قتل ڪيس جي مفرور ملزمن جا ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ مفرور ڄاڻايل ملزمن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙو حڪم دهشتگردي ٽوڙ عدالت خميس تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاري ڪيو. عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته مفرور جوابدار شيخ معين عرف ارباز ۽ عريب حسين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا وڃن ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار ۽ مفرور جوابدار کي پيش  ڪيووڃي. عدالت جيئن ئي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي ته گرفتار جوابدار عمر کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي، ڪيس جي آءِ او عدالت کي ٻڌايو ته هي ڪيس هاءِ پروفائيل آهي سيڪيورٽي رسڪ سبب جوابدار کي پيش نه ڪيو ويو آهي. استغاثه موجب حساس ادارن جي رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته واردات جي پويان ڪالعدم لشڪر جهنگوي جا دهشتگرد ملوث آهن. پوليس موجب 17 جون تي پوليس اهلڪار الله ڏنو ۽ احمد علي کي ٻن موٽر سائيڪل سوار حملا آورن اورنگي ٽائون ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، سي ٽي ڊي پوليس غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار مرزا عمر کي گرفتار ڪيو هو جنهن جاچ دوران جوابدار ڄاڻايل قتل جو اعتراف ڪيو. جوابدار جاچ دوران شيخ ممتاز عرف فرعون، عريب، ممنون حسين، شيخ حسين عرف ارباز، منظم عرف باولي جي شامل هئڻ جو اعتراف ڪيو هو. جوابدار اهو به اعتراف ڪيو هو ته سندس ٻيا ساٿي ڪوئٽه ۾ فورسز سان مقابلي دوران مارجي ويا هئا. مارجي ويل جوابدارن ۾ شيخ ممتاز عرف فرعون، ممنون حسين ۽ منظم عرف باولي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو