ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار)چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه جي صدارت ھيٺ جانورن جي چمڙي واري بيماري لمپي اسڪن جي حوالي سان اھم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ، ڊي جي لائيو اسٽاڪ سميت لاڳاپيل علمدار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ جانورن ۾ ظاهر ٿيندڙ کل جي بيماري لمپي اسڪن بابت آگاھي ڦهلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اجلاس کي ٻڌايو ته صوبي ۾ ھن وقت تائين 20 ھزار 250 جانورن ۾ لمپي اسڪن بيماري ظاھر ٿي آھي. صوبي ۾ ھن وقت تائين 54 جانورن ھن بيماري سبب مري چڪا آھن. صوبي ۾ 4751 جانور ھن بيماري مان صحتياب ٿيا آھن. سنڌ حڪومت پاران لمپي اسڪن سبب متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ جانورن جي ويڪسين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري لمپي اسڪن جي روڪ ٿام لاءِ جانورن جي ويڪسين ۽ ٻين دوائن جو استعمال جي هدايت ڪئي. متاثر علائقن ۾ جانورن جي چر پر تي پابندي لڳائي وڃي.










