ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جون 2 ڀلوڙ ۽ خوبصورت اداڪارائون صبا قمر ۽ سونيا حسن جلد هڪ ئي ڊرامي ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ اچي رهيون آهن، اداڪارا صبا قمر ۽ سونيا حسين پوليس آفيسر جي ڪردار ۾ اينديون. ناليواريون اداڪارائون هدايتڪار عدنان سرور جي ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪيون ويون آهن.صبا قمر ۽ سونيا حسين کي پوليس آفيسر جو ڪردار ڏنو ويو آهي. ٻنهي اداڪارائن تصويرون پڻ شيئر ڪري ڇڏيون آهن جن کي سوشل ميڊيا تي وڏي پذيرائي ملي رهي آهي.










