قلندرز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 110 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

قلندرز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 110 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور قلندرز هڪ طرفي ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 110 رنسن تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل تي ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي.پي ايس ايل جي 16هين ميچ لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي وئي.لاهور ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون.لاهور طرفان عبدالله شفيق 45، فخر زمان 36، سيم بلگنز 33، سڪندر رضا 23، مرزا بيگ 20 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.جواب ۾ اسلام آباد جي ٽيم 13.5 اوورن ۾ 90 رنسن تي ڍير ٿي وئي، رحمان الله گرباز 23، ڪولن منرو 18، ٽام ڪرن 10 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.لاهور جي ڊيوڊ ويسي 3، راشد خان، سڪندر رضا 2-2، زمان خان ۽ حارث رئوف هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو