تحرير الله وسايو گهوٽو
سينيٽ جون چونڊون ويجهو اچي ويون آهن پي ٽي آءِ لاءِ هڪ ٻيو پنڊورا باڪس کلي ويو ويو آهي ۽ عمران خان ان مشڪل ۾ ڦاسي پيو آهي.راجا رياض چيو آهي آهي ته جهانگير ترين کي واپس آندو وڃي ۽ ان کي سينيٽ ۾ چونڊرايو وڃي ان اعلان کان پوءِ پي ٽي آءِ جي اندر وڏا اختلاف پيدا ٿي ويا آهن . شاهه محمود قريشي ۽ ان جا هم خيال ان جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته ايئن ڪرڻ سان عمران خان جي ساک کي ڌچڪو رسندو انهن جو چوڻ آهي ته فلحال جهانگير ترين کي نه چونڊرايو وڃي ڇاڪاڻ ته ان جي خلاف مني لانڊرنگ شگر اسڪينڊل ۽ ٻيا ڪيس آهن جيتري تائين ان جا ڪيس ختم نٿا ٿين ايتري تائين ان کي پارٽي معاملات ۾ سر گر۾ نه ٿيڻ گهرجي ۽ عمران خان جي سامهون مخالفت ٿي رهي آهي .عمران خان ان ڳالهه تي ڪنفيوز آهي ته ان معاملي تي ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان جا جيڪي اسپيشل اسٽنٽ ۽ ايڊوائيزر آهن جن کي وفاقي منسٽر جو درجي ڏنو ويو آهي جن ۾ زلفي بخاري ، شهزاد اڪبر ، صيف الله نيازي ، ڊاڪٽر زرڪا سهروردي ۽ تنزيلا عمران آهن انهن جي لاءِ چيو پيو وڃي ته انهن کي به پنجاب مان چونڊرايو وڃي هاڻي صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي ته جيڪڏهن ان اسٽيج تي جهانگير ترين کي نظر انداز ڪيو ويو ته جنوبي پنجاب جا پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ميمبر ناراض ۽ خفا ٿيندا. سينٽرل پنجاب جا ميمبر به ناراض ٿيندا ان تي پارٽي ۾ بحث ٿيندو انتشار ڦهلجي سگهي ٿو ۽ پارٽي ٽٽي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هاڻي سڀني ميمبرن کي يقين ٿي ڇڪو آهي ته پي ٽي آءِ جو هي پهريون ۽ آخري موقعو آهي ان کان پوءِ پي ٽي آءِ جي سياست ختم ٿي ويندي ان ڪري هر هڪ پنهنجي مستقبل جو سوچي رهيو آهي جيئن پنجاب ۾ مسلم ليگ ن ۽ سنڌ ۾ پي پي آهي اتي پي ٽي آءِ جي ماڻهن جا انهن ٻن وڏين پارٽين سان رابطا آهن جيئن هو پنهنجو مستقبل محفوظ ڪري سگهن ان صورتحال ۾ هڪ طرف پي ٽي آءِ چوي ٿي ته سينيٽ چونڊون لاءِ سپريم ڪورٽ وينداسين ان تي سڀني پارٽين چيو ته آئين جي آرٽيڪل 226 ۾ صاف صاف لکيل آهي ته وزاراعظم ۽ وزير اعليٰ جي چونڊ کاسواءِ سڀ چونڊون خفيه راءِ شماري طريقي ٿينديون جيڪڏهن ان کي تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا ته آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي ليڪن هنن ڪنهن جي نه ٻڌي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ هليا ويا وري سپريم ڪورٽ فيصلو ئي نه ڏنو ته ان وزيرن پريس ڪانفرس ڪري ڇڏي ته اسان اسان پارليامينٽ ۾ ويندا سون سينيٽ چونڊن جي بل لاءِ پر انهن وٽ ته ان لاءِ به صادي اڪثريت نه آهي صرف 6 ميمبرن جي اڪثريت تي وفاقي حڪومت بيٺي آهي ۽ حڪومت جي خلاف نو ڪانفيڊنس جون تياريون به ٿي رهيون آهن . وزير اعظم صاحب جيڪو ڪنهن کي ملڻ لاءِ تيار نه هوندو هو ان هاڻي ماڻهن سان ملڻ شروع ڪيو آهي ۽ پارٽي جي ايم اين ايز سينيٽرز کي ترقياتي فنڊ طور رقم به ڏيئي رهيو آهي . ماضي ۾ عمران خان ايم اين ايز ۽ سينيٽرز کي ترقياتي فنڊ جا پئسا ڏيڻ جي مخالفت ڪندو هو ته اها ڪرپشن آهي ايئن نه هجڻ گهرجي اهو ڪم لوڪل گورنمينٽ جو آهي ليڪن هنن ٻن صوبن ۾ اڪثريت هجڻ باوجود لوڪل گورنمينٽ سسٽم نه ٺاهيو آهي ۽ هاڻي اليڪشن ڪميشن سرگرم ٿي آهي صوبن کي چيو آهي ته جلدي لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ بلدياتي نظام کي فعال ڪيو وڃي .پارليامينٽ ۾ عام ليجسليشن لاءِ سمپل ميجارٽي گهرجي اها ليجسليشن حڪومت نه ڪري سگهي آهي ۽ 18 آرديننس جاري ڪيا آهن ته هاڻي آئيني ترميم ڪيئن ان جو جواب وزير خود ڏيندا آهنته اسان وٽ سمپل ميجارٽي نه آهي پراسان اهو معاملو پارليا مينٽ ۾ آڻڻ چاهيون ٿا مستقبل ۾ سڀن جي ڀلائي جي ڳالهه آهي۽ اها اسان سٺي روايت آڻڻ چاهيون ٿا ته جيئن حارث ٽريڊنگ نه ٿئي ۽ ان جو رستو روڪڻ لاءِ اسان سڀن پارٽِين کي موقعو ڏيئي رهيا آهيون اچو سڀ حارث ٽريڊنگ جو رستو روڪيون ۽ جيڪڏهن ٻين پارٽين پي ٽي آءِ جو ساٿ نه ڏنو ته هي اهو راڳ ڪرڻ شروع ڪندا ته اسان حارث ٽريڊنگ جو رستو روڪڻ پئي چاهيو پر اپوزيشن ساٿ نه ڏنو. ٻيو اهم اشو اپوزيشن پارٽيون عدم اعتماد رٿ جي تياري ڪري رهيون آهن مسلم ليگ ن پهريان پنجاب ۾ عدم اعتماد رٿ آڻڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي ۽ پهريان وفاق ۾ عدم اعتماد رٿ آڻڻ جو چيو آهي ڇاڪاڻ ته سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتمال رد جو تجربو سامهون آهي ۽ مسلم ليگ جي ڪوشش اها آهي ته اگر واقعي بلاول کي ان ۾ دلچسپي آهي ته هو عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ڪرائي ٿو ۽ ان کي جيڪا به سياسي سپورٽ حاصل آهي ته اڇا ڪارا سڀ پڌرا ٿي ويندا پهريان مرڪز ۾ عدم اعتماد رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته پوءِ پنجاب ۾ به آڻيندا سين ٻيو هڪ اهم اشو ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن حڪومت جي دور ۾ ڪرپشن وڌي آهي 2019 ۾ جڏهن عمران خان جي حڪومت آئي ان وقت پاڪستان 117 نمبر تي هو 2020 ۾ نمبر 120 تي آيو جيڪا حڪومت ڪرپشن جي خاتمي جي ناري تي ووٽ ورتو ۽ حڪومت ٺاهي انهن جي دور ۾ اڃان ڪرپشن وڌي آهي پر پي ٽي آءِ جا منسٽر چئي رهيا آهن هي رپورٽ ن ليگ جي حڪومت جي دور کي اسيسٽ ڪري ڏني وئي آهي نيب جي ٿوري تعريف ٿي آهي 45 ملين ڊالر نيب رڪور ڪيا آهن پرنيب تي جرمانا ۽ نيب جا خرچا ان رقم کان وڌيڪ آهن هي آهي حڪومت ۽ نيب جي ڪاڪردگي. پي ٽي آءِ جو اصل مقصد يا نارو جيڪو هو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪندا سين ته ان ۾ هي انتهائي ناڪام ويا آهن.










