محمد يوسف حسيني جاکوڙي انسان

محمد يوسف حسيني جاکوڙي انسان

اعجاز ممنائي
اها ھڪ حقيقت آھي ته پنهنجي نالي جو شخصيت تي تمام گهڻو اثر پوندو آھي انڪري چيو ويو آھي پنهنجي اولاد جو نالو اهڙو رکو جيڪو معاشري لاء ڪارآمد ثابت ٿئي اهڙو ئي هڪ اھڙو ماڻھو جيڪو پيشي جي لحاظ کان استاد، تنظيمي لحاظ کان جاکوڙي اڳواڻ ۽ ديني لحاظ کان مبلغ ۽ عالم جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايو اٿائين جهڙو نالو اٿس تھڙو ئي ماڻهو آھي.خداوند ڪريم کيس اهڙو باصلاحيت بڻايو آھي جو هو پنهنجي نالي سان بخوبي سڃاتو وڃي ٿو. سو ملت جو محسن مولانا محمد يوسف حسيني به هڪ آھي پاڻ ذات جو چانڊيو ۽ ضلعي نوشھروفيروز جي مشھور شھر مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ ليٽ ننگر خان چانڊيه جو رهاڪو آھي۔ابتدا ۾ مون سان سندس سڃاڻپ ھڪ تنظيمي سرواڻ طور ٿي پوء آھستي آھستي ويجهڙائپ ٿيندي ويئي ۽ علمي، سماجي، مذھبي ۽ تنظيمي سرگرمين ۾ گڏ رهي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو سندس زندگيء جا تمام گهڻا پهلو آھن جن کي مختصر بيان ڪجي ٿو۔ محمد يوسف حسيني جي تعليمي خدمتن کان قطعي انڪار نٿو ڪري سگهي هو پرائمري استاد طور ڪم ڪري رهيو آھي وقت جو پابند ۽ پڙھائيء ۾ مهارت رکندڙ استاد آھي هو جنهن به اسڪول ۾ رهيو آھي شاگردن توڙي انهن جي والدين لاء پسنديده شخصيت رهيو آھي اهو ئي سبب آھي جو سندس جا پڙھايل شاگرد اڄُ به وڏن وڏن عهدن تي فائز آھن. محمد يوسف حسيني سياسي توڙي سماجي،مذھبي توڙي تنظيمي طور ساهتي پرڳڻي جو هڪڙو متحرڪ ڪردار رهيو آھي. هُن ڪڏھن به سُمهي سُک ناهي ماڻيو. هُو سدائين پنهنجي خلقِ خدمت ۾ سرگرم هوندو هو. مها ٻوڏ واري صورتحال هجي يا مصيبت ۾ ڦاٿل انسانيت هجي پاڻ انسانيت کي بچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو اٿائين جنهن ۾ بي سهارا ماڻھن کي سهارو ڏيڻ، کين ٽينٽون ڏئي عارضي طور محفوظ جاء تي ويهاري راشن سميت ضرورت جو سامان فراهم ڪرڻ آھي مطلب ته وٽس دکي انسانيت جو درد سمايل آھي هو چاهيندو آھي ته هر ماڻھوء سان رابطو قائم ڪريان ته جيئن نيڪي ۽ ڀلائيء جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصيدار بڻجون هو سماجي خدمتن عيوض غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز بڻجي چڪو آهي هو لاچار ۽ مسڪين ماڻهن جي بي لوث ٿي خدمت ڪري ٿو، پاڻ بيمارن جي علاج ، غريبن کي انگ اوڍائڻ لاء ڪپڙا ورهائڻ، غريب نياڻين کي ڏاج وٺي ڏيارڻ، اجتماعي شادين جو انعقاد ڪرائڻ ۽ غريب مسڪين ماڻهن جا ڪريل گهر ٺهرائڻ لاءِ سرگرم عمل رهيو آھي۔ عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته سماجي خدمت جي نالي ۾ ڪجهه ماڻهن سماجي خدمت واري ڪم کي به پنهنجو ڌنڌو بڻائي ڇڏيو آهي اهي سماجي خدمت جون سکڻيون دعوائون ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي نالي تي ڏوڪڙ وٺي هڙپ ڪري وڃن ٿا ۽ ٿوري عرصي ۾ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي وڃن ٿا پر محمد يوسف حسيني انهن نام نهاد سماجي اڳواڻن کان بنهه مختلف ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو هن سماجي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻائي ڇڏيو آهي پاڻ خالص سماجي خدمت ڪري ٿو ان عمل ۾ سندس ڪوبه لوڀ يا لالچ شامل نه هوندي آهي هي صاف ۽ شفاف نموني سماجي خدمت ڪري معاشري کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي خواهش رکي ٿو. هو غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاء هر وقت تيار هوندو آھي ڇوته پاڻ به بنيادي طور غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو۔ سندس ايمانداري ۽ سچائيء جا اڻ ڳڻيا مثال آھن اهو ئي سبب آهي جو کيس امانت ڏيندڙ دوستن جو تمام گھڻو اعتماد آهي ٿو هو جڏهن به ڪنهن ٻي پهچ جي واهر ڪرڻ لاءِ رڳو ڪال ڪندو آھي ته ان غريب مسڪين ماڻهوء جي مدد ٿي ويندي آھي محمد يوسف حسيني مخلص ۽ تنظيمي دوستن جو هڪ وڏو حلقو رکي ٿو جيڪي ساڻس ھر وقت گڏ هوندا آھن ۽ سندس ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪندا آھو۔محمد يوسف حسيني سان ويجهڙائيء سبب اسان سندس خدمت جي جذبي جا اکين ڏٺا شاهد آهيون ته هو بنا ڪنهن ذات پات ۽ فرقي جي فرق بغير جيڪو به کيس ڪا مدد لاءِ اپيل ڪندو آھي ته هو سندس مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پوندو آھي پوء ڀلي اهو ان جو گهرو مسئلو هجي يا برادريء جو معاملو هجي کيس ڏاتر اهڙي ڏات بخشي آھي جو هڪ غريب ۽ مسڪين جي مسئلي حل ڪرائي وٺندو آھي مطلب ته هو اسان سڀني جو گهڻو گهڻ گهرو ۽ پيارو آهي ڇوته هو سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو به هنر ڄاڻي ٿو سڀني کي عزتون ۽ محبتون ڏيڻ جا گر وٽس موجود آھن۔ سندس ٽيون ۽ مضبوط پهلو ۽ سڃاڻپ مبلغ اسلام طور ٿئي ٿي پاڻ اصغريه۔۔۔۔۔۔پاڪستان جو سرگرم رڪن آھي جنهنڪري تبليغي ڪم ۽ عالم سڳورن سان تمام گهڻي ويجهڙائپ رکي ٿو پاڻ مختلف مسجدن جو پيش امام پڻ رهيو آهي جڏهن بهترين خطيب ۽ عالم پڻ آھي سندس علمي وسعت تمام وسيع آھي آھي کيس مطالعي جو شوق انتها درجي جو آھي ديني علوم سميت پاڻ عالمي تعلقات عامه تي پڻ مهارت رکي ٿو علمائن ۾ سندس گهڻي ويجهڙائپ علامه حيدر علي جوادي سان آھي پاڻ کيس بابا ڪري سڏيندو آھي ان جو به مٿس بيحد اعتماد آھي جنهن ڪري سندس زير نگراني ڪيترائي ديني درسگاهه ۽ قرآن سينٽر هلي رهيا آھن ان کانسواء سندن زير اهتمام وقت بوقت تربيتي پروگرام پڻ منعقد ٿيندا رهن ٿا مطلب ته سائين جي ديني،تنظيمي محنت ۽ سماجي خدمتن کي هر وقت ياد ڪرڻ عبادت جي زمري ۾ اچي ٿو ڇوته مولانا محمد يوسف حسيني هڪ شفيق مرد مجاھد ۽ مخلص انسان آھي سندس ڪاوشون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگھجن اميد ته سندس سياسي سماجي تنظيمي ۽ ديني خدمتن جو جذبو سدائين قائم ۽ دائم رهي. سندس انهيء خدمتن کي سلام پيش ڪريون ٿا ڇوته سندس بقول انساني خدمت کي عبادت سمجهي اڳتي وڌو ۽ پنهنجي ماڻھن جا ڀرجهلا بڻجو ته الله سائين توهانجو حامي و ناصر بڻجندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو