صدر ٽرمپ جو ساٿي قتل، قاتل جي گرفتاري لاءِ ڳولا جاري

صدر ٽرمپ جو ساٿي قتل، قاتل جي گرفتاري لاءِ ڳولا جاري

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)يوتا يونيورسٽي جي هڪ تقريب ۾ ڳلي ۾ گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حامي چارلي ڪِرڪ جي قاتل جي ڳولا جاري آهي. ابتدائي طور تي شڪ جي بنياد جيڪي 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا هئا انهن کي پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪيو ويو آهي. صدر ٽرمپ جاري ڪيل ويڊيو پروگرام ۾ سخت ڪاوڙ، صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. بي بي سي جي رپورٽ ۾ شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته يوتا ويلي يونيورسٽي ۾ تقريب دوران گولي عمارت جي ڇت تان هلائي وئي هئي. چارلي ڪرڪ ’ٽرننگ آمرياڪ گروپ‘ قائم ڪري صدر ٽرمپ جي ’آمريڪا فرسٽ‘ واري پاليسي کي اڳتي وڌائي رهيو هو. عيني شاهدين موجب سنگل فائر بعد چارلي ڪرڪ جي ڳلي مان رت جو ڦوهارو وڙهو هو. هن تقريب ۾ چارلي ڪرڪ جي گهرواري ۽ ٻار به تقريب ۾ موجود هئا جيڪي محفوظ آهن. صدر ٽرمپ سيڪورٽي ايجنسيز کي جلد قاتل گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو