مائرن جون جهوليون خالي ڪندڙ نظام!!

مائرن جون جهوليون خالي ڪندڙ نظام!!

منظور کوسو
ڪافي وقت کان اهو ڏٺو ويو آهي ته چونڊن ۾ ڪابه هڪ سياسي پارٽي ايتري اڪثريت حاصل نٿي ڪري سگهي، جو اها اڪيلي سر عوامي مفادن کي سامهون رکندي هڪ آزاد ۽ خودمختيار حڪومت جوڙي سگهي.1954ع کان وٺي پاڪستان ۾ حڪومتن جي اچ وڃ ۽ سياسي عدم استحڪام جي تاريخ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر جيڪڏهن 1988ع کان حساب شروع ڪجي ته وفاق ۾ ٺهندڙ موجوده حڪومت کي به مخلوط حڪومتن جي ان سلسلي جي پنجين ڪڙي چئي سگهجي ٿو.مخلوط حڪومت اصولي طور تي جمهوريت جو ڪو عيب ناهي. دنيا جي ڪيترن ئي جمهوريتن ۾ اتحادي حڪومتون ٺهن ٿيون ۽ پنهنجو مدو به ڪاميابيءَ سان پورو ڪن ٿيون. اصل سوال حڪومت جي جوڙجڪ کان وڌيڪ حڪومت جي معيار ۽ طرزِ حڪمراني جو آهي.
اسان وٽ جڏهن اتحادي حڪومت ٺهي ٿي ته پوءِ اقتدار جو انگ اکر ئي سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي وڃي ٿو. هر اتحادي کي خوش رکڻو آهي، هر ناراض ساٿي کي پرچائڻو آهي، هر مطالبي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي، ۽ هر وقت حڪومت ڪيرائڻ جي خطري کي منهن ڏيڻو آهي. اهڙي ماحول ۾ سياسي بليڪ ميلنگ، بارگيننگ ۽ هارس ٽريڊنگ لاءِ ميدان پاڻمرادو تيار ٿي وڃي ٿو ءِ پوء قابليت پوئتي رهجي وڃي ٿي ۽ سياسي ضرورت اڳتي اچي وڃي ٿي.
وزارتن جي بندربانٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا فيصلا به سامهون اچن ٿا، جن تي عام ماڻهو حيران رهجي وڃي ٿو. مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي وفاق جي صحت جهڙي انتهائي اهم وزارت ڏني وڃي ته فطري طور تي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ان عهدي لاءِ سندس ڪهڙي پيشورانه، انتظامي يا طبي قابليت کي بنياد بڻايو ويو؟
اسان وٽ هڪ ڪلارڪ يا استاد ڀرتي ڪرڻ لاءِ تعليمي قابليت، ٽيسٽ، انٽرويو ۽ ٻين مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو، پر اربين رپين جي بجيٽ واري وزارت جو قلمدان ڪنهن جي حوالي ڪرڻ وقت اهڙي قابليت ۽ اهليت جي جانچ ڇو نظر نٿي اچي؟
صحت واري وزارت ڪو معمولي کاتو ناهي. هتي ماڻهن جي زندگين جو سوال آهي. اسپتالون، دوائون، طبي سهولتون، ايمرجنسي سروسز، نرسنگ، حفاظتي نظام ۽ صحت جي پاليسي اهي سڀ معاملا ڪنهن سياسي سوديبازي کان وڌيڪ قابليت ۽ ذميواري جا محتاج آهن.
جڏهن وزارتون اهليت بدران اقتدار قائم رکڻ لاءِ ورهايون وڃن ته پوءِ حڪومتي نظام مان ڪارڪردگي جي ڪهڙي اميد رکجي.
۽ جڏهن نظام ڪمزور ٿيندو آهي ته ڪرپشن جا دروازا کلندا آهن، انتظامي نااهلي وڌندي آهي ۽ ان جو آخري بار هڪ ڳري ڇپ بڻجي عوام مٿان ڪرندو آهي۔
حڪومت جيڪڏهن عوام جي مسئلن بدران ڏينهن رات پنهنجي حڪومت بچائڻ ۾ مصروف هجي ته پوءِ هو عوام جي مسئلن کان لاتعلق ٿي وڃي ٿي۔
اتحادين جو رسڻ، پرچڻ، ناراض ٿيڻ، اتحاد مان الڳ ٿيڻ جون ڌمڪيون، نون صوبن جون فرمائشون، اقتدار ۾ پنهنجي حصي لاءِ مسلسل سوديبازي ۽ ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ جون پنهنجون پاليسيون اهڙي ماحول ۾ حڪومت جي سڄي توانائي عوامي مسئلن جي حل بدران اقتدار جي انگ اکرن کي بچائڻ ۾ خرچ ٿيڻ لڳي ٿي،پوء انهن حالتن ۾ نتيجو اسان جي سامهون آهي.
عوام جا اصل مسئلا مهانگائي، بيروزگاري، صحت، تعليم، امن امان، بجلي، پاڻي ۽ ادارن جي تباهي اهي سڀ ڳالهيون پوئتي رهجي وڃن ٿيون، جڏهن ته سياستدانن جي پاڻ ۾ ڄنڊاپٽ، هڪ ٻئي خلاف بيان بازي، افواهون ۽ سياسي هل هنگامو ئي خبرن جو مرڪز بڻجي وڃي ٿو.ان سڄي سياسي راند جي قيمت عوام ادا ڪري ٿو۔
۽ ڪڏهن ڪڏهن اها قيمت ايتري وڏي هوندي آهي، جنهن جو ازالو ڪنهن به انڪوائري، معطلي يا تعزيت سان ممڪن نٿو رهي.
اسلام آباد جي پمز اسپتال جي نرسري ۾ پيش آيل باهه جو واقعو ان جو هڪ انتهائي دردناڪ مثال آهي. پندرهن گلن جهڙا معصوم ٻارڙا سڙي مري ويا. انهن ٻارڙن جون مائرون جيڪي اميدون کڻي اسپتال آيون هيون، انهن دردن ماريل مائرن جي جهولين ۾ جڏهن گلن بدران لاش موٽيا ته ان درد جو ته ڪو حساب ئي ڪونهي.
ڪنهن ماءُ کي اهو ڪيئن سمجهايو ويندو ته سندس ٻار جي موت جي انڪوائري ٿي رهي آهي؟ڪنهن امڙ جيزخمي دل تي اها ڳالهه ڪيئن مرهم ثابت ٿيندي ته ذميوار آفيسر معطل ڪيو ويو آهي؟اهي زخم پهن سان نه ڀربا، نه ڪنهن حڪومتي حڪم سان، نه ڪنهن پريس ڪانفرنس سان.
رپورٽن موجب وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن دوران پمز کي لڳ ڀڳ 22 ارب رپيا بجيٽ جاري ڪئي. گذريل سال 6 ارب 84 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا، جڏهن ته اسپتال انتظاميه پاران 7 ارب 51 ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ جو انگ سامهون آيو. هلندڙ سال لاءِ به 7 ارب 63 ڪروڙ رپيا بجيٽ رکيل آهي.سوال اهو آهي ته جڏهن اسپتال کي اربين رپيا ملن ٿا ته پوءِ نرسري جو خراب ايئرڪنڊيشننگ نظام درست ڇو نه ٿي سگهيو؟ايمرجنسي جي صورت ۾ فائر سيفٽي جو مناسب نظام ڇو موجود نه هو؟
ڊيوٽي تي گهربل عملو ڇو موجود نه هو؟
دروازن تي تالا ڇو لڳل هئا؟
۽ سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها ته باهه وسائڻ لاءِ ايندڙ عملي کي اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڀت ٽوڙڻي پئي!۽ تڏهن گهڻي دير ٿي چڪي هئي.
ان سموري صورتحال ۾ هڪ ٻار کي سندس ماسي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ٻرندڙ نرسري مان ٻاهر ڪڍيو، جنهن جا وار به سڙي ويا. اهو منظر انساني همت جو به مثال آهي ۽ اسان جي انتظامي نااهليءَ تي هڪ وڏو سوال به.
هڪ طرف هڪ عورت پنهنجي جان خطري ۾ وجهي هڪ ٻار کي بچائڻ لاءِ باهه ۾ داخل ٿي رهي هئي، ٻئي طرف اهو سوال پنهنجي جاءِ تي بيٺو آهي ته جنهن اداري وٽ اربين رپين جو بجيٽ، عملو ۽ انتظام موجود هو، اتي اهڙي ايمرجنسي لاءِ تياري ڇو نه هئي؟حادثو اوچتو ضرور ٿيندو آهي، پر حادثي کان بچاءَ جون تياريون اوچتي ناهن ٿينديون.
باهه اوچتو لڳي سگهي ٿي، پر فائر سيفٽي سسٽم اڳواٽ لڳايو ويندو آهي.ايئرڪنڊيشنر اوچتو خراب ٿي سگهي ٿو، پر ان جي مرمت ۽ سار سنڀال جو نظام اڳواٽ موجود هجڻ گهرجي.
ايمرجنسي اوچتو اچي سگهي ٿي، پر ايمرجنسي پلان اڳواٽ تيار هوندو آهي۔سرڪار واقعي کان پوءِ سيڪريٽري هيلٿ کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ٽي انڪوائري ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون. يقيناً جيڪڏهن ڪنهن جي غفلت ثابت ٿئي ٿي ته ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. پر سوال اهو آهي ته ڇا هر ڀيري لاش گرڻ کان پوءِ ئي نظام جاڳندو؟ڇا اسان وٽ ادارا ان لاءِ آهن ته حادثي کان پوءِ انڪوائري ڪميٽيون ٺاهيون وڃن، يا ان لاءِ ته حادثو ٿيڻ کان اڳ ان کي روڪڻ جا انتظام ڪيا وڃن؟اسان جي حڪمرانيءَ جو سڀ کان وڏو الميو شايد اهو ئي آهي ته اسان وٽ احتساب کان وڌيڪ حادثن کان پوءِ ردعمل نظر اچي ٿو.جڏهن ڪو واقعو ٿي وڃي ٿو ته پوء معطليون ٿين ٿيون، انڪوائريون ٿين ٿيون، اجلاس ٿين ٿا، بيان جاري ٿين ٿا ۽ تعزيتون ڪيون وڃن ٿيون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڀ ڪجهه معمول تي اچي وڃي ٿو، پر جيڪي ماڻهو هليا وڃن ٿا، اهي واپس نٿا اچن.
جمهوريت يقيناً هڪ بهترين نظام آهي. پر جمهوريت رڳو ووٽ ڏيڻ، حڪومت ٺاهڻ ۽ وزارتون ورهائڻ جو نالو ناهي. جمهوريت جو اصل روح عوام جي حڪمراني، ادارن جي خودمختياري، احتساب، ميرٽ، شفافيت ۽ عوامي ڀلائي ۾ آهي.جارج برنارڊ شا جمهوريت بابت سخت تنقيد ڪندي چيو هو ته عام ماڻهو ۾ ايتري سياسي سمجهه ناهي جو هو پنهنجي لاءِ صحيح حڪمران چونڊي سگهي،موجوده حالتن ۾ اها ڳالھ اسان تي سئوفيصد صادق اچي ٿي۔ڇاڪاڻ ته اسان اڪثر چونڊن کي پاليسين ۽ ڪارڪردگيءَ بدران شخصيتن، ذاتين، پارٽين، برادرين ۽ نعريبازيءَ جي بنياد تي ڏسندا آهيون.حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهنديون، اتحاد ٺهندا ۽ ٽٽندا رهندا، وزارتون ورهائبيون ۽ قلمدان تبديل ٿيندا رهندا پر عوام کي هڪ اهڙي حڪمراني گهرجي، جيڪا سندس زندگي محفوظ ڪري.
جنهن ماءُ جو ٻار اسپتال جي نرسري ۾ سڙي مري ويو، ان لاءِ حڪومت ڪهڙي پارٽيءَ جي آهي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي.
ان لاءِ سوال صرف ايترو آهي:
منهنجو ٻار ڇو مري ويو؟
۽ شايد اسان جي حڪمرانن وٽ هن سوال جو سڀ کان ڏکيو جواب اهو ئي آهي.
ڇو ته ان جو جواب ڪنهن هڪ آفيسر جي معطليءَ ۾ ناهي، ڪنهن هڪ انڪوائري ڪميٽيءَ ۾ ناهي ۽ ڪنهن تعزيتي بيان ۾ ته بلڪل به ناهي.
ان جو جواب سڄي حڪومتي نظام، انتظامي نااهلي، سياسي مصلحتن ۽ ميرٽ جي قتل ۾ لڪل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو