وفا سانوڻ نوحاڻي
گذريل ڪيتري عرصي کان فلسطيني مظلوم انسانيت تي ظلم بربريت وحشيت دھشت گردي جي ذريعي ھزارين معصوم شھرين کي شھيد ڪيو ويو آهي، لکين فلسطيني عوام جي آباد گھرن کي بارود سان اڏايو پيو وڃي، لکين فلسطيني عوام معذور بڻجي وئي آهي، فلسطيني عوام جي خون کي برساتي پاڻي جيان وھايو پيو وڃي، ڪو اھڙو ڏينهن ڪونھي جنهن۾فلسطينين تي بمباري نه ٿي ھجي، جنهن ڏينهن۾ فلسطيني عوام رت۾ وھنجاريل پنهنجي پيارن جا، لاش نغ کنيا ھجن، انھيءَ ظلم بربريت وحشيت کي ڏيڍ سال جو عرصو ٿي ويو آهي، ھر ڏينھن فلسطيني عوام جي لاءِ اسرائيلي دھشتگردي جو، نئون، رھزني جي روپ۾نازل ٿي رهيو آهي،، عزه ته برباديءَ جو ھڪ مثال طور دنيا جي نقشي تي ھن وقت موجود آهي ، ھر فلسطيني مظلوم انسانيت ، اسرائيلي دھشتگردي جو نشانو بڻجي رھي آھي ، ھر مسلمان جي جسم ٽي ، بمن يا ته گولين جا گھاء آهن ، مرڪندڙ مھڪندڙ فلسطيني مظلوم دھشتگردن جي ھٿان بي درديءَ سان شهيد ٿي رھيا آھن ، ڏاڍا خوفناڪ منظر آهن ، انسانيت جو درد رکندڙ معصوم دليون اھئي منظر ڏسڻ تي رت روئي رھيون آھن ، فلسطيني مظلوم انسانيت کي صرف پنهنجي ڌرتيءَ تي بي گناھ ماريو پيو وڃي ، ھر معصوم شھرين جي قتلا عام جو نئون سج اڀري رهيو آهي ، مسجدن گھرن اسڪولن کان ويندي ، اسپتالن تائين ھر جاءِ ، کي اسرائيلي فوجي دھشتگردن بمباري سان تباھ ۽ برباد ڪيو آهي ، ھاڻي ت ريڊ ڪراس جي گاڏين ايمبولينس سروس کي به نشانو بڻايو پيو وڃي ، ھڪ طرف يھودي قاتل سفاڪ اسرائيل فوج آهي ته فوجين وٽ بمباري ڪندڙ جهازن ، ذريعي مظلوم انسانيت کي شھيد ڪري رهيا آهن ، ته ٻئي طرف ھٿيار بند ، تربيت يافتہ فوج جو لشڪر آهي ، جيڪا خطرناڪ ھٿيارن سان ليس آهي ، آمريڪا قاتل عام ۾ اسرائيل جي سپورٽ ڪري رهيو آهي ، ۽ ٻئي طرف انهن يھودي قاتل سفاڪ اسرائيل فوج جي سامھون فلسطيني مظلوم انسانيت آهي ، جيڪا بي ھتيار آهي ، جيڪا صرف پنهنجي معصوم ٻارڙن کي اسرائيلي بمباري کان بچائڻ جي ڪوشش خاطر ، ھنج ۾کڻي شھادتن جو رتبو حاصل ڪري رھي آھي ، مظلوم فلسطيني عوام جا پنھنجا گھر ئي سندن قبرستان بڻجي ويا آهن ، ائين بي درديءَ سان شهيد ٿي رھيا آھن ، جڏهن ڪو ، اسرائيلي جھاز بمباري شروع ڪري ٿو ، ته فلسطيني عوام مزاحمت ۾ صرف اللہ اڪبر جي صدا بلند ڪري رھي آھي ، يھودي قاتل فوجين جي ھر وحشيت دھشت گردي بمباري گولي جو ، فلسطيني مظلوم انسانيت جي پاران ھڪ ئي نعري سان جواب ڏنو پيو وڃي ، الله اڪبر ، جي صدا گونجي اٿي ٿي ، پوءِ بارود جي بوءِ سان فضا ۾انساني جسمن جا ٽڪرا ٽڪرا اڏري وڃي فضائن ۾وکري وڃن ٿا ، جيڪو ظلم بربريت وحشيت مظلوم انسانيت سان فلسطيني ۾ برپا ٿي رھي آھي ، جتي فلسطيني عوام وٽ سواءِ شھادتن جي ڪو آپشن بچيو ئي ناهي ، فلسطيني عوام جو سڀ ڪجهه ظالم وحشي دھشتگردن ختم ڪري ڇڏيو آهي ، پر سوال اھيو آهي ، ته ھن ساري دنيا ۾ آخر ڪار فلسطيني مظلوم انسانيت کي ائين بي درديءَ سان شهيد ڪيو پيو وڃي ، دنيا ڇو خاموش تماشائي بڻجي ڏسي رھي آھي ، ڇا ، سڄي دنيا اسرائيل ۽ آمريڪا جي خوف ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ، اگر توهان دنيا وارو ، ايترو بزدل بنجي ويا آھيو ، جو ھڪ مظلوم عوام جي دانھن جو درمان نه ڪري سگهيو ، داد نه ڪري سگھو ، مظلوم انسانيت جي دانھن تي انھيءَ کي ڪنهن ظالم وحشي کان بچائي به نه سگھو ، ته پوءِ دنيا ئي بيڪار آهي ، اھڙي دنيا تي نالعنت وجھڻ گھرجي ، اھڙي سفاڪ قاتل ظالم دنيا جو وجود ، خدائي زمين تي اجايو بار آهي ، جيڪا دنيا مظلوم انسانيت جي ڪم نه اچي سگهي ، ظالم جي ظلم کان مظلوم کي بچائي نه سگھي ، اھڙي دنيا ھجڻ ئي نه گهرجي ، جنهن ۾مظلوم انسانيت جو درد نه ھجي ، ھي ظالم دنيا انسانيت جا سدائين درس ڏيندڙ رھي آھي ، پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھن ئي ظالم وحشي دنيا انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جھڪائي ڇڏيو آهي ، ھن ظالم وحشي دنيا ۾، وري اسان مسلمانن ڪلمي ڀائين جي الڳ دنيا به آهي ، جنهن ۾ ڪيترائي مسلمان ملڪ آهن ، مون کي حيرت انھيءَ مسلمانن جي ملڪن جي حڪمرانن ۽ عوام تي به آهي ، جن به فلسطيني مسلمانن کي اڪيلو بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي ، صرف مذمتون ، ٺھراء ، ڪجهه پنھنجي پنھنجي ملڪن ۾فلسطيني عوام جي حمايت ۾ جلوس ڪڍي ، خاموش تماشائي ٿي ويا آهن ، آخر ، ڇو ، اسان مسلمانن کي به يھودين جو خوف آهي ، يا ، پنهنجي پنهنجي مفادن جي خاطر لکين فلسطين جي خون سان غداريءَ ڪري رهيا آهيون ، اسان جي مسلمانن ملڪن جا حڪمران ايترا بي حس بڻجي چڪا آهن ، اھيو ته اسان جي تصور ۾به نه هو ، پوءِ اھئي عرب دنيا جا شھنشاھ ھجن ، يا جھموري اسلامي دنيا جا حڪمران ھجن ، يا ڪنهن ٻي طريقي سان واڳ ڌڻي ھجن ، پر اھئي خاموش بي حس بڻجي چڪا آهن ، انهن جي دلين ۾ مظلوم فلسطيني عوام جي انسانيت جو درد ناهي رهيو ، بس ظلم بربريت ڏسي ڏسي ھوء پتر دل بڻجي ويا آهن ، پر اڃا به وقت ويو ناهي ، ھوء مظلوم انسانيت جي دانھن کڻي نڪري سگهن ٿا ، ۽ وحشي قاتل اسرائيل کي للڪارڻ جو وقت آهي ، ھاڻ سموري اسلامي دنيا جي مسلمانن ملڪ ۽ انھن جي عوام کي اسرائيل يھودين جي فوج ۽ ملڪن جي خلاف ميدان تي نڪرڻ گهرجي ،ڇو ته اسلام ۾ ظلم بربريت تي خاموش رهڻ وارو به انھيءَ ظلم جو نشانو بڻجي ويو آهي ، جڏهن ، ته اڄ فلسطيني مظلوم انسانيت سان جيڪو ظلم بربريت ٿي رهي آهي اھا ھڪ نئين تاريخ رقم ڪري رھي آھي ، انھيءَ تاريخ جو يزيد اسرائيل آهي ، اسان مسلمانن کي يزيد کي للڪارڻ جو درس ڏنو ويو آهي ، نه ڪي جھڪڻ ، بيت ڪرڻ جو ،ڇا اسان بحثيت قوم مسلمان ايترا بي حس بڻجي چڪا آھيون ، جو پنھنجي ھزارين ڀائرن جي آئين بي درديءَ سان ٿيندڙ قتل عام تي به خاموش آھيون ، ھيڏي وڏي تاريخ ۾ ٿيندڙ دھشتگردي تي به خاموش آھيون ، صرف خوف ، جي ڪري ، يا ذاتي مفادن جي خاطر ، اسان جا مسلمان الائي ڇو يھودين جي اڳيان جهڪڻ تي به ناز ڪري رهيا آهن ، اڙي پتر دل جا بي حس انسانو ، تاريخ حق ۽ سچ جي لکي ويندي آهي ، تاريخ بھادرن بي باڪ اصولن خاطر سر نڇاور ڪندڙ گوريلن ، ھيرن جي لکي ويندي آهي ، تاريخ جو ٻه رخ رھيا آھن ، ھڪ عزت وارو ، ٻيو ، ذلت وارو ، تاريخ ۾ نانء حضرت امام حسين عليه السلام جو به آهي ، ته قاتل يزيد به آهي ، پر ھڪ طرف ، نالعنت وارو ڪردار ادا ڪيو آهي ، ته ٻيو بھادري ، دليري وارو عزت عظمت وارو ڪردار آهي ، جيڪو تاقيامت تائين ياد رکيو ويندو ، سرخرو عظمت وارو ڪردار امام حسين عليه السلام جو آهي ، ھن وقت تاريخ وري پاڻ ورجايو آهي ته اسان حسيني ڪردار ادا ڪندڙ فلسطيني مظلوم انسانيت سان ساٿ ڏيون ، يا ، يزيد اسرائيل جي دھشتگردي تي خاموش رھون ، فيصلو اسان کي ڪرڻو پوندو وقت واري جيان ھٿن مان وڃي رهيو آهي ، اسان کي پنھنجو مردھ ضمير زنده ڪرڻو پوندو ، فلسطيني مظلوم انسانيت سان گڏ بيھڻو پوندو ، اسرائيل سان منھن ڏيڻو پوندو ، جي نه ته پوءِ سڀ مسلمان ملڪن ۽ اتي جي عوام سان ، فلسطينين وارو حشر ڪيو ويندو ، صرف واري واري سان ، جئين ، اڳ ۾ ٿيندو رهيو آهي ، اچو سڀ مسلمان ملڪن جي گڏجاڻي ڪوٺائي اسرائيل سان اعلان جنگ ڪيو وڃي ، فلسطيني عوام جي دلين جي ترجماني ڪئي وڃي ، انھيءَ عوام کي حوصلو ڏنو وڃي ، اسرائيل آمريڪا سميت يھودي لابي جو مڪمل مسلمان ملڪن پاران ھر طرح جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ، انھن جا سفارتخانا ھوائي اڏا ، ھوائي حدون بند ڪيون وڃن ، سمورو اسلامي دنيا جو ڪاروبار بند ڪيو وڃي ، جيڪڏهن ھن وقت به ائين نه ڪيو ويو فلسطيني مظلوم انسانيت جو ساٿ نه ڏنو ويو ، ته پوءِ پتر دل انسانيت بي حس دنيا ، تاريخ جو هڪ داغ بڻجي ويندي ، قدرت ضروري فلسطيني مظلوم انسانيت سان انصاف ڪندي ،










