ماڪڙ ماريو سنڌ جي زراعت بچايو، ساجد خادم سهتو

پاڪستان دنيا جي انھن خوشنصيب ملڪن منجھان ھڪ ملڪ آھي جنھن ۾ قدرتي لحاظ کان چار مندون ۽ موسمون ٿين ٿيون. انھن چئني مندن ۽ موسمن ۾ مختلف قسمن جا اناج، ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيا وڃن ٿا ۽ ھن ملڪ جي لڳ ڀڳ  ٪70 سيڪڙو آبادي زراعت سان وابسته آھي. ھن ملڪ جي ٻن صوبن سنڌ ۽ پنجاب جي زمين ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام سٺي ۽ سنوت ۾ آھي ليڪن افسوس جو  سنڌ صوبي جو ھاري طبقو فصلن جا مناسب اگهه نه  ملڻ جي ڪري پنھنجي زندگي مفلسي واري طريقي سان پيو گذاري. کيس سندس محنت جو صحيح نموني سان اجورو نه پيو ڏنو وڃي جيڪو کيس ملڻ گھرجي. سنڌ جو ھاري جيڪو رات ڏينھن محنت ڪري پنھنجي گھر ڀاتين سميت سخت محنت ڪري زمين کي کيڙي ٿو ۽ اناج پوکي ٿو پر کيس موٽ ۾ ڪو خاص رليف نٿو ملي. گذريل ڪيترين ئي سالن کان وٺي سنڌ جي زراعت تباھي جي ڪناري تي پھچي وئي آهي. آبادگارن کي ڪمند توڙي ڪپھه ۽ سارين سميت ٻين مختلف فصلن جي جنسن جو مناسب اگھه نٿو ڏنو وڃي.حالت اها آهي ته سڄو سال هر، ڀاڻ، دوا، پاڻي ڏئي ڪمند جو فصل تيار ڪندڙ آبادگار کان 180 روپيا مڻ ڪمند خريدڻ لاءِ شگر ملز تيار ناهن پي هن ملڪ ۾ ڪاٺيون 450 کان 500 روپيا مڻ وڪامن ٿيون. شايد اهوئي سبب آهي ته هن سال ڪمند جو فصل گهٽ ٿيو آهي. جنهن ڪري ھن سال پاڪستان ۾ کنڊ جي کوٽ محسوس ٿيندي نظر پئي اچي. هڪ پاسي شگر ملز وارا ريٽ سٺو نٿا ڏين ۽ ٻيو ته رقم جي ادائگي ۾ به ڪيترائي سال لڳائي ڇڏين ٿا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته شگر ملز وارن  کنڊ مفت ۾ پوي ٿي، ڇو ته هو بجلي پنهنجي ٺاهيندا آهن ۽ سيزن ۾ حڪومت کي جيڪا اضافي بجلي وڪرو ڪن ٿا ان مان سندن ڪاسٽ رڪور ٿي وڃي ٿي. خير او هڪ ڌار موضوع آهي اسين ذڪر پئي ڪيو ته هارين سان زيادتي ٿي رهي آهي. هڪ پاسي مارڪيٽ فورسز وت بليڪ ميل ٿئي ٿو ته ٻئي پاسي تازو ماڪڙ سنڌ تي حملو ڪيو آهي. ماڪڙ سنڌ اندر ڪافي تباھي مچائي ڇڏي آھي گذريل ڪيترن ئي مھينن کان سنڌ جي مختلف ضلعن اندر ماڪڙ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آھن پر حڪومت اسپري ڪرڻ لاء مختلف بھانا ڪري رھي آھي سنڌ حڪومت اسپري نه ڪرڻ جو ذميوار وفاق کي قرار ڏئي رھي آھي جڏھن ته 1973ع جي آئين ۾ ارڙھين ترميم پاس ڪري صوبن کي خودمختياري ڏني وئي آھي ۽ان کان پھريان وفاقي حڪومت جي ذميواري هئي پر 18 هين ترميم بعد صوبن جي ذميواري آهي. سوال اهو آهي ته پوء ماڪڙ کي مارڻ لاء اسپري ڪرڻ ۾ ايڏي دير ڇو.؟ وڏي وزير سنڌ ۽ زراعت واري وزير کي سنڌ اندر ماڪڙ جو اسپري جلد کان جلد ڪرائڻ گھرجي ته جئين سنڌ جي زراعت وڌيڪ  نقصان کان بچي سگهي. هن وقت تائين ماڪڙ سنڌ ۾ ڪافي حد تائين نقصان ڪري چڪي آهي جيڪڏهن ماڪڙ تي هن سال ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ته سنڌ صوبي ته ڇا پر پوري ملڪ ۾ خطرناڪ قحط پيدا ٿي سگهي ٿو ڇو ته ماڪڙ جو تمام وڏو تعداد سنڌ جي مختلف ريگستاني ۽ جابلو علائقن ۾ هن وقت موجود آهي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد گڏيل طور تي جهازن ذريعي ۽ ٻين مختلف طريقن سان ماڪڙ تي  ضابطو آندو وڃي ته جئين ھاري طبقو پنھنجي زندگي خوشحال طريقي سان گذاري سگھي ۽ اسان جو ملڪ پاڪستان ۽ صوبو سنڌ ڪنهن به ڏڪار واري صورتحال کان بچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو