محترمه بينظير ڀُٽوجو سياسي ۽ جمهوري سفر

محترمه بينظير ڀُٽوجو سياسي ۽ جمهوري سفر

محمد اسماعيل لانگاھ
سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تاريخ موئن جي دڙي جي ماڳ واري من موهيندڙ مٽي مان جنم وٺندڙ ڀُٽو خاندان جي ڪرشماتي سياست ۽ دنيا ليول تي ماڻيل مڃتا ڪنهن کا ڪا ڳجهي ناهي دنيا جا وڏا وڏا مدبر سياستدان مير پير ڀوتار ڀُٽو خاندان جا سياسي حوالي سان مريدي خادمي هيٺ رهيا، پاڪستان جيئن آزادي حاصل ڪئي ان کان پهرين پاڪ هند ۾ مسلم سياستدانن جي وڏي سياسي جماعت مسلم ليگ هئي، جنهن پاڪستان جي آزادي لاء لازوال تاريخي جدوجهد ڪئي ان کان پوء پاڪستان ۾ 70 واري ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو جنرل ايوب خان جي مارشلا جي بغاوت ڪندي پ پ جو بنياد رکيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪرشماتي سياست پ پ جي پليٽ فارم تان ملڪي سياست اندر نئون روح ڦوڪي ڇڏيو وڏا وڏا ڊنگ سردار ڀوتار، مير، پير ،چوڌري پ پ ۾ شامل ٿي ويا ذوالفقار علي ڀُٽو کي ملڪ ۾ ڊگهي مارشلا مڙھيندڙ جنرل ضياءُ الحق پ پ کي ختم ڪرڻ واري نظريئي هيٺ کيس ڦاسي ڏياري ڇڏي ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڦاسي کان پوء محترمه بينظير ڀُٽو پنهنجي پيءُ جي جانشين بڻجي پ پ جي ڏور هٿ ۾ ڪئي, ان دوران کين ملڪ بدري سميت مختلف مصيبتن کي عورت جي روپ ۾ مردانگي سان منهن ڏنو، جلاوطني دوران هن پ پ کي پڻَ سنڀالي رکيو ۽ پاڪستان جي غريب ۽ مظلوم عوام کي اڪيلو محسوس ٿيڻ نه ڏنو، پنهنجي والد جي وڇوڙي بعد جيجل امڙ جي دعائن سان محترمه بينظير ڀُٽو کي 80 واري ڏھاڪي پ پ سان عوام جي ولوله انگيز محبت کين ملڪ ۾ وڏي اڪثريت سان اليڪشن ۾ ڪامياب ڪري پاڪستان ۽ دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم جو تاج سر تي سجايو, بينظير صاحبه پنهنجي مرحوم والد جي انهن لفظن کي ورجائيندي عوام، ملڪ ۽ پ پ دشمنن کي شڪست ڏني ته “جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي پر پ پ ۽ ملڪ سان سچائي خاطر ڀُٽو خاندان خلاف سازشن جو جيڪو ڊگهو.ڄار وڇايل هو انکي وڌيڪ وگهيرڻ لاء محترمه بينظير ڀُٽو کي ان وقت جي سويلين صدر غلام اسحاق خان حڪومت ختم ڪري ڇڏي پر هن پنهنجن مضبوط ارادن کي اٽل رهڻ جي ترجيح ڏني ان دوران هن ملڪ جي غريب پيرين اگهاڙي عوام جي حقن لاء جنگ کي جاري رکيو 90 واري ڏهاڪي جي ٿيل عام چونڊن ۾َ هوء ٻيو ڀيرو ملڪ جي وزير اعظم بڻي ليڪن ان وقت به سندن صدراتي منصب تي مقرر ٿيل سويلين صدر فاروق لغاري کين بلاجواز ڪرپشن جا ڪيس مڙهي حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ ان جي ٻئي دور حڪومت ۾ سندن ڳڀرو ڀاءُ مير مرتضي ڀُٽو کي سنڌ جي گادي واري شهر ۾ هڪ مين شاهراه ستر ڪلفٽن ويجهو ڀُٽو فيملي جي دشمن عنصرن گولين جو کاڄ بڻايو ۽ محترمه بينظير ڀُٽو ملڪ جي وزير اعظم هوندي ڪُجھ به نه ڪري سگهي مرتضي ڀُٽو جو ڏينهن ڏٺي ٿيل قتل سندن وزير اعظم ڀيڻ کي بيوس بڻائڻ ۽ حڪومت ختم ڪرڻ جي هڪ گهري سازش هئي حڪومت ختم ٿيندي ئي ملڪ ۾ آيل ن ليگ جي نئين حڪومت جي وزير اعظم نوازشريف پاران بينظير ڀُٽو خلاف ڪرپشن جا نوان ڪيس مڙهيا ۽ ان دوران بينظير ڀُٽو ملڪ ۾ موجود نه هئي، ڪرپشن جي مڙهيل ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاء هن پارٽي قيادت سان مشورا پڻ ڪيا، انهن هٿ ٺوڪين ڪيسن کي پڻ منهن ڏنو ن ليگ جي حڪومت ملڪ جي آرمي چيف جنرل مشرف کي جڏھن هٽائڻ جو جڏھن فيصلو ڪيو ته ملڪ جي سپه سالار خلاف ان سازشي فيصلي کي ناڪام بڻائيندي جنرل مشرف ن ليگ جي وزير اعظم نوازشريف کي هٽائي ملڪ اندر قيد ڪرائي ڇڏيو، ان خلاف سنگين غداري جا ڪيس هنيا ويا ۽ ن ليگ جي سموري قيادت کي ملڪ جي مختلف جيلن ۾ بند ڪيو ويو، ان وقت محترمه بينظير ڀٽو پرڏيھ ۾ هئي ۽ جنرل مشرف حڪومت تي قبضي ڪرڻَ بعد محترمه بينظير ڀُٽو خلاف به نوان مقدمه درج ڪري ڇڏيا، معزول وزير اعظم نواز شريف کي دوست ملڪن جي مداخلت تي هڪ معاهدي تحت ملڪ بدر ڪري ڇڏيو، ۽ ن ليگ کي ٽوڙي ق ليگ پارٽي جو وجود آندو ۽ پ پ جي اهم اڳواڻن کي به وڏيو مراعتون آڇيون ويون پر پ پ جي سچن ۽ وفادر اڳواڻن پ پ ۽ پنهنجي قائد بينظير صاحبه سان گڏ رهڻَ جو وچن ڪيو
جنرل مشرف جي نو سالن جي ڊگهي مارشلا ۾ جلاوطني جي زندگي گذارڻ باوجود محترمه بينظير ڀُٽو پاڪستان ۽ عوام سان محبت جو ساڳيو جذبو جيئاري رکيو هن سان وفادار رهڻ پ پ اڳواڻن ملڪ جي مظلوم ماڻھن کي هروقت بينظير صاحبه جو پيغام پئي پهچايو ۽ ملڪ جي غريب عوام کي به اها خبر هئي ته ظلم.جي هي ڪاري رات کان پوء محترمه بينظير ڀٽو جي روپ ۾ ڪاميابي جو سج ضرور نڪرندو ۽ ظلم جي ٻاريل باه نيٺ وسامندينيٺ ٿيو به ايئن جنرل مشرف جي آمريت جو ڪارو دور لوڏن ۾ اچي ويو ۽ محترمه بينظير ڀُٽو ڊگهي جلاوطني ختم ڪري دبئي کان 18 آڪٽومبر 2007ع تي جڏھن ڪراچي انٽرنئشنل ايئرپورٽ تي آئي تي عوامي سمنڊ جي صورت ۾ کين والهانه استقبال ڪيو ويو، امن جا پکي اڏاريا ويا ڪراچي سميت ملڪ جي چئني صوبن جا روڊ رستا گهر، ٻنيون ٻارا. باغ باغيچا پ پ جي جهنڊن سان جهڳمڳ نظر آيا پنهنجي قائد جي آمد تي خوشي وچان هزارين جانور صدقي ۾ قربان ڪيا ويا، قائد جي محبت ۾ استقبال لاء آيل دشمنن خودڪش حملي دوران ڪارساز پل وٽ ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ھُنن جو نشانو دارصل محترمه بينظير ڀُٽو جي اها گاڏي هئي جنهن ۾ سڄي پ پ قيادت موجود هئي پر لکين ماڻھن جي صدقن ۽ دعائن محترمه جي جان بخشي ان خوفناڪ حملي ۾ شهيد ٿيل ڪارڪنن جي لاشن جا ٽڪرا ۽ رت ڏسي ڪمزور دل ماڻھن جا هانءُ ئي ڏري پيا پر بينظير ڀُٽو عورت جي روپ ۾ هڪ مرد مجاهد انسان هئي جنهن کي دشمنن جي خوفناڪ حملي مان ذري برابر به خوف محسوس نه ٿيو ۽حملي کان پوء بي خوف ٿي ڪارڪنن جي وارثن وٽ عيادت لاء پهتي بينظير ڀُٽو جي همت بهادري ڏسي دشمنن پنهنجي سازشن کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو کين راه تان هٽائڻ لاء پيڇو نه ڇڏيو، ملڪ جي رهزنن راولپنڊي ۾ سندن زندگي جو آخري جلسو ڪرڻ ڏنو جلسي گاه تان موٽندي عوام جي هجوم ۾ کين حملو ڪري شهيد ڪيو، اها 27ڊسمبر واري رات ڪڏھن به وسري نه سگهي آهي، محترمه جي شهادت جو ٻُڌي هزارين ماڻھن جا هانءُ ڇڄي ڇيهون ڇيهون ٿي پيا دنيا جي وڏن وڏن مدبر سياستدانن محترمه بينظير ڀُٽو جي شهادت کي دنيا لاء ڪارو ڏينهن سمجهيو ۽ پ پ قيادت پنهنجي عالمي ليول جي قائد جي شهادت جو دشمنن کو پلئو پلاند نه ڪري انتقامي سياست بجاء جمهوريت کي بهترين انتقام سمجهيو جنهن دشمنن پ پ کي ختم ڪرڻَ چاهيو اهي قوتون خود نيست نابود ٿي ويون ۽عوام جي دلين اندر پ پ اڄ به ڇانيل آهي پر ڪُجھ پارٽي قيادت جي ڪوتاهين سبب نظرياتي ماڻھن کي نظرانداز ڪرڻ وارو عمل پ پ لاء سُٺو سنئوڻ ناهي ۽ جانثار ورڪرن کي ئي نظرانداز ڪيو ويو جيڪي هيئنر ڪسمپرسي واري زندگي گذاري رهيا آھن جنهن پ پ جي قائدين پاڪستان کي دنيا جي سپرپاور ملڪن ۾ شمار ڪرايو، جنهن جو سبب اهو ئي آهي ته محترمه جي شخصيت سان ڪارڪنن جي روح ۽ محبت جو انداز ئي ڪُجھ ٻيو هو،۽ سورنهن ورهين وهامي ويا آھن پر محترمه جو روح هر مظلوم جي دل جي آس ۽ اميد جو ڪرڻو بڻيل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو