*نواز خان زئور*
اُها تحريڪ، جيڪا پاڻ کي اوچن ٽَڪرن وانگر اٽل ۽ اسٿر سمجهندي هئي، ۽ جنهن جو عزم سان ڀريل ۽ پرجوش نعرو هوندو هو:
يا جبل ما يهزك ريح!
”او پهاڙ! توکي ڪوبہ واءُ لوڏي نٿو سگهي.“
اُها تحريڪ ڪرشماتي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جي لاڏاڻي کانپوءِ رلي وئي آهي ۽ فلسطيني رياست جي قيام جو سوال گذريل ٽن ڏهاڪن کان ”آهيان ناهيان“ جي وچ تي اٽڪيو پيو آهي.
ڀاڳ رڳو فردن جا نہ ٿيندا آهن، تحريڪن جا بہ ٿيندا آهن. دانشمند ۽ دور اندیش قيادت، مضبوط پارٽي، صالح ۽ قرباني ڏيندڙ ڪارڪن، باهمٿ عوام، ڪمزور دشمن ۽ سازگار حالتون ڪنهن تحريڪ جو ڀاڳ ٿينديون آهن. البت ايئن ورلي ئي ٿيو آهي جو ڪنهن اڳواڻ کي اهڙي تحريڪ ملي هجي، جنهن ۾ اهڙا سڀ عنصر هڪ ئي وقت تي موجود هجن. ان هوندي بہ انهن اڳواڻن کي خوش نصيب چئي سگهجي ٿو، جيڪي پنهنجين جدوجهدن جا نتيجا، آزاديءَ ۽ انقلاب پنهنجي حياتيءَ ۾ پَسي سگهيا. ان حساب سان فلسطيني بدنصيب چئي سگهجن ٿا، جو هڪ ڊگهي پرشور ويڙهاند ڪرڻ ۽ مني صديءَ گذرڻ جي باوجود، محمود درویش جي لفظن موجب، ”دنيا جي نقشي تي سندن وطن جو نالو اڃا گهڻو ڏور آهي.“ آزاديءَ جو اهو خواب، جيڪو محمود درويش، ايڊورڊ ڊبليو سعيد، فدوا توقان ۽ رفيف زياداھ جي شاعري ۾ ڏيئڙا ڏيئڙا ٿي ٻرندو رهي ٿو، اڃا تائين تيز و تند طوفانن جي منهن ۾ آهي.
عرب اسرائیل ڇڪتاڻ ۾ هڪ اهم فيصلائتو مرحلو ١٩٦٧ع واري جنگ آهي، جنهن ۾ مصر، شام ۽ اردن گڏ هئا. پنجن ڏينهن تائين هلندڙ هن جنگ ۾ اسرائيل ٽنهي عرب ملڪن کي پٺتي ڌڪي وڌيڪ علائقن تي قابض ٿي ويو. اوڀر يروشلم سميت اردن جو الهندو ڪنارو،
شام جون گولان پهاڙيون ۽ مصر جي غزا پٽيءَ ۽ صحراءِ سينا سوڌو اٽڪل ستر هزار چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل نئون علائقو اسرائيلي والار ھيٺ آيو. ١٩۴٨ع واري جنگ کان پوءِ وري هڪ ڀيرو ٻيهر لڳ ڀڳ ٢٠ لک فلسطينين کي پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏي شام، اردن ۽ لبنان ۾ پناهگير بڻجڻو پيو. فلسطيني دنيا جي اُها واحد قوم آهي، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ تان ايڏي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪئي آهي. ٢٠١٩ع ۾ گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري وٽ ۵٦ لک فلسطيني پناهگير داخل ٿيل هئا. جڏهن ١٩۴٨ع ۾ پهريون ڀيرو فلسطيني بي گهر بڻيا هئا، تڏهن گڏيل قومن سندن گهر واپسي واري حق جي حمايت ۾ ١١ ڊسمبر ١٩۴٨ع تي ٺهراءُ ١٩۴ منظور ڪيو. بعد ۾ ستهٺ واري جنگ جي لوڌيل فلسطينين جي حق ۾ پڻ گڏيل قومن جي اداري ٺهراءُ آندو هو. پر گهمنڊ ۾ ورتل طاقتن وانگر اسرائيل انهن ٻنهي ٺهرائن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو.
هتان کان ئي فلسطين جي قومي تحريڪ جو نئون دؤر شروع ٿئي ٿو. قاهرا ۾ انجنيري جي تعليم پوري ڪرڻ بعد ياسر عرفات وڃي ڪويت جا وڻ وسايا. تن ڏينهن ۾ ڪويت اندر تازو تازو تيل جي دريافت ٿي هئي ۽ اهو فلسطيني انجنيرن، ڊاڪٽرن، واپارين، پورهيتن ۽ ڪمين ڪاسبين لاءِ پرڪشش ڳڙھ ٿي پيو هو. اتي ئي ١٩۵٧ع ۾ ياسر عرفات، خالد يشروتي، صلاح خلف ۽ خليل الوزير گڏجي حرڪت التحرير الوطني الفلسطيني (Palestinian National Liberation Movement) جو بنياد وڌو. جنهن جو مخفف اڳيان کان پڙهڻ سان حتف، جنهن جي معنا موت آهي، ۽ پوئين پاسي کان پڙهڻ سان فتح ٿئي ٿو. البت فلسطيني تحريڪ ۾ وڏو اڀار تڏهن آيو، جڏهن فلسطيني آزادي واري تنظيم (پي ايل او) جي قيادت ١٩٦٩ع ۾ ياسر عرفات جي هٿن ۾ آئي. پي ايل او جي اڳواڻي ياسر عرفات لاءِ پئسن، سفارتي لاڳاپن ۽ سياسي سگھ جا نوان دروازا کوليا.
عالمي سياسي افق تي سرد جنگ جا پاڇاوان هئا، محڪوم قومن جي سياسي نمائندن لاءِ دوستين ۽ دشمنين جي چونڊ جا در کليل هئا، عرب دنيا پيٽرو ڊالر معيشت جي سگھ سان سرشار هئي، آمريڪي بلاڪ سان سلهاڙيل هجڻ جي باوجود يورپ ڪنهن حد تائين سياسي معتدل مزاجيءَ جي ڇانوري هيٺ هو، آفريقي عربن تازيون آزاديون ماڻيون هيون، غلام دنيا ۾ گوريلا ويڙھ جو رومانس عروج تي هو، عرب رومانويت پسنديءَ ۽ قومپرستيءَ جا جلوا جمال عبدالناصر جي مصر کان وٺي احمد بن بِلا ۽ حواري بومدين جي الجزائر تائين پکڙيا پيا هئا، سعودي عربيا کان تيونس تائين سموري عرب دنيا گهٽ ۾ گهٽ ڳالهين، نعرن ۽ مطالبن جي حد توڻِي فلسطينين جي حمايت ۾ متحرڪ هئي. اهڙي وايومنڊل ۾ فلسطينين لاءِ ويڙھ زندھ رهڻ ۽ وطن واپس موٽڻ جو يقيني وسيلو هئي. پر انهيءَ گوريلا ويڙھ فلسطين لاءِ آزاديءَ نہ آندي. فلسطين لبريشن آرمي پي ايل او جي ويڙهاڪ فوجي تنظيم هئي، جنهن وٽ ٽيهن هزارن کان وڌيڪ تربيت يافتا گوريلا هئا، جيڪي وقت بوقت اردن، شام ۽ لبنان جي سرحدن وٽان لنگهي اسرائيل اندر وڃي حملا ڪندا هئا. رڳو سُڪيءَ تان ئي نہ پر ڀونچ سمنڊ جي پاڻين تان ٻيڙين وسيلي بہ حيفا، يافا ۽ تل ابيب تي بندوقون سنڃيائون. ٢١ مارچ ١٩٦٨ع تي ڪارامھ جي جبلن ۾ سڌي ويڙھ وقت اسرائيلي فوج کي سندن هٿان جيڪا جزوي شڪست کائي پٺتي هٽڻو پيو، تنهن فلسطيني گوريلن جي ناماچاري ۾ وڏي واڌ آندي. ميونخ ۾ اولمپڪ جي موقعي تي اسرائيلي رانديگرن جي قتل، مختلف يورپي ملڪن ۾ اسرائيلي سفارتڪارن تي حملن ۽ جهازن جي اغوائن وارن دهشتگردي جي واقعن بہ کين وڏي مشهوري ڏني. البت اڪيلي اسرائيل سان ئي نہ، فلسطيني ويڙهاڪن کي شام، اردن ۽ لبنان جي فوجن سان پڻ وقت سر سخت مهاڏا اٽڪائڻا پيا. حيرت انگيز ڳالھ اها پڻ آهي تہ فلسطين جو پهريون گوريلو اسرائيل جي هٿان نہ مئو. فتح جو پهريون شهيد احمد موسا جنوري ١٩٦۵ع ۾ اردني فوجين جي فائرنگ ۾ ان وقت شهيد ٿيو، جڏهن ويڙهاڪن جي شروعاتي ٽوليءَ اسرائيل تي حملو ڪري موٽي رهي هئي. اهڙي نموني عرب حڪومتون فلسطينين تي ھميشہ مهربان نہ رهيون. اهي پنهنجن داخلي مامرن ۽ هڪٻئي سان ٽڪرائن ۾ پڻ الجهنديون رهيون. بين الاقوامي محاذ تي بہ پي ايل او جي دوست ليکجندڙ عربن ڪا جوڳي مدد نٿي ڪئي.
هونئن تہ صدر فورڊ کان صدر جارج بش تائين آمريڪا فلسطين مسئلي جي حل ۾ ڪنهن قدر دلچسپي ورتي. پر اسرائيل فلسطين تڪرار جي نبيري لاءِ ١٩٧٧ع ۾ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر ڪافي سنجيدا نوعيت جي اڳڀرائي ڪئي ۽ ڌرين وچ ۾ ڳالهين لاءِ ڪوششون ڪيون. پر ٻيئي ڌريون گڏيل قومن جي ٺهراءُ ۲۴٢ تي پڙ ڪڍي بيهي رهيون، جنهن موجب فلسطين جي مسئلي جو ٻہ رياستي حل نڪرڻو هو. نتيجي ۾ ڳالهيون تعطل جو شڪار ٿيون ۽ معاملو اتي جو اتي رهيو. ٻن ورهين پڄاڻان ان مامري تي ڳالهائيندي جمي ڪارٽر چيو: ”هو ڪڏهن بہ اهڙي عرب اڳواڻ سان ملاقات نہ ڪري سگهيو، جنهن اڪيلائي ۾ آزاد فلسطيني رياست بابت پنهنجي خواهش جو ڪو اظهار ڪيو هجي.“ (ڏسو: نيويارڪ ٽائيمس، پهرين سيپٽمبر ١٩٧٩ع)
ياسر عرفات اهو خوب ڄاتو ٿي تہ ”سياست صحيح وقت جو فن آهي.“ تنهنڪري هو گهڻو تڻو عقلمنديءَ سان اڳتي وڌيو. دنيا ۾ اهڙو ٻيو ڪو اڳواڻ نہ ھوندو، جنهن رياستي سربراھ نہ هوندي بہ ياسر عرفات جيترا سرڪاري دؤرا ڪيا هجن، سفارتي مهمون هلايون هجن ۽ ٽياڪڙيون ڪيون هجن. اهو سندس اڻٿڪ سفارتي جاکوڙ جو نتيجو هو جو جڏهن آمريڪا گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ ياسر عرفات کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن گڏيل قومن پنهنجو اجلاس ١٣هين ڊسمبر ١٩٨٨ع تي ائٽلانٽڪ جي هُن پار جنيوا ۾ ڪوٺايو، تہ جيئن پي ايل او اڳواڻ کي ٻُڌي سگهجي. ان کان اڳ هو ستر واري ڏهاڪي ۾ بہ گڏيل قومن کي خطاب ڪري چڪو هو، پر هاڻي معاملا فيصلائتي پاسي ڏانهن لڙي رهيا هئا.
ان هوندي بہ هو ڪافي موقعن تي فلسطيني مسئلي جي حل لاءِ وقتائتا قدم کڻڻ ۾ گسندو رهيو. جڏهن جڏھن بہ مذاڪراتن جو مرحلو سامهون ٿي آيو، ويڙھ کي ڇڏڻ ۽ اسرائيل سان صلح شانتي سان رهڻ واري ڳالھ تي ويڙهاڪ گروهن گوٿناٿ شروع ڪري ٿي ڏني. ان ڪري موقعا وڃايا ويا. هڪ پاسي عرفات اسرائيل جي روشن خيال ۽ کاٻي ڌر جي حلقن سان ڳجها لاڳاپا ٿي وڌايا، ٻئي پاسي آمريڪا کي ڳالهين لاءِ زور ٿي ڀريو ۽ ٽئين پاسي پنهنجن عالمي اتحادين کان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائيون ٿي ڪرايون. پر پي ايل او ۾ ويٺل سختگير ويڙهاڪ گروهن انهن ڪوششن کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ نٿي ڏنو. هنن صلح جي هر ڪوشش ۾ رخنا ٿي وڌا. کيس هڪ ئي وقت بين الاقوامي رنگ منچ، عرب محاذ ۽ اندروني تنظيمي صفن تي جهيڙڻو ٿي پيو. جنهن تي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي هڪ عملدار چيو: ”عرفات جو مسئلو اهو هو تہ سندس وس ۾ ڪجھ بہ نہ هو.“ (اينڊريو گاورس ۽ ٽوني واڪر، ”عرفات کان فلسطين تائين“، ص ٢٢۵)
پوءِ بہ ياسر عرفات فلسطين مسئلي جي پرامن حل واري تجويز کي اڳتي وڌائيندو رهيو. اسي واري ڏهاڪي جا پويان سال ان سلسلي ۾ وڌيڪ ملهائتا ٿي پيا هئا.
ڊسمبر ١٩٨٧ع ۾ والاريل علائقن اندر پرامن احتجاجي تحريڪ ڀڙڪو کاڌو. فلسطين دنيا جو اهو ملڪ آهي، جنهن جي آزادي جي جدوجهد ان جي سرحدن کان بلڪل ٻاهر ٿيندي رهي. والاريل علائقا ڊگهي عرصي تائين گوريلا ويڙھ کان ذري گهٽ لاتعلق ۽ ماٺ ۾ وڪوڙيل رهيا. پوءِ بہ پي ايل او جي ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ وري بہ فتح والاريل علائقن تي ڪجھ ڌيان ڏنو. جڏهن ١٩٧٢ع جي بهار ۾ اسرائيل والاريل علائقن ۾ مڪاني چونڊن جو اعلان ڪيو، تڏهن پي ايل او چونڊن جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو. پي ايل او جي اهڙي فيصلي جي باوجود فلسطينين انهن چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو. اڳيان هلي پي ايل او پنهنجي حڪمت عملي ۾ تبديلي آندي ۽ ١٩٧٦ع وارين مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو. پي ايل او چونڊن ۾ مڪمل سوڀ ماڻي ۽ عرفات جا حامي ننڍين وڏين ميونسپالٽين سميت اهم عرب شهرن جا ميئر چونڊجي آيا. ان جي هڪ ڏهاڪي بعد والاريل علائقا جدوجهد جي پرامن ميدان تي هئا. غزا جي جباليا ڪئمپ کان شروع ٿيندڙ انتفادا تحريڪ خان يونس کان جيريڪو ۽ هيبرون کان نابلوس تائين سڄي والاريل علائقي تائين پکڙجي وئي. فتح جي نوجوانن جي تنظيم الصبيحا سميت ڪيترين ئي عوامي ڪميٽين، سڀائن ۽ سنسٿائن ۾ عوام پاڻ کي منظم ڪيو. ڪفيا سان چهرا ڍڪيل نوجوان هٿن ۾ پٿر ۽ گليلون کڻي بندوقن سان وڙهيا ٿي. اهڙي تحريڪ، خليل الوزير سميت، جيڪو والاريل علائقن ۾ لاڳيتو رابطاڪاري ڪري رهيو هو، ڪنهن جي بہ خواب خيال ۾ ئي نہ ھئي. پي ايل او قيادت سوڌو سڀني سمجهيو تہ اھو اڀار ڇهن مهينن کان وڌيڪ جٽاءَ نہ ڪري سگهندو. پر ايئن نہ هو، غزا پٽي ۽ الهندي ڪناري جا ١٧ لک فلسطيني اسرائيلي جبر مان تنگ ٿي پيا هئا ۽ هاڻي پنهنجا معاملا پنھنجن هٿن ۾ کڻي ورتا هيائون. ياسر عرفات هڪ ڏاهي اڳواڻ طور انتفادا تي پنهنجو اثر وڌائڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ هٿ پير هنيا. فيصل حسيني سميت والاريل علائقن مان هزارين ماڻهن جي گرفتارين، جبري جلاوطنين ۽ شهادتن جي باوجود تحريڪ جاري رهي. خليل الوزير جي قتل واري ڏينهن ٿيل هنگامن دوران گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن فلسطيني مارجي ويا. اهو انتفادا دوران هڪ ڏينهن ۾ مارجي ويلن جو سڀ کان وڌيڪ انگ آهي. پر گهٽين واري هن جدوجهد نيٺ پاڻ کي مڃرايو ۽ فلسطينين لاءِ آزاديءَ جو ڦل آندو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڊگهي هٿياربند جدوجهد پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. ١٩٩٣ع ۾ اوسلو معاهدي تحت تڪرار جي نبيري لاءِ ٻہ رياستي حل تي اتفاق ڪيو ويو، غزا واري پٽيءَ ۽ الهندي ڪناري کي فلسطين وطن طور خودمختياري ڏني وئي ۽ فلسطيني اختياري جو قيام عمل ۾ آيو. جنهن کي مرحليوار هڪ آزاد فلسطيني رياست جي صورت اختيار ڪرڻي هئي. البت ياسر عرفات جي لاڏاڻي بعد اهو عمل تعطل جي ور چڙهي ويو.
اسي واري ڏهاڪي جي پوين سالن دوران رڳو انتفادا جو جنم ئي نہ ٿيو هو، پر ڪجھ جهادي تنظيمون بہ اڀرڻ لڳيون هيون. جن مان حماس هڪ اهم تنظيم طور اڀري مٿي آئي. پي ايل او ۽ فتح جي روايتي حريف جماعت طور حماس اوسلو معاهدي کي مڃڻ کان نابري واريندي رهي آهي. ٽيون ور سال ستين آڪٽوبر ٢٠٢٣ع تي يهودين جي سمشات طورا ڏڻ جي موڪل جي موقعي تي حماس غزا پٽيءَ مان اسرائيل تي وڏن هٿيارن سان وڏو حملو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ اڀري آئي. ردعمل ۾ اسرائيل غزا شهر کي رڻ پٽ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. شهر تباھ ڪيل عمارتن جو ڍير ٿي ويو آهي. هڪ اندازي موجب سٺ هزار کن غزائي فلسطيني موت جو کاڄ ٿي ويا آهن، جن ۾ اڌو اڌ عورتون ۽ ٻارڙا آهن. ماڻهن جي پيٽن ۾ بک ۽ ڀاڻن ۾ ڀينگ واڪا پئي ڪري. جتي غزا وارا فلسطيني اسرائيلي اڳرائي جي منهن ۾ آهن، اتي الهندو ڪنارو صفا ماٺ آهي. نہ احتجاج، نہ نعرو، نڪي ڪو سڏ سَلو. الهندي ڪناري وارن علائقن ۾ فتح ۽ پي ايل او جو اثر آهي ۽ غزا وري پنهنجون حمايتون حماس کي ڏيندي رهي آهي. جنهن جي حماقت ڀري مهمجوئي عوام لاءِ اٿاھ آزار آندو آهي. ٻہ ڀيرا جنگبندي ٿي وري ٽٽي پئي آهي. پوءِ بہ امن جي اميد لڏي لمي اپڙي رهي آهي.
تازو فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون اعلان ڪيو آهي تہ فرانس ايندڙ مهيني فلسطيني رياست کي تسليم ڪري وٺندو. برطانيا، ڪئناڊا، مالٽا ۽ فنلينڊ بہ فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي آهي. ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو آهي تہ فلسطيني حڪومت جمهوري سڌارا آڻي ۽ ايندڙ سال وارين چونڊن ۾ حماس جي رستي روڪ ڪري. مالٽا جي وزير اعظم رابرٽ ابيلا پڻ مشروط تسليميءَ جي ڳالھ ڪئي آهي. سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس آهي، جنهن ۾ انهيءَ اعلانيل تسليميءَ جا امڪان آهن. ٻئي پاسي آسٽريليا، ڪئناڊا، آندورا، فنلينڊ، فرانس، آئسلينڊ، آئرلينڊ، لڪسمبرگ، مالٽا، نيوزيلينڊ، ناروي، پورچوگال، سان مارينو، اسپين ۽ سلووينيا جي پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ ”نيويارڪ ڪال“ دستاويز تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن ۾ سموري دنيا کان مطالبو ڪيو ويو آهي تہ اها فلسطيني رياست کي قبول ڪري. جنهن ڳالھ امن ۽ آزادي جي آشا جو هڪ نئون ترورو ضرور پيدا ڪيو آهي. پر هن سموري ڏيک جو ڪمزور پاسو هيءَ آهي تہ فلسطينين جي هٿن ۾ ترپ جو ڪوبہ پتو باقي نہ رهيو آهي. هاڻي سندن ترهو رڳو انسانيت جي عالمي ضمير جي سهاري سان ئي ڪنهن ڪنڌيءَ لڳي سگهي ٿو.
***
*(روزاني ”ڪاوش“، ڇنڇر ٢ آگسٽ ٢٠٢۵ع)*










