ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طبيعت سڌرڻ کانپوءِ اسپتال کان ڊسچارج ٿي وائيٽ هائوس پهچي ويو، ٽرمپ طبي ماهرن جي هدايتن جي ابتڙ بيان ڏيندي چيو آهي ته ڪورونا ۾ ورتل شهري گهرن کان ٻاهر نڪرن، آمريڪا وٽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي بهترين دوا موجود آهي، ويڪسين به جلد تيار ٿي ويندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، صحتياب ٿيڻ تي چئن ڏينهن کانپوءِ کيس ڊسچارج ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هو هيليڪاپٽر ذريعي واپس وائيٽ هائوس پهچي ويو. آمريڪي صدر هيلي ڪاپٽرن مان لهي وائيٽ هائوس پهتو، جتي هن ماسڪ لاهي عملي ۽ سڪيورٽي اهلڪارن کي سليوٽ ڪيو. هن چيو ته 4 ڏينهن تائين اسپتال ۾ رهي کيس خبر پئي ته ڪورونا ڇا آهي، وبا کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو وڃي ۽ ڊڄڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. ياد رهي ته آمريڪا ۾ 2 لک 15 هزار ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿيڻ باوجود ٽرمپ جي اهڙي بيان تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار جوبائيڊن پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. جوبائيڊن چيو آهي ته آمريڪي صدر پاڻ ڪورونا جو شڪار ٿيڻ باوجود اهڙو بيان ڏئي ننڍي سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته ٽرمپ جي بيان سان ڪورونا سبب فوت ٿيل 2 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي پونيئرن جي دل آزاري ٿي آهي.










