عالمي نمائش ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي شرڪت

عالمي نمائش ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي شرڪت

لنڊن(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فوڊ اينڊ بيوريج ڪمپنين جي وڏي انگ لنڊن ۾ منعقد انٽرنيشنل فوڊ اينڊ ڊرينڪ ايونٽ (آئي ايف اي) ۾ شرڪت ڪئي ۽ آئي ايف اي ۾ مختلف کاڌي پيتي جي شين جي نمائش ڪئي. ياد رهي ته IFE برطانيا ۾ فوڊ ڪمپنين ۽ پروفيشنلز لاءِ سڀ کان وڏو ايونٽ آهي ۽ 21 کان 23 مارچ 2022 تائين لنڊن ايڪسيل ۾ منعقد ڪيو ويو. ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي مدد سان پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن ”ايمرجنگ پاڪستان“ جي برانڊ نالي سان پاڪستاني پويلين قائم ڪيو.

نمائش لاءِ پاڪستان جي 5 معروف فوڊ اينڊ بيوريج ڪمپنين کي چونڊيو ويو. انهن ۾ ميسرز افتخار احمد اينڊ ڪمپني، ميسرز بسم الله سهلا پروسيسنگ، ميسرز GNS پاڪستان، ميسرز ڪرمان والا، ميسرز مهراڻ فوڊز شامل آهن. واضح رهي ته ڪورونا پابنديون هٽائڻ کانپوءِ نمائش ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي جنهن ۾ مقامي توڙي پرڏيهي خريدارن جي وڏو انگ شامل هو. پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن جي واپار ۽ اقتصادي ونگ پاڪستاني برآمد ڪندڙن کي تمام پرچون، هول سيل، تقسيم، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۽ فوڊ سروس جي شعبن ۾ امڪاني خريدارن سان پنهنجي B2B ملاقاتن جو بندوبست ڪري سهولت فراهم ڪئي. تقريب عالمي سطح تي پاڪستان جي خوراڪ ۽ مشروبات جي شعبي جي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو