عورت اڄ به عدم تحفظ جو شڪار آھي

عورت اڄ به عدم تحفظ جو شڪار آھي

تحرير محمد فاروق ٻرڙو

عورت جيڪا ڌيءَ، ڀيڻ، ڀاڻيجي، ڀائٽي، مامي، چاچي ۽ جيجل ماءُ جھڙن مقدس رشتن جو نالو آهي، اھا عورت ئي آهي، جيڪا انسان کي جنم ڏيئي ھن ۾ ڳالھائڻ، سمجھڻ، سکڻ، گھمن، ويھڻ، ھلڻ کان وٺي انسانيت جو ھر گڻ ۽ صلاحيت پيدا ڪري ٿي، ھڪ استاد ۽ ھڪ اداري جي حيثيت رکندڙ اھا عورت نه رڳو ھڪ انسان کي جنم ڏئي انسانيت جو مجسمو اڀو ڪندي آهي، پر ان سان گڏ ھر معاشري جي سڌاري ۾ به عورت جو ئي ڪردار ھوندو، شايد ان ڪري ئي سمورن مذهبن عورت کي مٿانهون درجو ڏنو آهي، ست قرآن جو درجو به عورت کي مليل آهي، جنھن جي پيرن جي هيٺيان جنت رکي وئي آهي، اھا به عورت ئي آهي، پر اسان جي معاشري ۾ ان عورت جو اھو قدر ۽ اھا حيثيت نظر ئي نه ٿي اچي، جيڪا کيس خلقڻهار بخشي آهي،پيٽ مان پلجي نڪڙندڙ اولاد به جڏهن ان مرداڻي معاشري جو حصو بڻجي ٿو ته اُھو به ھن ماءُ جي اھميت کان انڪاري ٿي ويندو آهي، اھڙن سماجي روين سبب ڌيءَ جي روح ۾ برڪتن جي ڀري، ڀيڻ جي روپ ۾ دعائن ۽ ماءُ جي حيثيت سان رحمت جو ڇپر اڏيندڙ عورت وري به پنهنجي وجود مان مايوس نظر اچي ٿي، ھڪ ڳوٺ بڻجي ويل دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو ٽيڪنالاجي وسيلي دنيا جي ھر ڪنڊ پاسي کان واقف ٿي ويو آهي، جتي ھو سڌريل معاشرن ۾ عورتن جا سمورا حق ۽ قدر ڄاڻي واڻي به روايتي روين جو عادي آهي، جھر جھنگ کان وٺي شھرن بازارن توڙي زمين کان آسمان تائين عورت ھر ھنڌ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهي آهي، انھيءَ عورت ڪڙي نٽھڻ اس ۾ تتل ڌرتيءَ تي پٿر به ڪٽيا ھوندا، ته سرد ڏينهن توڙي رات ۾ پاڻيءَ منجھ بيھي پورھيو به ڪيو ھوندو، انھيءَ عورت سماجي، ادبي، سياسي، معاشي ۽ ثقافتي توڙي جنگي ميدان ۾ به مردن سان گڏجي پاڻ مڃرايو، عام معاشري جي سڌاري لاءِ احتجاجن کان وٺي عالمي سطح جي انقلاب لاءِ تحريڪون ھلائڻ تائين عورت صدين کان پاڻ ملهائيندي رھي آھي، پوءِ به الائي ڇو اھا عورت پاڻ کي مرداڻي معاشري ۾ اڻبرابري ۽ جنسي فرق جو شڪار محسوس ڪري ٿي، خانگي سطح تي غلاميءَ جھڙي نوڪري گھريلو ملازمت کان وٺي پڙھائڻ واري پيغمبري پيشي تائين عورت خيرات جيتري اجرت حاصل ڪرڻ تي مجبور آھي، جديد دور ۾ جيئڻ باوجود پڙھيل لکيل عورتن جو انگ مردن جي اڌ جيترو مس آهي، جڏهن ته رڳو 20 سيڪڙو عورتن کي پنھنجون صلاحيتون مڃرائڻ لاءِ ادارن ۾ وڃڻ جي اجازت ملي ٿي،جيتوڻيڪ زمين کان پوءِ چنڊ تي پھچڻ بعد انسان سوين ھزارين سال پراڻيون روايتون وساري ويٺو آهي، ان باوجود به مرداڻو انسان عورت کي پنهنجي برابر تسليم نه ٿو ڪري، اڄ جي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به عورت ساڳي نموني ھيسائي وڃي پئي، جھڙي ريت پٿرن واري دور ۾ ساڻس ورتاءُ ھو، پوءِ اھو سوشل ميڊيا ھجي يا ڪو ٻيو پليٽ فارم، بنا اجازت جي ڪنھن سان ڳالھائڻ تي اڄ به ڪارنھن جو الزام لڳائي قتل ٿي رهي آهي،تعليم ۽ انساني شعور جي انتھا واري دور ۾ به عورت مرداڻي ماحول ۾ مجبور ڏسجي ٿي، گھرن، ادارن توڙي ايوانن ۾ ھزارن لکن جي انگ ۾ ھئڻ باوجود عورت پاڻ کي اڪيلي تسليم ٿي ڪري، جديد دور جي مرداڻي معاشري ۾ عورت اڄ به عدم تحفظ جو شڪار آھي، سؤ سال اڳ جيان اڄ به ماني دير سان ڏيڻ تي ابدي ننڊ سمهاري وڃي ٿي، سڌريل معاشري کي جنم ڏيڻ لاءِ انسانيت پيدا ڪندڙ اداري عورت کي پنهنجي مرداڻي داٻي ۾ رکڻ بدران ساڻس ھم آهنگي وارو رويو ۽ رشتو ھئڻ گھرجي، ھر سال جيان ھن سال به 8 مارچ کي دنيا جي عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملھائي رھيا آھيون، عورتن جي حقن بابت جاڳرتا لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سيمينار، ميڙاڪا ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن، پر ان باوجود اسان جي معاشري جون 70 سيڪڙو عورتون پنهنجي حقن کان اڻ واقف آھن، عورتن جي عالمي ڏينهن تي اسان کي عزم ڪرڻو پوندو ته جنسي امتياز ختم ڪندي صنفي برابري لاءِ ناڪارا ريتن روايتن ۽ روين جي جاءِ تي عورت کي برابري جو درجو ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو