بَسٽيان ويلينگا\ طفيل مگسي
هندستاني حقيقتن جي پيچيدگين ۽ مونجهارن کي گانڌي جي شخصيت ۽ ڪم ۾ پنهنجو اوتار مليو. 1919ع ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي اڳواڻ طور اُڀرڻ کان وٺي ملڪ جي اندر توڙي ملڪ کان ٻاهر رھندڙ مارڪسسٽن کيس سمجهڻ ۽ انقلابي تحريڪ لاءِ سندس اهميت جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ڪم ڪيترو ڏکيو هو، ان جو ھن ڳالھ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن کي مهاتما گانڌيءَ بابت ڪيل پنهنجي فيصلن تي بار بار نظرثاني ڪرڻي پئي . اڳڪٿيون ته ھن جي قيادت سندس پسماندگيءَ سبب ٿوري وقت لاءِ آ ۽ خودبخود ختم ٿي ويندي پڻ غلط ثابت ٿي. اھي اڳڪٿيون ته هو قومي تحريڪ سان خيانت ڪندو ان جو پورائو نہ ڪندو . ايستائين جو گانڌي کي بورجوا ليڊر جي طور تي درجه بندي ڪرڻ لاءِ به وضاحت جي ضرورت هئي، توڙي جو هن آزاديءَ کان پوءِ ڪانگريس حڪومت سان پنهنجو فاصلو رکيو. اهو ظاهر ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ هن جو ذاتي مقصد صرف بورجوازي کي طاقت ڏيڻ نه هو. گانڌيءَ جي هڪ متوازن مجموعي جائزي وٺڻ کان کان اڳ ڪجھ وقت لڳي ويو ھو . اڄڪلهه مارڪسي اديبن کي پوئتي ڏسندي گانڌي بابت اڳئين نقطه نظر جي خامين کي تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کي مجموعي طور تي هندستاني سماج ۽ ثقافت جي خصوصيتن کي سمجهڻ جي خامين جي حوالي سان ڏسندا آهن.
گانڌي جي باري ۾ ڪميونسٽ روين جي پنهنجي تاريخي سروي ۾، ايس جي سرديسائيS G ٻڌائي ٿو ته سي پي آءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ آف انڊيا ڪڏهن به گانڌي ۽ گانڌيزم کي پنهنجي مجموعيtotality ۾ نه سمجهي سگهي آهي ۽ هو ان ناڪاميءَ جي وضاحت ڪري ٿو ته ڪميونسٽ خاص طور تي هندستان جي انهن مخصوص مسئلن جهڙوڪ هندو-مسلم اتحاد، اچھوت، اڻڄاڻائيءَ کي نه سمجهڻ ،
ٻوليءَ جو مسئلو ۽ عورتن جي شموليت ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي سمجھي نہ سگھيا سرديسائي وڌيڪ چوي ٿو تہ اهڙيءَ طرح، مان دنيا جي سڀ کان پيچيده سماجي تنظيم جي بيشمار سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي مسئلن جو حوالو ڏئي سگهان ٿو، يعني ڪي مڌر انڊيا جو ، جنهن کي گانڌي پوري سنجيدگيءَ سان اٿاريو. جيڪڏهن هن ڪجھ مسئلا حل نه ڪيا، ته هو گهٽ ۾ گهٽ انهن بابت حساس هو.
ھع وچين دور جي سڀني سماجي نظرين کي، جيڪي هاڻوڪي تناظر ۾، طبقاتي تعاون جا نظريا هئا، گانڌي هندستان کي ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ اسان کان بهتر ڄاڻي ۽ سمجهي سگهيو.
سندس مذهبي، سماجي، اخلاقي ۽ فلسفيانه نظريا قديم هئا، جيڪي هندستان جي پسماندگيءَ جو اظهار آهن. پر، اهڙيءَ طرح، اُهي ’لکين هندستاني عوام جي تمنا ۽ اُميدن جو اظهار پڻ هئا، جيڪي نئين زندگي ۽ جدوجهد لاءِ بيدار ٿيا.










