ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ماسڪو ۾ ڌماڪي ۾ ٽي قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي راڄڌاني ماسڪو ۾ هڪ ريسٽورنٽ ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ 21 زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪجهه جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ عورت ريسٽورنٽ ۾ ڌماڪيدار مواد کڻي آئي، ۽ اهو هڪ ٺهيل بم هو. سيڪيورٽي گارڊ عورت کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ان وقت ڌماڪو ٿيو.
ان حوالي سان روسي وزارت داخلي معاملن سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته ڌماڪو رات جو 8 وڳي ٿيو.
پوليس موجب، سيڪيورٽي فورسز ريسٽورنٽ ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ علائقي ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا پيا وڃن.










