دوحا(ويب ڊيسڪ)قطر ۽ بحرين طرفان باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن قطر ۽ بحرين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي نصديق قطر جي پرڏيهي وزارت طرفان ڪئي وئي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب، گڏيل عرب رياستن، بحرين ۽ مصر جنوري 2021ع ۾ قطر تي لاڳو ڪيل پابنديون ساڍن 3 سالن کان پوءِ ختم ڪري ڇڏيون هيون پر بحرين کانسواءِ ٻين سمورن ملڪن قطر سان 2021ع ۾ سفري ۽ واپاري رابطا بحال ڪري ڇڏيا هئا.ان کان اڳ هلندڙ سال جي شروعات ۾ بحرين جي ولي عهد قطر جي امير سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جيڪي ٻنهي نار رياستن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جو اشارو هئي.واضح رهي ته قطر جي ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن 2017ع ۾ دوحا سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا.










