علم ۽ ادب کان پري رھڻ جا نتيجا!

علم ۽ ادب کان پري رھڻ جا نتيجا!

تحرير: فرحان لاڙڪ

ڪنھن به شيء يا جڳھ تي لکبو ته انجي ويجھو وڃڻو پوندو آھي ۽ انجي تحقيق ڪبي ته جيئن انجي تباھيء جا ڪارڻ معلوم ڪري سگجھن , سنڌ جي جيڪا موجوده صورتحال آھي اھا انتھائي خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي روز نياڻين ۽ ٻارن سان زيادتي جا واقعا وڌندا ٿا وڃن ڪاپي ڪلچر ادب ۽ احترام کان پري ڇڙواڳ ماحول ٿيندو ٿو وڃي جيڪو اڳتي ھلي اڃان وڌيڪ تباھي مچائي سگھي ٿو جي اسان ان کي روڪڻ لاء ڪو جوڳا اپاء نه ورتا ته ڪنھن ڏاھي چيو آھي ته جنھن قوم کي تباھ ڪرڻو ھجي ته انکان انجي تعليم کسي وٺو ھو پنھنجو پاڻ تباھ ٿي ويندي. ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونھي پر, تعليم حاصل ڪرڻ جي لاء شعور ضرورت ھوندي آھي جيڪو ھر ڪنھن وٽ ڪون ھوندو آھي ۽ جتي شعور ھوندو آھي اتي علم ادب ۽ ڏاھپ جا بي مثال ڪردار نظر ايندا آھن جيئن ويجھي ماضيء ۾ سنڌ رھي آھي ۽ منھنجو خيال آھي ته بنيادي تعليم علم ادب جي شروعات گھر مان ئي ملندي آھي. جيڪا بدقسمتيء سان اڄڪلھ اسانجي معاشري ۾ نه ھجڻ جي برابر آھي, سنڌ ته لڄ ۽ لوئيء جي محافظ رھي آھي علم ادب ۽ امن جي شاھوڪار ڌرتي رھي آھي سنڌ جي تاريخ ته سنھري رھي آھي پر اڄوڪي سنڌ بگهڙن جي حوالي آھي جاھل ۽ انتھاپسنديء جي حوالي آھي غلام ۽ مفلوج ذھنن جي حوالي آھي جن ۾ فيصلو ڪرڻ ڄمي بيھڻ جي سگھ ئي ڪونھي, ڪٿي آھي اھا سنڌ، لطيف سچل ۽ ساميء  واري سنڌ, شيخ اياز استاد بخاري سرويچ سجاولي محمد خان مجيدي واري سنڌ, حيدربخش جتوئي جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي واري سنڌ, جيڪا علم ادب ۽ ڏاھپ جي درسگاھ ھئي ڪٿي آھي اھا سنڌ، شاھ لطيف چوي ٿو، ھئين ته ويڄن وٽ, پوء تون ڪيئن جيء جڏو ٿئين، اڳين عادت مٽ ته اگاھ عاجز نه ٿئين، سنڌ ۾ ھيترن عالمن اديبن شاعرن ۽ ڏاھن ھجڻ جي باوجود سنڌ جو نوجوان يا سنڌ جا ماڻھون ڇو جھالت واري زندگي گذاري رھيا آھن اسانجي سنڌ ته شاھوڪار پڙھيل لکيل سنڌ رھي آھي جنھنجي تاريخ کي پڙھي فخر ٿئي ٿو, ۽ موجوده سنڌ کي ڏسي دل روئي رھي آھي ته اسان سنڌ کي ڪھڙي پاسي وٺي وڃي رھيا آھيون.

اھو سڀ ڪجهه انجي ڪري ٿي رھيو آھي جو اسان علم ۽ ادب جون درسگاھون بند ڪري ڇڏيون آھن رڳو خانا پوري ڪرڻ ۾ پورا آھيون اڳي اسي ۽ نوي واري ڏھاڪي ۾ اسانکي گھر مان علم ۽ ادب جي تربيت ملندي ھئي ۽ اسڪول ۾ ليڪچر پروگرام ٿيندا ھئا سياسي جماعتون اسٽڊي سرڪل ھلائينديون ھيون ڪارڪنن جي تربيت ڪنديون ھيون ڪچھريون رکيون وينديون ھيون سماجي براين جي خاتمي لاء ليڪچر ڪرائبا ھئا تڏھن ته سنڌ کي گھرن مان بھترين انسان ۽ درسگاھن کي بھترين استاد ملندا ھئا گھٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول ڪون ھوندو ھو ۽ جي اھڙي قسم جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ھئي ته سنڌ جا اديب دانشور ۽ سياستدان گڏجي ميدان عمل ۾ اچي انتھاپسندن کي شڪست ڏيندا ھئا پنھنجي علم ادب ڏاھپ ۽ دليلن سان جڏھن شيخ اياز جي خلاف ان وقت جي مذھبي انتھا پسندن فتوا ٿي جاري ڪئي ته محترم رسول بخش پليجو صاحب ميدان تي اچي ٿو ۽ شيخ اياز جي حمايت ۾ مضمون لکڻ جو سلسلو شروع ڪري ٿو اڳتي ھلي اھو ڪتاب جي صورت اختيار ڪري ٿو انڌا اوندا ويڄ لکي مذھبي انتھا پسندن کي خاموش ڪرائي ڇڏي ٿو ڪٿي آھي اھا سنڌ جيڪا مزاحمت ڪندي ھئي حفاظت ڪندي ھئي لڄ جي ادب جي ثقافت جي ٻوليء ۽ ڌرتيء جي اڄ اسان ان علم ۽ ادب کان پري رھڻ جي ڪري سنڌ ۾ انسان نما بگهڙ پيدا ڪري رھيا آھيون ان علم ۽ کان پري رھڻ جي ڪري ڪمزور شاگرد ۽ استاد پيدا ڪري رھيا آھيون علم ۽ ادب کان پري رھڻ جي ڪري پنھنجي ثقافت تھذيب ۽ پنھنجي ٻوليء کي وڃائي رھيا آھيون علم ۽ ادب کان پري رھڻ جي ڪري اسين ڪمزور سياسي ڪارڪن پيدا ڪري رھيا آھيون جنھنجي ڪري اسين خاطر خواھ نتيجا حاصل ڪون ٿا ڪري سگھون ۽ نه ئي ڊگھي جدوجھد ٿا ڪري سگھون علم ۽ ادب کان پري رھڻ جي ڪري نوجوان نسل تباھي ڏانھن وڌي رھي آھي ۽ سماجي براين ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي.

سنڌ کي علم ۽ ادب جي سخت ضرورت آھي علم ۽ ادب ھوندو ته سگھ وڌندي شعور ۾ اضافو ٿيندو نوان رستا ملندا علم ۽ ادب وسيلي ئي ھن سماج کي بدلائي سگھجي ٿو سو اچو ته پنھنجي گھرن کان اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ پنھنجي سياسي مرڪزن کان وري نئين سر علم ۽ ادب جي شروعات ڪري  پنج ھزار سالن واري شاھوڪار ھنرمند پڙھيل لکيل مھذب لوئي ۽ لڄ جي حفاظت واري سنڌ اڏڻ لاء علم ۽ ادب جي ويجھو ٿي عملن پنھنجي سنڌ اڏيون ۽ پنھنجي نسلن کي تباھي کان بچائڻ لاء ڇڙواڳ معاشري کي دفن ڪرڻ لاء ڪردار ادا ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو