طفيل مگسي
زندگيء جو شايد ئي ڪو اھڙو ڏينهن نه هجي جڏهن ڀٽو صاحب جو نانء قومي سياست ۾ پڙاڏو نه ڪندو هجي۔اهو عمل ڪيترين ئي ڏهائين کان جاري آهي۔ڀٽو جا دشمن ۽ سندس چاهڻ وارا سڀئي ڀٽو جي نالي تي يا ان جي مخالفت ۾ سياست ڪندا ۽ پاڻ کي ڀٽو سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔هن وقت به طاقت ۽ عدل و انصاف جي ايوانن ۾ پيدا ٿيڻ واري ڏکئي صورتحال،سياسي چڪتاڻ،آئيني موشگافيون ۽ حوالن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو ٻن ريتن سان ذڪر ٿي رهيو آهي۔هڪ ته هن ملڪ کي هلائڻ وارا قانون ۽ انهن قانونن کي ٺاهڻ واري پاڪستان جي آئين جو ڪافي ذڪر ٿيئي ٿو۔جنهن جو وجود ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪاوشن سان عمل ۾ آيو۔
ٻيو آئين پاڪستان جي خالق کي انهيء آئين جي ماتحت عدالتن جي هٿان قتل ڪرڻ جو به ذڪر جاري آهي۔ليڪن اها ڳالھ سج جيان روشن آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو جوڊيشنل مرڊر يا عدالتي قتل ڪيو هو۔جنهن جا ڪارڻ سراسر سياسي هئا۔
ذوالفقار علي ڀٽو کي 4اپريل 1979ء کي ٽياس تي ٽنگيو ويو۔ان عدالتي قتل جو مرڪزي سبب ۽ خواهشمند فوجي آمر ضيا الحق ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت کي 5 جولاء 1977ء ۾ ختم ڪري ملڪ ۾ ٽين مارشل لا نافذ ڪئي۔تاريخ ۾ ڪيترائي ڪردار حيران ڪندڙ هڪجهڙائپ رکن ٿا۔70ء جي ڏهائي ۾ عمران خان سان ملندڙ جلندڙ هڪ ڪردار اسٽيبلشمنٽ ايئر مارشل اصغر خان جي شڪل۾ تيار ڪيو هو۔جنهن جو ان دور جي مڊل ڪلاس سان تعلق رکڻ وارن نوجوانن جو هڪ حصو حامي هو۔جيتوڻيڪ حالتن واقعن ۽ دور جي خاص ڪردار جي سبب کان اصغر خان کي به اقتدار ۾ نه آندو ويو۔مگر ڀٽو جي قتل جي لاء حالتون پيدا ڪرڻ ۾ ائير مارشل اصغر خان اهم ڪردار ادا ڪيو هو۔موصوف 1976ء ۾ ئي ڀٽو کي ( ڪوهالا پل تي) ڦاسي ڏيڻ جو نعرو هنيو هو۔ڀٽو هر دور ۾ محنت ڪش عوام ۽ حڪمران طبقن جي لاء خاص معنائن جو لائق رهيو آهي۔عوام جو وڏو انگ ڀٽو کي غريبن جي همدرد اڳواڻ جو درجو ڏيندي رهي آهي۔جڏهن ته هر حڪمران جي اها ڪوشش رهي آهي ته ڀٽو کي اوڀر پاڪستان ۾ ملڻ واري مقبوليت۔شهرت ۽ ديومالائي حيثيت ان کي نصيب ٿيئي۔جتي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي بلاول زرداري جيڪو پنهنجي ماء جي قتل کانپوء پيپلز پارٽي جي قيادت تي زبردستي قابض آهي۔جي ناڪام ڪوشش آهي ته هو پنهنجي ناني جي لهجي جي نقل ڪندي ان جي ئي باڊي لينگويج کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو۔