رياض ابڙو
ٿيڻ ائين گهرجي هان ته طالبان جي انقلاب کي سڀ اسلامي ملڪ من ۽ عن مڃن هان يا جڏهن افغانستان ڪا ڪافر رياست هجي هان ۽ طالبان انهن جي ڪُنگرن کي ڪيرائي ڪلمو بلند ڪن هان ته مڃون هان، ۽ دنيا به ڏسي هان ته واقعي ئي هنن وڏو ڪم ڪيو آ. پر هي ڪا ستين صدي ٿورئي آ، ۽ ايڪيهين صدي ۾ شيون ائين ممڪن ناهن، جيئن پهرين هيون ته بس هاٿين جو لشڪر ڪاهي، گهوڙن جا ٽاٻڙڪا ڪري، تلوارن جا تجلا ڏيکاري، جنگي طبل وڄائي، ملڪ ميڙي، لٽي، ڦري کڻي ويندا هيا، پر هاڻي ائين ناهي، يا ائين هجي هان ته اهي افغاني طالبان ماضيءَ ۾ به سچا، کرا ۽ پيرن تي پختا هجن هان، ته ماڻهو انهن کي مڃن هان، پر هي ته تبليغي جماعتن وانگي (اڪثر ڪري) اهو ٿا ڪن ته جيڪو نماز پڙهي ٿو، ان کي ويٺا ٿا نماز سيکارن، وڃن اسلام اتي ڦهلائن جن کي اسلام ۽ مسلمان ڏٺل نه هجن، انهن وٽ عمل ۽ ايمانِ سالم سان روح افرزو جلواگر ٿي اسلام ڦهلائن ته خبر پوي.، هي ته آهن ئي آمريڪا جي اشاري تي پوءِ ڪهڙي ڳالھ کي مڃون. ڀلا ائين به ناهي ته سڀ جا سڀ 22 عرب ملڪ ۽ انهن کي ملائي جلائي 50 کن اسلامي ملڪ (جن جي آبادي ٻه ارب چئي سگهجي ٿي) هنن طالبان جي پيروي ڪندا يا انهن اسلامي ملڪن وٽ اسلامي حڪومتون ناهن، ۽ اهي سڀ مسلمان ملڪ هنن جي اهڙي جادوئي انقلاب جا منتظر هيا، يا اهي هنن طالبان جي اثر ۾ اچي پنهنجن ملڪن اندر هلندڙ حڪومتن کي ڪرائيندا يا بغاوت جو علم بلند ڪندا يا پاڻ کي انهن حڪومتن کان آزاد ڪرائيندا. پر اسان واري رياست جو به قبلو لڳي درست ناهي، يا ائين ٿو لڳي ڄڻ هن کي عالمي واءَ سواءَ جي کڻڪ نه ٿي پئي يا ڄاڻي واڻي ٿا ڪن، جو طالبان جي افغاني سرڪار ڪيرائڻ سان ئي بيان ڏئي ويٺا هيا ته ”طالبان غلامي جون زنجيرون ٽوڙيون آهن، هاڻي انهن صحيح ڪيو“ معني هنن ته ان ڳالھ جي به تصديق نه ڪئي ته طالبان صحيح آهن يا انهن کي غلط چوڻ جي همت نه ٿا ڀانئين، يا هنن جي بيان جي مطابق انهن طالبان جا اڳيان قدم، يا انهن جو لوڪل ايجنسين ۽ سي آءِ اي وٽ هجڻ يا پلجڻ صحيح هيو، انهن هن مهل تائين امريڪا جي اشاري تي جيڪو ڪجھ به ڪيو آهي يا هنن جي ڪري پاڪ آرمي جيڪو ”ضرب عضب، ردالفساد آپريشن“ ڪيو يا هاڻي عزم استحڪام يا هنن جيڪي 87 هزار ماڻهو هنن طالبان جي ڪري مئا يا ٻيا ڊرون حملن ۾ مئا، اهي آمريڪا صحيح ڪيا يا غلط، يا طالبان مظلوم آهن، انهن جو سي آءِ اي نقصان ڪري ويٺي آهي.
معني رياست جي ڳالھ اهڙي آهي جو سمجھ کان مٿي آ يا جيڪو اسان سمجهون ٿا اهو غلط آهي يا جيڪو رياست چئي اهو غلط آهي يا ان جي سدائين انگريزيءَ واري ٽنگ سلپ ٿيندي ٿي رهين جو جيڪو اچين ٿو چئي ٿا ويهن. ڀلا جي طالبان جيڪو افغانستان ۾ ڪيو جي اهو پاڪستان ۾ ڪري ويهن ته پوءِ هي ڇا ڪن هان؟ يا اسان ڇا ڪري سگهنداسين، ڇو ته طالبان جي چال رڳو افغانستان ۾ ته ختم نه ٿي ٿئي نه، طالبان جي نظر (سي آءِ اي جي تناظر ۾) ته اها طالبان وري اسلامي بغاوت ته ڳوڙهي يا ڊگهي آهي، يا اهي پاڪستاني ايٽمي طاقت جي پٺيان پيل آهن، ڇو ته اهو ئي ايٽمي طاقت جو مسئلو هيو جنهن جي لاءِ سي آءِ اي مشرف کي دعوت ڏني هئي ته ايٽمي ڌماڪا نوازشريف کڻي ڪري ته ويٺو آهي، پر سنڀالڻ ڪرڻ هنن جي وس جي ڳالھ ناهي ۽ ڪم مشڪل آهي، ان ڪري هن جو تختو اونڌو ڪجي. ساڳي ڳالھ ته بي بي جي به ڳچي ۾ به پئي هئي جو آمريڪا سان ان ڳالھ تي راضي هئي ته هوءَ ايٽمي پروگرام کي سوڙهو ڪندي ۽ جيڪا ڳالھ عسڪري ادارن کي نه وڻي، ۽ سڀ هڪ پيج تي اچي ويا، عسڪري ادارا، سي آءِ اي ۽ ملڪي ايجنسون جن اهو ڏٺو ته بي بي ملڪ جي ايٽمي اثاثن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي، ساڳي ڳالھ هن خان به ته ڪئي هئي، جي سڀاڻي اهي ئي طالبان ايٽمي طاقت جي لاءِ خطري جي گھنٽي وڄائي ويهن ته پوءِ هن جو بيان ته رڪارڊ تي پيو آهي، ته پوءِ هنن جو ڇا ٿيندو؟.
هنن ته ڄڻ طالبان کي نئون افغانستان ٺاهڻ جي آڇ ڪئي هئي، جو هن به ته نئون پاڪستان ٺاهيو آهي، اهڙو ئي نئون افغانستان طالبان به نه ٺاهي وجهن، پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟ جو هر جلسي ۾ جي يو آءِ اها ڌمڪي ٿي چاڙهي ته ملن جي حڪومت آئي پئي آهي، پر طالبان کي اها ڳالھ ته ڀلي ڀَتِ خبر آهي ته گوانٽانامو جيل ۾ ڪير هيا ۽ ڪنهن انهن کي واڙي رکيو هيو، اها ڳالھ ته جنرل مشرف به پنهنجي آٽوبايوگرافي ۾ مڃي ٿو، جڏهن 2006 ۾ اڃان هو پنهنجي فوجي نما صدارتي آفيس ۾ هيو، جنهن ۾ هن مڃيو هو هنن 672 طالبان پڪڙيا آهن، جن مان هنن رڳو 369 طالبان آمريڪا جي حوالي ڪيا اٿئين، جنهن جي بدلي ۾ پاڪ آرمي کي ڊالرن جي امداد ملندي هئي. معني آمريڪا کي رڳو اهو بانور ڪرائڻو هيو ته ڪيئن اهي دنيا جي امن جي لاءِ پريشان آهن، حلانڪي ان جي ابتڙ ڏسجي ته اهي ئي سي آءِ اي وارا هيا، جن طالبان جي فارميشن ڪئي، سي آءِ اي لوڪل ايجنسين کي پئي امداد ڏني ته اهي جهادي تنظيمون ٺاهي روس جا لاھ ڪڍن ۽ ظاهرن ته اهي جهادي تنظيمون ڪافرن سان وڙهيون، پر اشارو پوءِ به ڪافرن جو هيو. وري مشرف وارن ڏينهن ۾ مولانا عبدالعزيز ۽ مولوي عبدالرشيد جي اسلام آباد واري مدرسي تي اڇو جهنڊو ڦڙڪايو هيو، معني اتي امن آهي. پر مشرف ان ڳالھ کان به نه مڙيو ۽ عراق وارو ڪم ڪري ڏيکاريئين، معني سي آءِ اي هڪ پاسي انهن ئي طالبان کي امداد به ڏني، وري ٻئي پاسي عسڪري قوتن کي پئيسا ڏئي، انهن کي موچڙا به هڻايائين ته دنيا ڏسي ته سي آءِ اي ڪيتري سچي آهي ۽ دنيا ۾ امن ڪرائڻ ٿي چاهي. پر اسان ته بس ڊالرن جا پڄاري جيئن آمريڪا چئي معني ”ڊومور“ بس ”ڊومور“ ته جيئن هٿيارن جو ڌنڌو هلندو رهي. پر مذهبي ڌريون ته پوءِ به اهڙن طالبان جي حمايت ۾ هيون، يا کڻي طورا بورا ۾ بم ڌماڪا ڪين يا کڻي جامعيه حفصه ۾ آپريشن ڪين پر پاڪستاني ۽ افغاني طالبان جي دل ته هڪ ئي اسپيد سان ٿي ڌڙڪي، پوءِ به حمايت ته ختم نه ٿي ڪري سگهجي. ڇو ته مذهبي ڳانڍاپو پوءِ به برقرار آهي ۽ ان کي ڌڪ نه ٿو رسائي سگهجي، ڪجھ به هجي پر طالبان جي سوچ، نظريو ۽ اقدام پوءِ به اهي آهن. ڇو ته طالبان نوان ناهن طالبان اهي ئي پراڻا آهن، انهن جي خون ۾ مذهب جي لاءِ سچائي، قرباني ۽ اميد اها ئي آهي جيڪا 1998 ۾ هئي جيڪا 1992 ۾ هئي جيڪا 2001 ۾ هئي، کڻي ليڊر مٽيا آهن، ملان عمر مان ملان هيبت الله ۽ ذبيح الله اچي ويو آهي پر آهن اهي ئي پراڻا.
جيئن مت ڀيد ۽ مذهبي هم آهنگي کي لائين آف ڪنٽرول يا ڊيورانڊ لائين ختم نه ٿي ڪري سگهي، ائين ئي بارڊر به مٽائي ۽ ڊاهي نه ٿا سگهجن. ان ڪري هڪ پاسو جنهن ۾ سي آءِ اي جي امداد طالبان فارميشن کي نندجي پر ٻئي پاسي مذهبي جنون کي به سائيڊ لائين نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن جو فائدو وري به سي آءِ اي وٺندي. جيئن روس جي لاءِ جهادي تنظيمون اڀري آيون، ماڻهن ۾ جنت جون ٽڪيٽون ورهايون هين، تيئن ئي هاڻي به سي آءِ اي مذهب، لسانييت ۽ خطي ۾ اڀرندڙ نفرتن جو فائدو وٺندي، ڇو ته فينسنگ، بارڊر لائين، فوجون ۽ بين الاقوامي پابنديون ڪجھ نه ٿيون ڪري سگهن، ۽ مذهبن ۽ فرقن جي ڪلچرن کان ڊناءِ به نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڪري طالبان وٽ مذهب جي پوئواري جي پڳ به ته آهي، حلانڪي هنن جي پٺيان ڪيتري به سي آءِ اي لڳل هجي پر ڪندا اهو جيڪو ماڻهن جي گھڻائي چاهيندي يا جنهن ۾ مذهب جي هم آهنگي هجي ۽ ان جي ابتڙ سي آءِ اي خوش ٿئي، ڇو ته آمريڪا جي پلاننگ ته ڊگهي آهي.
هاڻي جي تناظر ۾ سي آءِ اي جي اندروني چالن کي ڇڏي باقي بچيل دنيا هنن جي اسلام، هنن جي انقلاب، هنن جي مذهب کي نه مڃيندي، ڇو ته دنيا جا ملڪ اهڙي ملڪ کي پسند نه ڪندا، يا اهڙي ملڪ سان ناتا رشتا نه جوڙيندا جنهن ۾ طالبان عورتن تي پابندي هڻن، عورتن جي نوڪري ڪرڻ تي سختي ڪن، عورتن جي آزادي داوَ تي هڻن، عورتن تي ظلم ۽ ستين صديءَ وارا اصول ڪارفرما ڪن، عورتن سان ناروا سلوڪ هلن، يا انهن جي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي وڃڻ تي پابند هڻن، يا اهي قدامت پسندي ڏيکارن ڇو ته انهن جي بنياد پرستي ۾ اهي سڀ عنصر شامل هوندا ۽ آهن، جنهن جي ڪري سي آءِ اي اندر ئي اندر گهرو ويڙھ لائي ڏيندي، پر اهي سامهون سڌا ٿي نه ايندا، ان ڪري جو سڄي دنيا اهڙي سسٽم کي ننديدي ۽ اهڙي قانون جي مخالفت ۾ انساني حقن جون تنظيمون نڪري نروار به ٿينديون جنهن ۾ طالبان پنهنجي قانون تحت ماڻهن جا چوري، ڌاڙن يا زنا جي ڪيسن ۾ هڻي هٿ، ٻانهون يا ٽنگون ڪپي ڇڏن يا ٻارن جي اسڪولن کي بند ڪرائي مدرسن جي ڀرمار لاهي ڏين، پوءِ اها ڳالھ به دنيا کي برداشت نه هوندي، پر اهي سڀ ڳالهيون طالبان ڪندا ڇو ته طالبان به پراڻا آهن ته افعانستان به پراڻو.










