ميرپور ماٿيلو(ن س )شهيد صحافي جي قتل جو ڪيس داخل ٿي ويو،شهيد صحافي طفيل حيدراني جي قتل جو ڪيس ميرپور ماٿيلو پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو،ڪيس ۾ سبحان، عرفان، الياس، خليل سميت اٺ جوابدار نامزد، ٻه نامعلوم به نامزد ڪيو ويو آهي پوليس موجب ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.










