لِز ٽَرس برطانيا جي نئين وزيراعظم چونڊجي وئي

لِز ٽَرس برطانيا جي نئين وزيراعظم چونڊجي وئي

لنڊن(ويب ڊيسڪ)لز ٽرس برطانيا جي نئين وزيراعظم چونڊجي وئي آهي. برطانيا جي ملڪا سڀاڻي لز ٽرس کي وزيراعظم جون ذميواريون سنڀالڻ جو چوندي.نئين چونڊيل وزيراعظم لز ٽرس کي ايڪاسي هزار ٽي سئو ڇويهه ووٽ مليا آهن جڏهن ته سندس مخالف رشي سونڪ کي سٺ هزار ٽي سئو نوانوي ووٽ مليا.وزيراعظم جي چونڊ لاءِ يارنهن اميدوار سامهون آيا هئا، پارليامينٽ جي ٽوري ميمبرن جي مختلف مرحلن کانپوءِ لز ٽرس ۽ رشي سونڪ ميدان ۾ بچا هئا. لز ٽرس پهريون ڀيرو ٻه هزار ڏهه ۾ نورفوڪ ذريعي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو هو. لز ٽرس، ڊيوائس ڪيمرون، ٽريزا مي ۽ بورس جانسن جي ڪابينا ۾ ذميواريون ڏئي چڪو آهي.لز ٽرس چونڊ مهم دوران چيو هو ته هو انرجي بلز جي مسئلن سان ڪجهه ئي هفتن ۾ جند ڇڏائي ڇڏيندو.جڏهن ته هن ڪجهه ئي مهينن اندر ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو حڪومتي منصوبا منصوبا پيش ڪرڻ جو به واعدو ڪيو هو.ياد رهي ته اسڪينڊلز سامهون اچڻ کانپوءِ بورس جانس ست جولاءِ تي وزيراعظم واري عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. برطانيا ۾ ٽيويهه جنوري ٻه هزار پنجويهه تي امڪاني نتيجن جي ڪري وزيراعظم کي ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ اٺ سئو ستر ڏينهن ملندا.

پهنجو تبصرو موڪليو