قرضن جي واپسي ۽ نا مناسب وقت

قرضن جي واپسي ۽ نا مناسب وقت

تحرير- نديم علي خواجه
آمريڪه، اسرائيل ۽ ايران جي جنگ سبب نه صرف دنيا ۾ توانائي جو بحران پيدا ٿي رھيو آھي، پر پاڪستان پڻ سخت متاثر ٿيو آھي، پاڪستان سرڪار پاران پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سبب ملڪ ۾ مھنگائي جي نئين لھر پيدا ٿي ويئي آھي، غريب طبقو سخت مالي بحران کي منھن ڏئي رھيو آھي، امير طبقي تي مھنگائي جو اثر اٽي ۾ لوڻ برابر آھي، ڇوته امير طبقي ھميشه غريبن جي محنت تي عياشي ڪئي آھي، ھڪ طرف ملڪ ۾ مھنگائي غريبن جي زخمن تي لوڻ جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف پاڪستان جي دوست ۽ اسلامي ملڪ متحده عرب عمارت جنھن هميشه ھر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي نه صرف مالي مدد ڪئي آھي، پر ھر محاظ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آھي، متحده عرب امارات پاڪستان کي گھٽ وياج تي قرض پڻ ڏيندو رھندو آھي، جنھن سان پاڪستان جي معيشت کي سھارو ملي ويندو آھي، ھن وقت متحده عرب عمارات پاران پاڪستان سرڪار کان قرضن جي واپسي جو مطالبو سامھون اچي رھيو آھي، اھو قرض 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي، پاڪستان باقائدگي سان انھي قرض تي وياج پڻ ڏيندو رھندو آھي، ماضي جو جيڪڏھن جائزو وٺنداسين ته پاڪستان جي ھر حڪمران ۽ فوجي قيادت ھميشه متحده عرب امارات کي پنھنجو ڀاء سمجھيو آھي، ۽ عرب عمارات کي غير معمولي عزت ڏني آھي، متحده عرب عمارات جا صدر ۽ ولي عھد جڏھن به پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آيا اھن، پاڪستان سندن تاريخي استقبال ڪيو آھي، پاڪستان جي فضائي حدن کان وٺي ايوان صدر ۽ وزير اعظم ھائوس تائين کين مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويندو آھي، ميڊيا ۾ پڻ سندن دوري جي بھترين ڪوريج ڪئي ويندي آھي، انھي ڳالھ کان به انڪار نٿو ڪري سگھجي ته ھن وقت دوبئي، شارجه، ابوظھبي ۽ متحده عرب عمارات ۾ جيڪي بلند ترين عمارتون وجود ۾ آيون آھن، تن جي تعميرات ۾ پاڪستاني مزدورن جو وڏو ڪردار آھي، انھن مزدورن جي ڪري ئي ھن وقت متحده عرب عمارات جون عمارتون خوبصورتي جو ڏيک ڏئي رھيون آھن، جڏھن ته پاڪستاني انجنيئرز، مستري، ٽيڪنيشن، اليڪٽريشن، ڊرائيورن ۽ ڪاروباري طبقي جو پڻ عمارات جي شھرن جي خوبصورتي قائم ڪرڻ لاء اھم ڪردار آھي، لکين پاڪستانين انھي رياست کي ترقي ڏيارڻ ۽ خوبصورت بنائڻ لاء پنھنجي جواني ضايع ڪري ڇڏي آھي، پاڪستان پنھنجو سرمايو لڳائي متحده عرب عمارات کي دنيا ۾ اھميت ڏياري، ايتري حد تائين جو پاڪستان پنھنجا ھوائي جھاز پڻ انھي رياست کي ڏنا، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو ھن وقت متحده عرب عمارات جا پنھنجا ڪيترائي جھاز موجود آھن، انھي مان اھو ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھوائي شعبي جي ترقي ۾ پڻ پاڪستان جو اھم ڪردار رھيو آھي، ھن وقت جڏھن پاڪستان معاشي بحران جو شڪار آھي، متحده عرب عمارات پاران قرضن جي واپسي حيران ڪندڙ آھي، ڏٺو وڃي ته سوال 3 ارب ڊالر جو نه آھي، پر سوال اعتماد ۽ رشتي جو آھي، جنھن کي پاڪستان ته ھميشه دل سان نڀايو آھي، پر افسوس جو متحده عرب رياست انھي رشتي کي دل سان نڀائڻ مناسب نه سمجھيو آھي، جڏھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ متحده عرب عمارات جو دورو ڪيو ته سندس تاريخي استقبال ڪيو ويو، ۽ اربين ڊالرن جي سيڙپ ڪاري تي صحيون ڪيون ويون، پر جڏھن پاڪستان کان گھٽ رقم جي واپسي جو مطالبو ڪيو ويو آھي ته يقينن افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو، پاڪستان جي شروع کان ئي اھا ڪوشش رھي آھي ته خطي ۾ امن برقرار رھي، پاڪستان انھي ڪوشش ۾ ڪامياب پڻ ٿيو آھي، ايران ۽ آمريڪه جي وچ ۾ ھلندڙ جنگ عارضي طور تي ختم ٿي ويئي آھي، يقينن اھا جنگ مستقل بنياد تي پڻ ختم ٿي ويندي، پاڪستان يقينن ھڪ ڀيرو ٻيھر معاشي طور مضبوط ٿي ويندو، پر يقينن پاڪستان کي اھو ضرور سوچڻو پوندو ته جنھن رياست تي کيس انڌو اعتماد رھيو آھي، انھي رياست ئي مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڇڏي، پاڪستان کي وڌيڪ مشڪل ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پاڪستان متحده عرب عمارات جي رقم جي ادائيگي کي جلد ڏيئڻ جو ارادو ڪيو آھي، پر پاڪستان جي حڪمرانن کي اھا ڪوشش ڪرڻي پوندي ته وياجن تي قرض کڻڻ بدران پنھنجي فضول خرچن کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪن، جنھن پروٽوڪول تي ڪروڙين روپيه خرچ ٿيئن ٿا، انھن تي گھٽ خرچ ڪيو وڃي، آفيسرن ۽ وزيرن جي خرچن ۾ گھٽتائي ڪئي وڃي، يقينن پاڪستان کي ٻين ملڪن کان قرض وٺڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، ۽ پاڪستان جي معاشي طور تي خطي ۾ ھڪ مضبوط ملڪ طور سامھون ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو