ماءُ! جيجل تنهنجي عظمت کي سلام

ماءُ! جيجل تنهنجي عظمت کي سلام

تحرير:ُ ميرحسن رند
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پيار محبت ڪندڙ ۽ پنهنجن ٻچڙن تي ساھ سر جيءُ گهوريندڙ ان جيجل امڙ کي ڪيتريون ئي ڀيٽائون ڏجن پوء به اهي سندس عظمت کان گهٽ ھونديون هي ڏينهن اهو موقعو هوندو آهي جڏهن ماڻهو پنهنجي امڙين جيجل مائرن لاء پنهنجي محبت ۽ احترام جو اظهار ڪندا آهن هن ڏينهن تي ماڻهو پنهنجي امڙين کي اهو احساس ڏياريندا آهن ته هو يعني جيجل امڙ اسان لاء همشيه اهم آهي ۽ هميشه اهم ئي رهندي
ماءُ جي جھولي پنهنجي اولاد لاء هڪ بهترين قيمتي درسگاهه مثل آهي، جيڪڏهن هڪ ماءُ پڙهيل لکيل ۽ باشعور هجي ته هن ڌرتي تي ڪڏهن ڪوبه فساد نه ٿي سگهندو هن معاشري کي ترقي وٺرائڻ لاءِ صحت مند ۽ باشعور جيجل ماءُ جو هجڻ لازمي آهي. ماءُ جي محبت هڪ فطري محبت جو لقاءُ هوندي آهي. ماءُ جي محبت جي، سموري دنيا اندر وڏي طويل تاريخ پئي آهي. جيجل امڙ ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي عظيم ترين هستي آهي.
اڄ سڄي دنيا ۾ جيجل امڙين مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اهو اولاد وڏو خوش نصيب آهي جنهن تي ماءُ جي شفقت جو پيار ڀريو ھٿ آهي، ماءُ دنيا جي اها هستي آهي، جنهن جي محبت غير مشروط هوندي آهي، جنهن ۾ ڪا لالچ نه هوندي آهي، پاڪ محبت وارو تصور فقط ماءُ جي محبت سان ئي ڳنڍيل آهي، اولاد جي سکن،ڏکن ۽ خوشحالي مٿان جان مال قربان ڪرڻ جو ٻيو نالو ئي جيجل ماءُ آهي جيڪا پنهنجو پيٽ خالي رکي به پنهنجي اولاد جو پيٽ ڀريندي آهي. هي اھو عظيم رشتو آهي جنهن جي عظمت لاءِ حديث شريف ۾ آيو آهي ته ”جنت ماءُ جي پيرن ھيٺيان آهي“ ماءُ جو عالمي ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ دنيا ۾ ڪا به ھڪ متفق تاريخ طئي ٿيل نه آهي، هن ڏينهن کي مَلِھائڻ جو مقصد پنھنجي ماءُ جي اهميت اجاگر ڪرڻ، سندس خدمت ڪرڻ، ۽ امڙ کي خوشي ڏيڻ آهي.هيءُ ڏينهن هر سال مئي جي ٻئي هفتي جي آچر تي ملهايو ويندو آهي.
سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻولي به هڪ ماءُ جيان آهي، هر وقت ۽ هر جاءِ تي ماءُ جي محبت مان تازگي محسوس ٿيندي آهي. اڄ جا هي پل ۽ ڏينهن ان عظيم هستيءَ جي نانءِ جنهن مون جهڙن اربين وجودن کي پنهنجي وجود مان تخليق ڪري هن جهان ۾ آندو. انسان جي ڪينواس تي جڏهن ماءُ جو لفظ تري ايندو آهي تڏهن دنيا جون ٻيون سموريون چاهتون، لذتون ۽ محبتون ڪوماڻيل ۽ مرجهايل لڳنديون آهن. اسان کي گهرجي ته ماءُ جي تاريخ کي پڙهي پنهنجي زندگيءَ کي پنهنجن ٻچن لاءِ بهتر بڻايون. گهر اندر جيجل ماءُ اسان کي تاتي ٿي ۽ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن بابت ٻڌائي سمجھائي ٿي. افسوس جو اڄ جي دور ۾ ڪافي هنڌن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ماءُ سان بدترين سلوڪ اختيار ڪيو وڃي ٿو.
ٿورو سوچيو وڃي ته، ڪا ته آهي جيڪا بنا مفاد توڙي لالچ جي هميشه اسان جو ڀلو چاهي ٿي، هر پل هر گهڙي پنهنجو ساهه اسان تي نڇاور ڪري ٿي، خدا کان پو۽ اسان جو سڀ کان وڌيڪ خير خواهه اسان جي پنهنجي جيجل امڙ جنهن کي اسان جيجان چئون، امان چئون يا ڪجهھ به چئون وري به ته عڪس ان جو ئي ٿو ٺهي جنهن کي دل جيجل چئي مخاطب ٿيندو آهي.
لفظ کوکلا ٿي ويندا، لکڻ وارا لکي لکي ٿڪجي پوندا پر پو۽ به سندس هڪ رات جي ڪيل اوجاڳي جي قيمت ادا ڪونه ڪري سگهندا، قدرت سندس شان، عظمت توڙي محبت کان واقف هئي تڏهن ته سندس قدمن جي هيٺيان جنت رکي اهو ثابت ڪري ڇڏيائين ته امڙ کي رنج، تڪليف توڙي ايذاءُ ڏئي ڪوبه مومن جنت جو حقدار ڪونه ٿو ٿي سگهي. جيجل اها هستي آهي جنهن جي محبت جا پئمانا پنهنجي اولاد لا۽ هميشه پُر هوندا آهن، سندس اکڙيون هميشه ان اوسيئڙي ۾ هونديون آهن ته سندس ٻچا ڪي گهڙيون ڪي پل ساڻن ڪچهريون ڪن، ڪي حال احوال ڪن، ڪي دل جون ڳالهيون ڪن، ته جئين سندس ٿَڪ لهن، سندس نيڻ ٺرن، اسان مان اڪثر فرد پنهنجي روشن مستقبل جي يڪا يڪ ڊوڙ ۾ اهو وساري ويهندا آهن ته سندن هڪ جيجل ماءُ به آهي، جنهن سان ڪي مٺا ٻول ٻولي هو سندس دعا حاصل ڪري سگهن ٿا، پنهنجي محنتن جو حال احوال ان جيجل سان اُوري سگهن ٿا.
اسان اهڙا به صالح اولاد ڏٺا جن پنهنجن امڙين جي جيئري ڪنهن به قسم جي خدمت گذاريءَ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي هئي، جن جو رشتو جيجل سان هڪ گهري دوست وارو رشتو هو، جيڪي هڪ ٻئي سان ڏک سک توڙي دنيا جا معاملا اوريندا هئا، مون سندن ڳاٽ هميشه اُچو ڏٺو، قدرت واري سندن امڙ جي خدمتن جي عيوض کين قسمت ۾ عزت، شان، مان توڙي دولت جا دروازا کولي ڇڏيا، ائين به ناهي جو دولت يا وري هي سڀ ڪجهھ ايندي هو بدلجي ويا، هو ته ويتر ان قابل ٿي ويا ته سندن جيجل جي خدمت گذاريءَ ۾ متان ڪنهن قسم جي ڪا ڪمي رهجي وڃي، هو اڃا ڀڙ ٿيڻ لڳا، اسان کي سندن قسمت تي رشڪ ايندو آهي اسان اهو اڪثر سوچيندا آهيون ته ڪاش اسان مان هر ڪو فرد پنهنجي جيجل امڙ سان سهڻي سلوڪ ۽ پيار محبت وارو ورتاءُ ڪري، گهٽ ۾ گهٽ هر روز سندس چهري ڏي نهاريندي رڳو صرف مسڪرائي ته به اهو ڪنهن نيڪيءَ کان گهٽ ناهي.
اڪثر ماهرن جي رپورٽن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن به ڪنهن گهر ۾ نياڻيءَ جو اولاد پيدا ٿيندو آهي ته ان تي ڪافي گهر وارن جي چهرن جا رنگ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ هڪ دم انهن جي سوچ اهو ڦيرو کائيندي آهي ته هيءَ الائي ڇا نصيب کڻي آئي آهي، اهي سوچون ته گهر جي ڪجهه ڀاتين جون هونديون آهن پر گهر جي وڏڙن کي اهو چوندي ٻڌو ويندو آهي ته نياڻي الله تعاليٰ جي رحمت هوندي آهي ۽ نياڻي ته پنهنجي ماءُ پيءُ جي لاء ڇپر ڇانوَءُ جيان رهندي آهي، جتان هوءَ سڀ ڪجهه سکندي آهي، مطلب گهر کي صاف سٿرو ڪيئن رکڻو آهي، ڀاڄي ماني ڪيئن پچائڻي آهي، گهرجي ڪهڙي شيءِ ڪٿي رکڻي آهي، هن کي هر شيءِ بابت چڱي طرح معلومات ڏني ويندي آهي ته جيئن سڀاڻي جڏهن هوءَ ٻئي گهر وڃي ته هن کي ڪا مشڪل پيش نه اچي. ائين ئي آخرڪار اهو ڏينهن به ايندو آهي جڏهن هن کي هڪ گهر ڇڏي ٻئي گهر شادي ڪري وڃڻو پوندو آهي. اھا ماءُ ئي ھوندي آھي جيڪا پنھنجي ڌيءَ کي بھترين تربيت ڏيئي کيس ھڪ سٺي زال ۽ بھترين ماءُ بڻائيندي آھي.
ماءُ کي عظمت ۽ احترام جو درجو ڏيئي دنيا ۽ آخرت جون سچيون خوشيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون.ماءُ اها عظيم هستي آهي جنهن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ کان سواءِ سماج ترقي يافته ۽ باشعور بڻجي نه ٿو سگهي. ماءُ جي هنج ٻار جي لاءِ پهرين بهترين درسگاھ هوندي آهي ۽ ماءُ صرف ٻار جي نه بلڪه پوري نسل جي پرورش ڪري ٿي. ان قابل تعظيم ۽ تمام قيمتي اثاثي جي حفاظت ڪريو۔ان سان محبت ڪريو ۽ نرم انداز ۾ پيش اچو۔ماءُ جهڙي عظيم هستي هڪ دفعو هلي وئي ته واپس ڪونه ملي سگهندي، ان دعا جي در کي پاڻ سان ناراض ٿيڻ نه ڏيو۔ بيشڪ محبت جو وڏي ۾ وڏو خاص رنگ جيجل ماء جي مقدس رشتي ناتي سان ئي ڳنڍيل ۽ جڙيل آهي جيڪڏهن مائرون نه هجن ته انسان جو وجود چند سالن ۾ ئي ختم ٿي وڃي دنيا جي بهترين قيمتي شيءَ صرف جيجل ماءُ آهي امڙ جي ڪاوڙ فرضي هوندي آهي عورت جو حسين ترين روپ ماءُ آهي جيجل امڙ اها هستي آهي جنهن جي دامن ۾ ڪنڊا ڪِرن ته اهي به گلاب ٿي پون امڙ جي جهولي انسان جو پهريون اسڪول آهي امڙ خوشبوءَ جو اهڙو بهترين گل آهي جيڪو ڪڏهن به مرجهائجي نٿو سگهي
منهنجون سڀ ارڏايون امڙ جي پيرن ۾؛ منهنجو سڀ وڏايون امڙ جي پيرن ۾؛
آئون ڀلي ٻين لئه خان هجان؛
منهنجا پٽڪا ٽوپيون امڙ جي پيرن ۾؛
دنيا ڳولي بهشت کي هن جهان ۾؛
منهنجي جنت جيجل جي پيرن ۾؛
جنهن انسان کي ماءُ جي ممتا ميسر آهي ان کي ڄڻ دنيا جي وڏي ۾ وڏي نعمت مليل آهي رب پاڪ کان دلي دعاء آهي ته اي ڪريم رب منهنجي جيجل امڙ سميت سموري جهان دنيا ڪائنات جي انسانن جي امڙين کي هميشه شاد ۽ آباد رکجان
آمين ثُم آمين

پهنجو تبصرو موڪليو