اتي شريف خاندان ڀٽو جيان جلسي ۾ مائيڪ کي ڌڪا ڏئي ڪري ڪيرائي ٿو ۽ ڀٽو جي سحر ۾ مبتلا ٿيڻ جو اقرار ڪري ٿو۔ساڳئي ريت عمران تاريخ سان راند ڪندي پاڻ کي ڀٽو جي طرز جو سامراج مخالف يا اسٽيبلشمنٽ جي هٿان انتقامي ڪارواين جو شڪار قرار ڏيئي ٿو ۽ تحريڪ انصاف جي سوشل مڊيا ٽرول ڏينهن رات عمران خان جي ڀيٽ ڀٽو ىسان ڪرائين ٿا۔ڀٽو جو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪردار متنازعه هئڻ جي باوجود سڀني کان چٽو رهيو آهي۔ڪيڏي نه عجيب ڳالھ آهي ته ڀٽو جا مخالف جڏهن ڀٽو ۾ ڪا مثبت شيء دريافت ڪن ٿا اهي سندس جون تاريخي غلطيون هونديون آهن۔جن جي ڪري هو پنهنجي پارٽي جي بنيادي سوشلسٽ پروگرام کان ڏور ٿيندو ويو ايستائين ته پنهنجي حمايت به وڃائيندو ويو۔ٻيئي پاسي هڪ جارحاڻي عوامي تحريڪ جي زور جي تحت ڪشادي نيشنلائيزيشن ۽ لينڊ ريفارمز جي ڪوشش جهڙا جيڪي حقيقي انقلابي قدم ڀٽو کنيا۔ڀٽو جي پنهنجي پارٽي ان کان ايتري شرمسار ڏيک ڏيئي ٿي جيئن اها تمام وڏيون غلطيون پئي ڪري۔پٽو جا اهي سرڪاري جان نشين گذريل ڪيترين ئي ڏهائين کان ان جي زندگي جي انقلابي نظرين۔واقعن ۽ قدمن کان مسلسل ڏور ڀڄڻ ۾ مصروف آهن۔انهن کي ڊپ آهي ته ڪٿي اهي ڀٽو جي نظرين سان سلهاڙيل نظر اچي ويا ته رياست ۽ سامراج جي پيروڪاري تي مشتمل انهن جي سياست وڏي خساري جو شڪار ٿي ويندي ۔اڄ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن جي انهيء نظرياتي و سياسي روش جي تحت پيپلز پارتي جي زوال پذيريء عمران جهڙن رجعتي ڪردارن جو رستو صاف ڪيو آهي۔
پاڪستان جي سياست ڪيترين ئي ڏهائين تائين ڀٽو ۽ اينٽي ڀٽو ۾ ورهايل رهي۔جنهن ۾ ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر جي ورهاست جو تاثر غالب هو۔اها نظرياتي ورهاست 80 جي ڏهائي ۾ هڪ پاسي ڀٽو ۽ ٻيئي پاسي ضيا الحق جي سياسي وراثت جي اصطلاحن جي تحت به لکي ۽ چئي ويندي رهي۔تڏهن ڀٽو جا وارث هئڻ جا دعويدار اهي ماڻهو هوندا هئاجيڪي سامراج۔سرمائيداري ۽ جاگيرداري جي مخالفت ڪندا هئا۔ذاتي ملڪيت جي بجاء قومي ملڪيت جو دفاع ڪندو هئا۔مفت تعليم و صحت جا مطالبا ڪندا هئا۔مزدورن جي ڪلهي سان گڏ ڪلهو ملائي ڪري انهن جي ويڙھ وڙهندا هئا ۽ مقامي و عالمي اسٽيبلشمنٽ جي ڪٽر مخالفن ۾ شمار ٿيندا هئا۔جڏهن ته سرمائيداراڻن نظرين جي حامي ضيا الحق جا سياسي پوئلڳ يا وارٽ۔قدامت پرست۔رجعت پرست۔سامراجي فرمانبردار ۽ عوام دشمن قوتن جا دوست سڏيا ويندا هئا۔
مگر خاص طور تي سوويت يونين جي وکرڻ ۽ نيولبرل سرمائيداري جي يلغار جي نتيجي ۾ جنم وٺڻ واري عالمي صورتحال ۽ پاڪستاني معاشري و سياست جي شديد کوٽ جي تحت اهو منظر عجيب طريقي سان بدلجي چڪو آهي۔ اهو دلچسپ مگر خطرناڪ منظر پاڪستان جا ماڻهو هر ڏينهن ڏسن ٿا ته پاڪستان ۾ سياسي ورهاست واري لڪير جي ٻنهي پاسي سامراجي ڳٺ جوڙ،سرمائيداري جا رکوالا،ضيا الحق جا سياسي وارث،منڊي جي معشيت جا مالڪ ۽ ملٽري بيوروڪريسي سان جوڙ توڙ تي يقين رکڻ وارا هڪ ٻيئي سان گڏ مليل آهن۔ ائين نظرياتي حوالي کان ڏسو ته اها سياسي ورهاست ۽ لڪير به بي معني ۽ نقلي ٿي وڃي ٿي۔ليڪن ان سموري منظرنامي ۾ افسوسناڪ ڳالھ اها آهي ته ڀٽو جي وارث سڏرائڻ واري پيپلز پارٽي تي قابض فرد به انهن ڌرين منجهان هڪ سان گڏ بحيثيت تعاون ڪندڙ ۽ اتحادي بيٺا آهن۔ڀٽو کي عوام جو هردل عزيز ليڊر و اڳواڻ بنائڻ وارا نظريا ڪهڙا هئا۔ان ڳالھ کي ڪتابي ٽڪرو بڻائي ڪري هڪدم وساريو ويو آهي۔جڏهن ته ڀٽو جي نالي تي سياست ڪرڻ وارن پاڪستان پيپلز پارٽي کي مسلم ليگ جي ماتحت ئي ناهي ڪيو بلڪ مسلم ليڱي نظرين جي پوئواري به اختيار ڪري ورتي آهي۔نجڪاري جي حمايت ڪئي وڃي ٿي۔روزگار جي بجاء امداد۔خيرات ۽ ڪجھ روپيا ماهوار سامراجي سپورٽ پروگرام طور هلايا وڃن ٿا۔ آخري تجزيي ۾ ڀٽو کي سامراجي و سرمائيداراڻي نظام جي خلاف قدم کڻڻ تي مقامي آقائن جي مدد سان قتل ڪيو ويو۔مگر ڀٽو جي نالي تي ووٽ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ وارا سرمائيداري جا مڪمل پٺو بڻجي ڪري ان جي پارٽي کي بنيادي سوشلسٽ پروگرام و منشور کان ڪوهين ڏور وٺي ويا آهن۔پيپلز پارٽي جي سياست کي ان قدر تباه ڪيو ويو آهي۔ان جو منهن مهانڊو ان حد تائين بگاڙو ويو آهي ته هڪ وقت ۾ عوامي سياست ۽ سوشلسٽ نظريا رکڻ واري ڀٽو جي پارٽي سان هن وقت جي پارٽي سان ڀيٽ ڪرڻ مشڪل آهي۔تاريخ جو اهو الميو آهي ته تاريخ کان ڪو نٿو سگهي۔اڄ بدعنواني۔رياستي ايمان تي ڪرڻ واري سياسي جوڙ توڙ۔استحصالي نظام جي سهوليت ڪاري ۽ ملڪي و عالمي طاقتن جي سنهيء ڪرڻ ئي پارٽي جو منشور بڻايو ويو آهي۔هڪ ملڪ گير سياسي قوت کان صوبائي پارٽي جي سفر تائين قيادت نه صرف مطمئن آهي بلڪ پنهنجيون سموريون پاليسيون به اقتدار ۾ انهي مفاد پرستاڻي حصيداري جي مطابق ترتيب ڏيئي ٿي۔اهوئي سبب آهي ته اڄ پيپلز پارٽي کي اصلي فرد الوداع ڪري چڪا آهن۔بس انهيء وٽ صرف ڀاڙي جا ڪارڪن رهيا آهن۔
ڀٽي جيڪي نظرياتي غلطيون پنهنجي سياسي زندگي جي دوران ڪيون هيون اهي سندس جي پنهنجي زوال ايستائين ته موت جون ڪارڻ بڻيون هيون۔جنهن جو اعتراف هن موت جي ڪوٺڙي ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب”جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو!”۾ ڪيو آهي۔ليڪن ڀٽو کانپوء پارٽي قيادتن انهن ئي غلطين کي اڳتي وڌايو بلڪ انهن کي ڏوهن ۾ بدلائي چڏيو۔فرق اهو آهي ته ڀٽيء پنهنجين غلطين جو اعتراف ڪيو ۽ساھ ڏئي ڪري به پاڻ کي امر ڪري ويو۔مگر ڀٽو کانپوء وارين قيادتن انهن ئي غلطين کي پارٽي جي سياست بڻائي ڪري پارٽي جي ساک۔سڃاڻپ ۽ عوامي حمايت کي وڏو ڪاپاري ڌڪ هنيو۔اها پارٽي جيڪا ڪنهن وقت ۾ چئني صوبن جي زنجير هوندي هئي ۽ عوامي طاقت سان رياستي و فوجي ڏاڍ کي شڪست ڏيندي هئي۔اڄ اسٽيبلشمنٽ سان ايتري سلهاڙجي چڪي آهي ته لاشعوري طور تي رياستي ادارن تي تقيد ڪري به ٿي ته ٻيئي ڏينهن معافي وٺي چڏي ٿي۔نه صرف پارٽي کي سياسي وارلارڊر جي هٿان ڳھ رکي چڏيو آهي بلڪ پارٽي تنظيمن کي به غير موثر ۽ غير سياسي بڻايو ويو آهي۔موجوده دور جي پارٽي گيم ۾ آصف علي زرداري عوام دشمن طاقتن سان جوڙ جوڙ(نام نهاد مفاهمت) ۾ جيڪا مهارت حاصل آهي ان جو بنياد غير اصولي ۽ غير نظرياتي بنياد آهن۔ان ڪيفيت ۾ پارٽي وري کان گهٽ يا وڌيڪ”ڪوالي فائي“ ته۔ڪري چڪي آهي۔مگر محنت ڪش طبقن جي حمايت کان عملي طور تي محروم به ٿي چڪي آهي۔ماضي ۾ پارٽي ۾ نظرياتي ڪارڪنن کي عزت ۽ اهميت ملندي هئي۔اڄ کين نفرت جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ پارٽي عهدن۔عزت ۽ قيادت تائين پهچ جي لا۽ سياسي نجڪاري جو طريقو اختيارڪيو ويو آهي۔
دولت ۽ سماجي مرتبو هر قرباني۔نظريي ۽ جدوجهد تي غالب اچي چڪو آهي۔ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي بلاول زرداري‘ضيائالحق جي سياسي باقيات(شريف بردران)جي ڏوهن جو شريڪ بڻجي ڪري ضيا الحق جي ٻيئي سياسي جانشين (عمران خان)کي للڪاريندي ڪيترو ٺٺول جهڙو منظر تخليق ڪندي ڏيک ڏيئي ٿو۔ڀٽو کي سندس دشمن ته نه ماري سگهيا‘نه ماري ٿي سگهيا هئا۔ليڪن ڀٽو پنهنجن سرڪاري وارٽن جي هٿان زخمي ضرور ٿي چڪو آهي۔اڄ وقت جي گهرج آهي ته نظام سان مصالحت تي مشتمل ڀٽو جي غلطين‘جن جو اعتراف هن زندگي جي آخري پلن ۾ پاڻ ڪيو‘کان سبق سکيو وڃي ۽ سوشلسٽ نعرن ‘پروگرام ۽ مطالبن تي مشتمل هن جي حقيقي ميراٽ کان نئين نوجوان نسل کي روشناس ڪرايو وڃي۔سڀ کان وڌي ڪري هڪ انقلابي پارٽي جي شڪل ۾ انقلاب جو اهو سياسي اوزار تيار ڪيو وڃي جنهن جو متبادل پيپلز پارٽي جهڙي ڪا سياسي پارٽي نه ٿي سگهندي هئي‘نه ٿي سگهي ٿي۔










