آفتاب عالم مهر
سنڌ، جيڪا سچ، حق ۽ قربانيءَ جي ڌرتي سڏجي ٿي، اڄ وري رت ۾ رڱجي وئي آهي۔ هن ڌرتيءَ جا قلم کڻندڙ ماڻهو، جيڪي مظلومن جا آواز آهن، جيڪي بي ايمان حڪمرانن، سردارن، وڏيرن ۽ ظالم عملدارن جي ظلم خلاف سچ لکن ٿا، سي اڄ پاڻ مقتل گاھ ۾ بي وس ٿي بيٺل آهن۔ سنڌ جي صحافت مقتل گاھ بڻجي چڪي آهي، جتي سچ لکڻ جو مطلب زندگي وڃائڻ آهي۔ تازي المناڪ خبر ميرپور ماٽيلو ۾ صحافت جي دنيا جو هڪ ٻيو ڏيئو وسايو ويو. حق ۽ سچ جو آواز، پريس ڪلب ميرپور ماٿيلي جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري، سچ لاءِ سڄي عمر قلم کڻندڙ شهيد طفيل حيدراڻي رند اڄ گولين جو کاڄ بڻجي ويو. هو صبح جو پنهنجي ڳوٺ حيدراڻي مان ٻارن کي اسڪول وٺي وڃي رهيو هو، سندن جروار روڊ تي هٿياربندن کيس روڪي ٻارڙن جي اکين آڏو بي رحميءَ سان گوليون هڻي شهيد ڪري وڌو.
اهو منظر جنهن کي لفظ به بيان نٿا ڪري سگهن۔ ننڍڙا ٻارڙا، جيڪي زندگيءَ جا سبق پڙهڻ وڃي رهيا هئا، جن اڄ پنهنجي چاچي کي خون ۾ ترندي ڏٺو۔ اتي هڪ معصوم نياڻي رينا ڌيءَ جميل رند به موجود هئي، جيڪا صدمي ۾ روئندي روئندي پاڻ به دنيا مان هلي وئي. هوءَ مرڻ کان اڳ روئندي اهڙا لفظ چئي وئي، جيڪي سنڌ جي ضمير کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي آهن، “توھان اڳ ۾ ڪهڙو انصاف ڪرايو آهي جو هاڻي ڪرائيندا؟” اهو جملو سڄي رياستي نظام جي منھن تي چماٽ آهي. ڇو ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن شهيد صحافي کي انصاف مليو آهي جو ھاڻي ملندو؟ جان محمد مهر، نصرالله گڏاڻي، امتياز مير، بچل گهنڃو، اي ڊي شر، سيد محمد شاھ، ۽ هاڻي طفيل رند… سڀ سچ جي راھ ۾ شهيد ٿيا، پر قاتل اڃا به آزاد آهن۔
اهو ظلم فقط هڪ ماڻهو سان ناهي، اهو ظلم اظهار جي آزاديءَ سان آهي. جڏهن سچ لکڻ کي ڏوھ بڻايو وڃي، جڏهن قلم کڻندڙ ماڻهوءَ کي سردارن ۽ وڏيرن جي غلامي نه ڪرڻ تي ماريو وڃي، تڏهن اهو سماج انساني نٿو رهي پر قبرستان بڻجي وڃي ٿو.
طفيل رند پنهنجي قتل کان اڳ پوليس کي پاڻ ٻڌايو هو ته کيس جان جو خطرو آهي، پر پوليس ائين چپ رهي ڄڻ ڪنهن حڪم جو انتظار ڪري رهي هجي. رياست جي اها بي حسي ڪنهن اتفاق جو نتيجو نه، پر هڪ منظم ريت آهي۔ ڇو ته هر ڀيري جڏهن ڪو صحافي شهيد ٿئي ٿو، ته سندس قاتلن کي بچائڻ لاءِ ذاتي دشمني يا قبيلائي جهيڙي جو نالو ڏنو وڃي ٿو يا ڪوڙو الزام لڳائي معاملو بند ڪيو وڃي ٿو۔ هاڻي ته معاملو ان حد تائين وڌي ويو آهي جو قاتل پاڻ وڊيو ۾ اچي اعتراف ڪري ٿو ته مون طفيل رند کي قتل ڪيو، پر پوليس اڃا به چوي ٿي ته جاچ جاري آهي. اها جاچ اصل ۾ قاتلن کي بچائڻ جي راند آهي. جيڪڏهن قاتل پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي، ته پوءِ قانون کي ڪھڙي طاقت روڪيون بيٺي آهي؟ ڇا قاتل اهڙا زورآور آهن جو پوليس ۽ حڪومت رياست ادارا انهن جي اڳيان بي وس بڻيل آهي؟
اهو واقعو فقط طفيل رند جو قتل ناهي، اهو سنڌ جي ضمير جو قتل آهي۔ اهو سوال آهي ته آخر سچ لکندڙ هميشه ڇو پيا ماريا وڃن؟ ڇا سنڌ ۾ حق لاءِ قلم کڻڻ ڏوھ بڻجي ويو آهي؟ ڇا اهو ئي ڏوھ آهي ته ڪنهن ظالم کي وائکو ڪيو وڃي؟ طفيل رند جهڙا قلم ڌڻي سماج جي آئيني ۾ سچ جا عکس آهن، جن کي مارڻ سان فقط هڪ ماڻهو نه ٿو مرِي، پر پوري سچائيءَ جو روح زخمي ٿي پوي ٿي.
هاڻي سنڌ جا صحافي، ليکڪ، شاعر، ۽ باشعور ماڻهو ان ظلم خلاف قلم کڻي اٿي بيهن. ڇو ته جيڪڏهن اڄ به چپ رهيا، ته سڀاڻي هر سچ لکندڙ جي مٿان گوليون هلنديون. اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته سچ کي دٻائڻ سان ظلم وڌي ٿو، ظالم طاقتور ٿئي ٿو، انصاف دفن ٿئي ٿو، ۽ انسانيت مري ٿي. اسان جو مطالبو آهي ته شهيد طفيل رند ۽ سندس معصوم ڀائٽي رينا جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، کين سخت سزا ڏني وڃي، ۽ انهن پوليس آفيسرن تي به ڪارروائي ڪئي وڃي جن بي حسيءَ سان اڳواٽ اطلاع ملڻ باوجود ڪجھ نه ڪيو.
اسان کي اهو به ياد رکڻو پوندو ته صحافي جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي هوندي. صحافي جو ڪم سچ لکڻ، عوام جو آواز بڻجڻ ۽ ظالم کي وائکو ڪرڻ آهي. پر افسوس، هاڻي اهو ڪم رياست جي اک ۾ ڏوھ بڻجي چڪو آهي.
وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا قلم ڌڻي هڪ آواز بڻجن، ڇوتہ اسان جي خاموشي ئي قاتلن جي همت بڻجي وئي آهي. هر شهيد صحافي جو رت اسان کي سڏ ڪري رهيو آهي ته اُٿي پئو، ظلم خلاف لکو، سچ ڳالهايو، ڇوتہ سچ لکندڙ ڪڏهن مري نٿا سگهن، انهن جا لفظ هميشه جيئرا رهندا آهن۔ شهيد طفيل حيدراڻي ۽ معصوم رينا جي قربانيءَ سنڌ جي تاريخ ۾ سچ جي علمبرداريءَ جو نئون باب کوليو آهي. هاڻي اهو باب بند نه ٿيڻ گهرجي۔
سنڌ، جنهن جي ڌرتيءَ تي محبتون پوکيل آهن، اڄ رت سان ڀرجي وئي آهي۔ پر ياد رکو، قلم جو رت ڪڏهن ضايع نه ويندو. هي رت نوان قلم پيدا ڪندو، نوان سچ پيدا ڪندو، نوان سوال پيدا ڪندو۔ اسان شهيد طفيل رند کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن سچ لاءِ جان ڏني، ۽ ننڍڙي رينا کي به، جيڪا پنهنجي آخري ساھ سان اهو سوال ڇڏي وئي. “توھان اڳ ۾ ڪهڙو انصاف ڪرايو آهي جو هاڻي انصاف ڪرائيندا؟” اهو سوال هاڻي سنڌ جي هر ضمير تي ڇاپيل رهندو، جيستائين انصاف نه ملندو.!










