قدرتي آفتن ۽ ڪالاباغ ڊيم جو پيٽ وارو سور!

قدرتي آفتن ۽ ڪالاباغ ڊيم جو پيٽ وارو سور!

طفیل مگسي
جڏهن به برساتون پونديون آهن يرساتن يا گرمي جي پد وڌي وڃڻ ڪري گليشير پگهرڻ لڳندا آهن۔انهن جا پاڻي گڏبي ڪري وڏي ٻوڏ جي شڪل اختيار ڪري وڻندا آهن ته ڪجھ ماڻهن جي پيٽ ۾ اها مروڙ واري بيماري اٿلي پوندي آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهي ها ته ملڪ ۾ نه ايتري تباهي اچي ها ۽ نه پاڻي جو نقيان ٿيئي ها(هونئن ملڪ وري ڪهڙي ترقي ڪري سگهيو آهي جو ڪالاباغ ڊيم جي ٺهڻ سان پيرس بڻي وڃي ها).پر انهن عقل جي انڌن کي انهيء حوالي کان ڪجه ڄاڻ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪجي ته شايد انهن جي هلڪڙي قسم جي ذهنن کان ڪالاباغ ڊيم واري بيماري نڪري سگھي۔
جيڪي ماڻهو بار بار ڪڏهن منڊا۔باشا ۽ خاص طور تي ڪالاباغ جو سالن کان ڦاٽل دهل وڄائيندا رهيا آهن۔انهن عقل کان خالي ذهنن کي اها ڳالھ سمجھ ۾ چو نٿي اچي ته جتي به وڏا ڊيم ٺاهيا ويا آهن۔اهي ناڪام ئي ٿيا آهن۔ٻي ڳالھ اها آهي ته اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت جي بهتري جي لاء ڪالاباغ ڊيم جهڙو منصوبو ڪو به فائدو نٿو ڏئي سگهي۔چاڪاڻ ته جڏهن برساتون ٿينديون آهن ته انهن جو سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيندو آهي ته اهو برساتن وارو پاڻي ٻوڏن جي شڪل ۾ پاڻ سان گڏ زرخيز مٽي آڻيندو آهي جيڪو پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن جي پيداواري صلاحيت ۾ بي انتها واڌارو پڻ ڪر ي ٿو۔ٻوڏون صرف تباهي جا نشان ناهن بلڪ خوشحالي جي ضمانت پڻ آهن۔ان جي پاڻي کي روڪي چڏڻ بيوقوفي کانسواء ٻيو ڪجه به ناهي۔پر اصل مسئلو انفراسٽرڪچر کي سڌارڻ جو مسئلو آهي۔
سنڌ جو هاري يا زمينن جو مالڪ ڪئين ڪالاباغ ڊيم جهڙي منصوبي تي اعتبار ڪري سگهي ٿو۔چاڪاڻ ته اڳ م ئي پنجاب تربيلا ۽ منگلا سنڌ جي حصي وارو پاڻي ئي نه بلڪ اهو سلٽ ۽ مٽي به کائي ويا آهن۔جنهن سان سنڌ جي زمين جي زرخيري لاڳاپيل هئي۔ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي پنجاب جي ڪنهن به ڊيم تي ڪو ڀروسو يا اعتبار ناهي۔ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ زمينن جي پيداواري صلاحيت مسلسل گهٽ ٿي رهي آهي۔پاڻي جي کوٺ پنهنجي جڳھ تي آهي۔جنهن کي اسان جو مشهور زمانو آپڀاشي نظام ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي۔ليڪن سنڌ جي ڪنارن سان گڏوگڏ هلندڙ زمين تي زرخيز مٽي وچائڻ جو عمل به نهايت وڏي ٻوڏ کان علاوه موقف آهي ۽ چاڪاڻ ته اها ٻوڏ سالن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي۔باوجود ان جي انهيءجي لاء ڪنهن قسم جو ڪو انتظام ناهي ڪيو ويندو۔پختونن جو اڪيلو فائدو اهو پوي ٿو ته ان سان ٺيڪيدارن جي روٽي روزي لاڳاپيل آهي۔ان ڪري ابهن جو ٽٽڻ۔بنجڻ۔بڻجي ڪري ٽٽڻ۔رت گرم ڪرڻ جو هڪ بهانو بڻيل رهيو آهي۔
هڪ مشهور ڪالم نگار پنهنجي ڪالم ۾ اهو ذڪر ڪيو هو ته پاڪستان ۾ پاڻي جو ڪو بحران ناهي۔اسان کي صرف اهو ڪرڻو آهي ته جيڪو21, ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي اسان هر سال سمنڊ جي حوالي ڪري چڏيون ٿا۔ان کي بچائي وٺون ته پوء سڪون ئي سڪون۔اسان کي اهو ٻڏائڻ کان لاچار آهن ته اهي انگ اکر ڪهڙي درسگاه کان ان کي مليا آهن۔پر اهو ڄاڻون ٿا ته اهو سمنڊ ۾ پاڻي ڦٽو ڪرڻ وارو نظريو اسان وٽ عام قبوليت جي ڊگري رکي ٿو۔ اچو ته ان جو جائزو وٺون۔
هڪ فطري ماحول يا ايڪوسسٽم ۾ دريا جو پاڻي سدائين سمنڊ ۾ چوڙ ڪندو آهي۔قدرت جي نظام ۾ اهو پاڻي جو ضيان ناهي بلڪ ماحولياتي بقا جي ضمانت آهي۔پاڪستان انسيٽيوٽ آف اوشيانو گرافي جي مطابق پاڪستان جي دريائن کان سمنڊ ۾ پاڻي جو گهٽ ۾ گهٽ نيڪال 10ملين فوٽ هئڻ گهرجي۔1991ء ۾ سرڪاري طور تي به طئي ڪيو ويو هو ته ڪوٽڙي بئراج کان اڳتي ايترو پاڻي چڏيو وڃي ته ان کان گهٽ تي ماحول تي جيڪي اثر مرتب ٿين ٿا انهن جو جائزج وٺڻ جي لاء هڪ تحقيق2014 ٻيو هڪ2016۾ ڪئي وئي۔اها تحقيق پڙهو ته ڪنن کان دونها نڪري وڃن ٿا۔
پاڻي جي نيڪالي ۾ کوٽ جو هڪ نتيجو اهو نڪري ٿو ته دريائن جي آندل مٽي ۽ سلٽ ڪنارن تائين نٿي پهچي سگهي۔عام حالتن ۾ مٽي ۽ سلٽ سمنڊ جي ڪترڻ جي خلاف هڪ قدرتي رڪاوٽ جو ڪم ڪري ٿي ۽ ان جي سبب کان زميني پکيڙ ۾ سال به سال واڌارو ٿيندو رهي ٿو۔پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان اها نيڪالي سمورين ٻوڏن جي باوجود ڏه ملين ايڪڙ فوٽ کان گهٽ آه۔ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هڪ نهايت محتاط اندازي جي مطابق ڏه لک ايڪڙ کان وڌاڪ زمين گذريل ڪجه سالن کان سمنڊ ۾ وڃي چڪي آهي۔ ڪن جڳهن تي سمنڊ جي سالياني ڪٽوتي ڪيترن ئي هزارن ايڪڙن کان وڌيڪ آهي۔دريائن جي تازي پاڻي ۾ سمنڊ جي کاري پاڻي جي مار ڪنارن کان هڪ سو ڪلوميٽر اندر تائين مشاهدي ۾ آئي آهي۔جنهن جي سبب کان دريائن ۾ موجود مچيون ۽ ٻيا جيوت اٽڪل فنا ٿي چڪا آهن۔زمين جي ان بي انتها نقصان تي ئي ڳالھ ختم نٿي ٿيئي۔بلڪ مسئلو ان کان ڪافي وڌيڪ ڳمڀير آهي۔
پاڪستان ۾ ماهي گيري جا صنعت ۽ اسان جي خوراڪ جو هڪ اهم حصو جيڪو سامونڊي حياتات تي مشتمل آهي۔جو 80سيڪڙو ان علائقي تي دارومدار رکي ٿو۔جتي سنڌ دريا عربي سمنڊ سان وڃي ملي ٿو۔سڄي دنيا ۾ آبي حياتات جو مرڪز اهو علائقو هوندو آهي۔جتي تازو پاڻي کاري پاڻي سان ملڻ سان لوڻياٺ جو هڪ بهتر توازن جڙي ٿو۔اڄ جي ڏينهن ۾ اسان وٽ هتي اهو توازن اٽڪل ناممڪن آهي۔ان سبب کان هن علائقي جي سامونڊي حيات ۾ بي پناه کوٽ واقعي ٿي آهي۔ماهي گير ي جي صنعت تي ان جا خوفناڪ اثر مرتب ٿيا آهن ۽ اندازو اهو هي ته ايندڙ ڪجه سالن ۾ سامونڊي حيات هن علائقي ۾ مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي۔ان کان ملڪي معشيت ۽ اسان جي خوراڪ جا وسيلن ٻنهي تي ڪنهن قدر منفي اثر پوندو۔ن جو اندازو هڻي سگهجي ٿو۔
اڻبرابري جي هڪ ٻي نشاني مينگرو جي جهنگن جو ختم ٿيڻ آهي۔گذريل ڪجه سالن ۾ حڪومتي سطح تي انهن جهنگن کي بچائڻ جي مسلسل ڪوششون به اهو ٻڌائڻ جي لاء ڪافي آهن ته اهي جهنگ به هن وقت پنهنجي بقاء جي لاء آخري جنگ وڙهي رهيا آهن۔ مینگروو جي جهنگن کي دنيا نهايت اهم سمجهي ٿي۔انهن جنگهن جي سبب دريائن کان اچڻ وارو پاڻي سست پئجي وڃي ٿو۔اهي ان پاڻي جي لاء هڪ چاڻي وارو ڪم ڏيئي ٿو۔سلٽ ۽ مٽي جو سامونڊي ڪناري تي هڪ قدرتي تھ انهن جهنگن کي جوڙين ٿا۔سمنڊ ۾ ڪافي اهڙا ڌاتو وارا جزا انهن ئي جهنگن جي سبب کان نٿا ملي سگهن۔جننه کان سامونڊي ماحول کي خطرو ٿي سگهي ٿو۔سونامي ۽ سامونڊي طوفان جا موقعا به جهنگن هڪ حفاظتي
ڀت جو ڪم ڪن ٿا۔انهن جهنگن جي موجودگي ۾ سمند جو نٿو ٿي سگهي ۽ پوک جي لائق رخيز زمين محفوظ رهندي ۔پاڪستان ۾ مينگروو جي جهنگن جي پکيڙ 1لک ايڪڙ کان گهٽ رهجي وئي آهي۔جيڪا ڪنهن زماني ۾ 14لک ايڪڙ کان وڌيڪ هئي۔صنعتي گند ۽ غير قانونا واڍي به انهن سببن ۾ شامل آهي۔جنهن کان اهي جهنگ گهٽبا پيا وڃن۔ليڪن بنيادي سبب سنڌ طاس جي دريائي وهڪري ۾ اچڻ واري کوٽ آهي۔جيڪا وڌيڪ ڊيم بنجڻ کان ختم ٿي ويندي۔
گذريل ڪجھ سالن ۾ ٿيڻ واري تحقيق اهو ذڪر به ڪيو آهي ته زمين جي نقصان کانسواء اسان جا سامونڊي ڪنارا به زمين ۾ دٻبا پيا وڃن ۽ ان جو سبب به انهيء مٽي ۽ سلٽ جي کوٽ آهي۔جيڪي دريا قدرتي طور تي پاڻ سان گڏ آڻين ٿا۔سمورا سامونڊي ڪنارن وار شهر هن وقت شديد خطري کان خالي ناهن۔
آبپاشي واري اسان جي موجوده نظام دريا ۽ سمنڊ جي ميلاپ ٺهڻ وارين قدرتي سسٽم کي اٽڪل تباه ڪرائي چڏيو آهي۔ماحولياتي تبديلين جي سبب کان سمنڊ جي سطح ۾ مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي۔سنڌ جو سمنڊ بنيادي طور تي هڪ ريتي وارو ڪنارو آهي۔جتي پهاڙون موجود ناهن ۽ سنڌ جا اڪثر شهر سمنڊ جي سطح کا تمام گهڻو مٿي ناهن۔ان جغرافيائي حقيقت کي هن ڳالھ جي روشني ۾ ڏسون ته اهي پنهنجي بقا جي لاء دريائن جي وهڪري تي دارومدار رکن ٿا ۽ پوء سوچو ته اسان جي اڳ ئي اٽڪل ناموجود وهڪري کي وڌيڪ متاثر ڪري ته چا ڪمائينداسين۔2016 ء ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ منگلا۔تربيلا ۽ ڪوٽڙي کان اڳ ۽ بعد واري وهڪري جا انگ اکر موجود آهن۔جيڪي پنهنجي جڳھ عجيب آهن۔اسپارڪو سنڌ جي وڏي کڏي ڪريڪ جو مصنوعي سيارن سان معائنو ڪري اهو ٻڌايو آهي ته سمند ٻه ڪلوميٽر کان وڌيڪ زميني علائقي ۾ گهڙي آيو آهي۔هڪ انگريزي چوڻي موجب اهي ٻه ڪلوميٽر فقط برفاني ٽڪري جا نڪ آهن ۔آبا گذرگاهن تي لوڻياٺي پاڻي جي مار سو ڪلوميٽر کان به وڌيڪ آهي۔
عام حالتن ۾ دريا جا قدرتي وهڪرا ۽ هيٺين ۽ وچولي درجي جون ٻوڏون دريا جي آس پاس واري زمين کي زرخيز ڪنديون آهن۔پوکي جي لائق ايراضي کي آباد ڪندي آهي ۽ جهنگ پروش حاصل ڪن ٿا۔جيڪڏهن اهو وهڪرو وڏي ڊيم جي سبب کان هڪ خاص حد کان هيٺ هليو وڃي ته زمين جي سوڪهڙي ۾ واڌ ٿيئي ٿي۔ريتي وارا ڪنارا بڻجي وڃن ٿا۔درائي ڊيلٽا جي سطح هيٺ هلي وڃي ٿي۔جهنگ ۽ ٻيا ٻوٽا ختم ٿي وڃن ٿا۽ جڏهن به مٿين درجي جي ٻوڏ اچي ٿي ته اها نهايت تباه ڪندڙ ثابت ٿيئي ٿي۔پاڪستان جي تباه ڪندڙ ٻوڏن جي سبب کان ڊيمز جو نه هئڻ ناهي ۔اها ڳالھ ياد رکڻ جي آهي ته وڏا ڊيم مٿاهين درجي جي ۔وڏ جو ڪاڻي ذخيرو نٿا ڪري سگهن چوته انهن ۾ سلٽ جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي ۽ ان کي گڏ ڪرڻ سان ڊيم کي خطرو ٿي سگهي ٿو۔اهڙين ٻوڏن جي وقت تي پاڻي جي لنگهن تي موجود سيل وي کليل رهندا آهن۔ٻوڏ مار ڪندي ڪنارن تائين پهچي وڃي ٿي۔جتي عام حالتن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري قدرتي دفاعي نظام متاثر ٿيندو آهي ۽ پوء جيڪو ٿيندو آهي۔اسان سڀني ڏٺو آهي۔
هڪ نظريو اهو به آهي ته برساتن ۾ کوٽ جو هڪ سبب دريائن جي قدرتي وهڪرو جو متاثر هئڻ به آهي۔واٽر سائڪل يا پاڻي جو نظام نهايت ساڌڙي اصول تي ڪم ڪري ٿو۔سمنڊ کان ڪڪر ٺهن ٿا۔جيڪي زمين تي سفر ڪندا برساتون وسائين ٿا۔دريا اهو پاڻي واپس سمنڊ ۾ آڻين ٿا۔وري ٻيهر آبي بخارن کان ڪڪر ٺهن ٿا ۽ ائين اهو سلسلو جاري رهي ٿو۔دريا جو قدرتي وهڪرو متاثر ٿيڻ کان ڪنارن وارن علائقن ۾ بخار بنجڻ جو ؤه عمل سست پئجي وڃي ٿو ۽ نتيجو برسات جي کوٽ جي صورت ۾ نڪري ٿو۔
وڏن وڏن ڊيمن کان هاڻي بجلي جي پيداوار به هڪ فرسوده نظريو بڻجي ويو آهي۔هينئر رن آف دي ريور بجلي گهرن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي۔جتي گهٽ قيمت ۽ گهٽ ماحولياتي تبديلي جي ڪافي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي۔نيلم دريا تي موجود ڀارت جو ڪشن گنگا ۽ پاڪستان جو نيلم جهلم پراجيڪٽ ان جا مثال آهن۔اهي پراجيڪيٽ گهٽ وقت ۾ تيار ٿين ٿا ۽ انهن جي لاڳت به ڊيمز کان گهٽ ٿيندي آهي۔جيتوڻيڪ نيلم جهلم جي مامري ۾ اسان جو ريڪارڊ ان تاثر جي مڪمل نفي ڪري ٿو۔پر ان جو سبب اسان جي نااهلي آهي۔اوهان تحريڪ انصاف کي ڀلي لکين ڀيرا خراب سڏيو ۽ هي به ڳالھ بحث جي قابل آهي ته زميني حقيقتون انهن دعوائن جي ڪن ٿيون يا نه پر مائيڪرو بائيڊل پراجيڪٽ ۽ بيلن ٽري سونامي جهڙا منصوبا هن ملڪ جي بقا جي لاء ميٽرو بس ۽ اورينج ٽرين کان هزارين ڀيرا اهم هئا ۽ اسان کي اڃا به انهيء پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي۔
اسان جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ زميني تھ واري پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين ڪري پئي آهي۔اسان جي دريائن ۾ چوڙ ڪرڻ وارن گٽرن جو پاڻي دريائن کي بدبودار ڪري چڏي ٿو۔صاف پاڻي بي بندوبست بلڪل ناهي۔اسان وٽ برساتي پاڻي کي هارويسٽ ڪرڻ جو ڪو نظام موجود ناهي۔ان حوالي کان ڀارت جي ڪيرالا رياست ۾ ڪرڻ وارا قدم اسان جي لاء راه جي مشعل ٿي سگهن ٿا۔جيڪڏهن اسان هيڏانهن ڏسون چاهيون ته اسان جي ملڪ ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي شديد کوٽ آهي۔دنيا جن وسيلن کي سمجهي ٿي۔اسان وٽ ان جو جبود ئي ناهي۔اسان کي ننڍڙا ڊيم ٺاهڻا آهن۔ويٽ لينڊ پراجيڪٽس تي ڪم ڪرڻو آهي۔جنگي بنيادن تي وڻڪاري ڪرڻي آهي۔پاڻي جي رستن کي صاف ڪرڻو هي۔آبپاسي جي جا جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا۔برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاء شهري منصوبن کي جوڙڻو پوندو۔زير زمين ايڪوافرز کي ڀرڻو آهي۔مائيڪرو ۽ مني هائيڊل پراجيڪٽس تي ڌيان ڌرڻو آهي۔پاڻي جي قدرتي وهڪري کي هرحالت ۾ جاري رکڻو آهي۔اهي آهن اصل ڪم جيڪي ضرور ڪرڻا آهن۔مگر اسان تعصب جي بياد تي اهڙن ڊيمن جا خواب ڏسي رهيا آهيون جيڪي خوشحالي نه ڀلڪ وڌيڪ تباهي جا خواب آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو