فيس ماسڪ جي مٿان زيور پائڻ جو انوکو طريقو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) وبائي مرض ڪورونا وائرس جي هن نازڪ صورتحال جي باوجود شادي جي تقريبن ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي اچي سگهي. شاديون ته ٿي رهيون آهن پوءِ چاهي ماسڪ پائي تقريب ۾ شرڪت ڪئي وڃي يا  ماسڪ لاهي.جتي عورتون موجود هجن ته اتي فيشن جي ڪابه گهٽتائي ناهي ٿيندي. ان حوالي سان انڊين پوليس آفيسر ديپائشو ڪبرا پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تان هڪ عورت جي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن کي زيور ايتري حد تائين پسند آهن جو هن ماسڪ جي مٿان ئي زيور پهري ورتا. ديپانشو ڪبرا اها تصوير جيولري جڳاڙ جي بيش ٽيگ سان شيئر ڪئي.عورت نٿ کي ماسڪ جي مٿان ئي سيٽ ڪيو جنهن کي ڏسندڙ هر شخص کلي رهيو هو. ان حوالي سان توئٽر صارفين جي دلچسپ تبصرن جي به لائن لڳي وئي آهي. هڪ صارف جو چوڻ هو ته لپ استڪ جو به ڪو جڳاڙ هجڻ گهرجي.ٽوئٽر صارف ارجن موجب اهڙو صاف ڀارت ۾ ئي هوندو آهي. جڏهن ته راجيش مدراس پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي عورت کي جيولري جو شو روم قرار ڏئي ڇڏيو. 

پهنجو تبصرو موڪليو