ليکڪ: طارق عزيز شيخ
موجوده عالمي منظرنامي ۾ چين هڪ وڏي معاشي ۽ سياسي قوت طور اُڀري سامهون آيو آهي، جيڪو عالمي استحڪام، واپار ۽ سفارتڪاري ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا اسرائيل جنگ دوران چين پنھنجو ڪردار سگھارو رکيو. ايران جي حق ۾ موقف ڏنائين ۽ ايران مٿان مڙھيل جنگ کي ننديائين. چين پنھنجو موقف امن قائم ڪرڻ وارو رکيو پر ان سان گڏوگڏ عالمي ڪاروبار جي بحالي لاءِ سامونڊي گذرگاهه ھرمز کي کولڻ لاء به زور ڀريو. عالمي ترقيءَ ۾ چين جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو حصو آهي۔
چين عالمي تڪرارن ۾ امن ۽ انصاف جي اصولن تي زور ڏئي ٿو ۽ پاڪستان جهڙن روايتي ڀائيوار ملڪن سان گڏجي عالمي استحڪام لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي۔
اڄ جڏهن دنيا جون ٻه وڏيون طاقتون، آمريڪا ۽ چين ڪنهن اعليٰ سطح جي معاملن تي ڳالھائين ٿيون ته ان جا اثر سڄي دنيا جي معيشت ۽ سياست تي محسوس ڪيا وڃن ٿا. عالمي سياست ۾ آمريڪا ۽ چين جا لاڳاپا هميشه هڪ حساس، تڪراري ۽ اهم موضوع رھندا آيا آهن. چين عالمي معيشت ۾ پنهنجو اثر تيزي سان وڌائي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا اڃا تائين عالمي سياسي ۽ فوجي طاقت جو وڏو مرڪز آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا صرف ٻه طرفي نه پر عالمي نظام لاءِ به انتهائي اهم آهن.
چين جي سرڪاري ميڊيا مطابق، گاديءَ واري شھر بيجنگ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان چيني صدر شي جن پنگ جي ٿيندڙ ملاقات دوران گفتگو ۾ آمريڪا ۽ چين جا واپاري لاڳاپا، ٽيڪنالاجي مقابلو ۽ عالمي سيڪيورٽي جهڙا اهم موضوع بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي چيني صدر چيو ته چين ۽ آمريڪا دنيا جون ٻه وڏيون طاقتون آهن، عالمي استحڪام اسان جو گڏيل ھدف آھي. ھن چيو ته عالمي امن ۽ معاشي ترقي ٻنھي ملڪن جي اھم ذميواري آهي. صدر شي جن پنگ چيو ته دنيا جون نظرون ھن وقت بيجنگ تي آھن. ھن چيو ته تائيوان جو مسئلو درست طريقي سان نه سنڀاليو ويو ته آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي سگهي ٿي.
ٽرمپ جي صدارت واري دور ۾ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ واپاري جنگ عالمي سطح تي هڪ اهم مسئلو بڻجي چڪو هو. ٽيرف، درآمدي پابنديون ۽ ٽيڪنالاجي مقابلي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي سخت متاثر ڪيو. جيڪڏهن آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ مستقبل لاءِ اهڙو ڪوبه اعليٰ سطح وارو فيصلو ٿئي ٿو ته ان جو اثر سڄي دنيا جي اقتصادي صورتحال تي پوندو.
ان ڏس ۾ اقتصادي ماهرن جو خيال آهي ته آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن ۾ ڪنهن به بهتري يا خرابي جو سڌو اثر عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن، تيل جي قيمتن ۽ سيڙپڪاري جي رجحانن تي پوي ٿو. تنهنڪري اهڙيون خبرون پاڻ ۾ ئي عالمي معيشت لاءِ اهم اشاري طور ڏٺيون وڃن ٿيون.
چين، آمريڪا سان برابريءَ جي بنياد تي سهڪار، عالمي استحڪام ۽ واپار جي واڌاري تي زور ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ ٽڪراءَ بدران سھڪار کي ترجيح ڏني پئي وڃي۔ چين عالمي معيشت جي هڪ اهم انجڻ مثل بڻجي چڪو آهي، جيڪو ترقي پذير ملڪن سان انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاري ذريعي لاڳاپا مضبوط ڪري رهيو آهي۔ پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ سي پيڪ ۽ ٻيا قرض معاشي بحران مان نڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔
ٽرمپ ۽ چيني صدر جي ملاقات جي تناظر ۾ چين آمريڪا سان حريف بدران ڀائيوار بڻجڻ تي زور ڏئي رهيو آهي، ته جيئن عالمي واپار ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي۔ چين پنهنجي ترقي وسيلي عالمي واپار ۾ نمايان حصو وجهي رهيو آهي پر ايران ۽ آمريڪا اسرائيل جنگ ان کي تمام گهڻو ڇيھو رسايو آهي. چين جو ڪردار دنيا کي گهڻ رخو بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجي معاشي ۽ سياسي اثر رسوخ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي۔
موجوده صورتحال ۾ امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال سبب عالمي سطح تي پيٽرول جون قيمتون عدم توازن جو شڪار آهن، جنهن سان دنيا جي معيشت کي لوڏو اچي ويو آهي۔ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ پاڪستان سميت سڄي دنيا لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن جو بنيادي سبب عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ غيرمعمولي واڌ ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ آهي۔
ان ڏس ۾ سعودي ڪمپني آرامڪو جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صورتحال معمول تي به اچي وڃي، ته به پيٽرول جون قيمتون گھٽ ٿيڻ ۾ مهينا لڳي سگهن ٿا۔ مجموعي طور تي عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن ۽ امڪان گهٽ آهي ته جلد ئي قيمتون معمول تي اچي سگهن۔
اھڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ تيل جي بحران ۽ گھٽ رسد سبب وڌندڙ قيمتن جي باوجود به آمريڪا هن وقت دنيا جو سڀ کان وڌيڪَ تيل پيدا ڪندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري آمريڪي ڪمپنيون گهٽ قيمت تي به منافعو ڪمائين ٿيون۔
چين ۽ آمريڪي صدرن جي ملاقات جو هڪ وڏو اثر عالمي تيل مارڪيٽ تي به پئجي سگهي ٿو۔ ايران بابت ڪنهن به مثبت يا منفي اڳڀرائي سان خام تيل جي قيمتن ۾ تيز تبديليون اچي سگهن ٿيون، جنهن جا اثر پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي پوندا۔ جيڪڏهن آمريڪا ۽ چين ايران بابت سفارتي حل ڏانهن وڌن ٿا ته تيل جون قيمتون ڪجهه حد تائين مستحڪم ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته جنگي ماحول وڌڻ جي صورت ۾ عالمي معيشت ٻيهر دٻاءَ هيٺ اچي سگهي ٿي۔
جيڪڏهن آمريڪا ۽ چين وچ ۾ ايران بابت ڪنهن حد تائين اتفاق پيدا ٿئي ٿو ته اهو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو۔ چين، ايران جو اهم معاشي ۽ توانائي وارو شريڪ آهي ۽ ايران جي تيل جي خريداري ڪندڙ وڏن ملڪن مان هڪ آهي۔ ان ڪري بيجنگ، تهران تي اثرانداز ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ رپورٽن مطابق آمريڪا چاهي ٿو ته چين ايران کي اهڙو پيغام ڏئي جنهن سان خطي ۾ جنگي صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي ۽ آمريڪا جنگ مان فاتحاڻي انداز مان نڪري وڃي۔
ٻئي طرف جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف وڌيڪ سخت پابندين يا دٻاءَ واري پاليسي اختيار ڪري ٿو ته چين ممڪن طور ايران جي وڌيڪ حمايت ڪري سگهي ٿو۔ اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ نئون سفارتي تڪرار به پيدا ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي توانائي ۽ واپار جي شعبي ۾۔ چين اڳ به ايران سان ڊگهي مدي وارا اقتصادي معاهدا ڪري چڪو آهي ۽ هو آمريڪي اثر کي متوازن رکڻ لاءِ ايران کي اهم علائقائي ساٿي سمجهي ٿو۔
تجزئي نگارن موجب ٽرمپ هن دوري ذريعي پنهنجي ملڪ ۾ اندروني سياسي پوزيشن کي به مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. آمريڪا اندر ايران جنگ، مهانگائي ۽ سياسي دٻاءَ سبب ٽرمپ انتظاميا کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تنهن ڪري چين سان ممڪن واپاري معاهدا يا سفارتي ڪاميابيون ٽرمپ لاءِ سياسي فائدي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.










