعمال ڪري ٿو، تڏهن اهو وفاق بدران بالادستي جي سوچ اجاگر ڪري ٿو.
سنڌ جو عوام ڪنهن به ڌمڪي يا جبر آڏو جهڪڻ وارو ناهي. سنڌ جي سياسي جدوجهد تاريخ ۾ بار بار اهو ثابت ڪيو آهي ته جمهوريت، برابري ۽ انسانيت ئي پاڪستان جي بقا جو واحد رستو آهي.
مريم نواز صاحبـ کي سمجهڻ گهرجي ته سياست ۾ دليل جي زبان هجي ٿي، ڌمڪي جي نه. جيڪڏهن وفاق کي مضبوط رکڻو آهي ته احترام، معافي ۽ اعتماد جو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو.
سنڌ جو آواز ڌمڪين سان بند نه ٿيندو. سنڌ جمهوريت سان گڏ آهي، ۽ جمهوريت جو مطلب سڀني صوبن جي برابري آهي.










