تحرير الله وسايو گهوٽو
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ميان نواز شريف سان رابطو ٿيو آهي صدر زرداري ميان صاحب کي دعوت به ڏني بختياور ڀٽو زرداري جي شادي جي ۽ اهو امڪان آهي ته مريم نواز ان پروگرام ۾ شرڪت ڪندي. آرمي چيف کي به شادي جي دعوت ڏني وئي آهي رزداري ميان نواز شريف کي اهو ٻڌايو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان رابطا هلي رهيا آهن ۽ عمران خان کي هٽائڻ جو گرين سگنل ملي ويو آهي اسٽيبلشمينٽ ان جي پوري اسٽريٽجي ٺاهي ڇڏي آهي هن ميان صاحب کي يقين ڏياريو آهي ته مارچ ۾ سينيٽ اليڪشن ٿي وڃي ان کانپوءِ تبديلي شروع ٿيندي. عمران خان به ڌمڪي ڏني آهي ته اگر ان کان ڪنهن استعيفا گهري ته هو صدر کي اسيمبلين ٽوڙڻ لاءِ چوندو هاڻي ان ڳالهه تي اپوزيشن جو اتفاق ٿيو آهي ته عمران خان کان استعيفا فلحال نه گهري ويندي ان تي استعيفا لاءِ ڪنهن به قسم جو دٻائو نه وڌو ويندو ۽ عدم اعتماد جي تياري ٿي رهي آهي ان جي لاءِ بلاول به بيان ڏنو آهي ته عدم اعتمال آئيني ۽ قانوني طريقو آهي جنهن سان عمران خان کي هٽايو ويندو ان لاءِ فارمولا تيار ٿي چڪو آهي ته پنجاب ۾ مسلم ليگ ق کي سپورٽ ڪئي وڃي چيف منسٽر انهن جو هجي ليڪن ان تي اڃان معاملات طئي نه ٿيا آهن ڇوته پرويز الاهي ان ضد تي آهي ته ان جي پٽ کي پنجاب جو چيف منسٽر ڪيو وڃي ليڪن زرداري صاحب ۽ ٻين رهنمائن جو خيال آهي ته پرويز الاهي کي چيف منسٽر ڪيو وڃي ته پوءِ مسلام ليگ ق کي پنجاب ۾ سپورٽ ڪئي ويندي ان صورت ۾ قيو ليگ وفاق ۾ حڪومت جي حمايت ختم ڪري ڇڏيندي پهريان اها تبديلي پنجاب ۾ ايندي ان کانپوءِ اها تبديلي مرڪز ۾ ايندي مسلم ليگ ق کي اهو ٻڌايو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو گرين سگنل ملي چڪو آهي ان ڪري هي آئيني ۽ قانوني طريقو طئي ٿي چڪو آهي ليڪن ميان نواز شريف کي پرويز الاهي جي چيف منسٽر ٿيڻ تي تحفظات آهن ۽ ميان نواز شريف زرداري صاحب کي چيو ته چيف منسٽر توهان جو هجي ان تي زاداري صاحب چيو ته اهو ممڪن نه آهي ستن ميمبرن تي چيف منسٽر نٿو آڻي سگهجي. پرويز الاهي جيڪڏهن پٽ کي چيف منسٽر پنجاب جي ضد تان هٽي وڃي ٿو ۽ هو پاڻ اچي ٿو ته پوءِ ڪا به رڪاوٽ نه آهي ۽ عمران خان کي آساني سان هٽائي سگهجي ٿو.اسان جي ڄان مطابق وزير اعظم لاءِ سردار اختر مينگل جو نالو آهي ليڪن سينيئر صحافي هارون رشيد چيو آهي ته مرڪز جي لاءِ عبدالله حسين هارون جو نالوآهي ۽ ان تي ڪم ٿي رهيو آهي هو عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪافي ويجهو۽ پسند جو ماڻهون آهي. عبدالله حسين سنڌ اسمبلي جو اسپيڪر به رهي چڪو آهي نگران حڪومت ۾ فارين منسٽر به رهي چڪو آهي۽ يو اين ۾ پاڪستان جو ايمبيسڊر به رهي چڪو آهي بلاول ڀٽو پي ڊي ايم جي ويجهڙائي واري پروگرامن کان پري رهيو آهي 19 جنوري تي اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي اڳيان واري ريلي ۾ به شريڪ نه ٿيو ڪراچي ۾ جي يو آءِ جي ريلي ۾ به شريڪ نه ٿيو ۽ شريڪ نه ٿيڻ جو سبب مصروفيات ٻڌايو جڏهن ته اهڙي قسم جي سياسي پروگرامن کي پري رهي ته مطلب ڇا آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته آستيبلسمينٽ جو اشارو مليو آهي.پي پي جهڙي طريقي سان پي ڊي ايم جو رويو اختيا ر ڪري رهي آهي ان مان اهوصاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته انهن جو اسٽيبلشمينٽ سان مڪمڪائو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پي ڊي ايم پي پي سان گڏ هلندي آهي يا نه. گذريل ٽن چئن مهينن کان پي ڊي ايم ۾ اهو نظر اچي رهيو آهي ته پي ڊي ايم کي ليڊ پي پي ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته بظاهر پي ڊي ايم جو سربراهه ته مولانا فضل احمان آهي پر فيصلا جيڪي به ٿين ٿا ان جي تجويز بلاول جي طرفان ايندي آهي پي پي عد۾ اعتماد جي حوالي سان ڪليئر آهي ڇاڪاڻ ته مرڪز ۾ اختر مينگل ۽ ٻين ميمبرن جي ڇڏڻ کان پوءِ حڪومت کي صرف 6 ميمبرن جي برتري حاصل آهي ۽ هن وقت حڪومت ڪيلي جي کل تي کڙي آهي صرف ٿوري ڌڪي ڏيڻ تي حڪومت هلي ويندي ان ڪري اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هي سال عمران خان جي اقتدار جو آخري سال آهي










