شھباز شريف خادم اعلي کان خادم پاڪستان تائين

شھباز شريف خادم اعلي کان خادم پاڪستان تائين

مير ذوالفقار چانڊيو
پاڪستان جي تاريخ ۾ ھي پھريون دفعو آهي جو ملڪ جي ھڪ سياسي خاندان جي ٻن ڀائرن ملڪ جي وزيراعظم جو عھدو سنڀاليو آهي جنهن ۾ ميان نواز شريف ۽ شھباز شريف شامل آهن ھون ته ھڪ ئي گھر جي ٻين فردن به ملڪ تي حڪومت ڪئي آهي پر ھي ٻن ڀائرن جي واحد جوڙي آهي جن ملڪ جون واڳون سنڀاليون آهن ان کان علاوه شھباز شريف کي پڻ اھو به اعزاز حاصل ٿي ويو ته پاڻ ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ويو ته سندس موڀي پٽ پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب جو وزيراعلي چونڊجي ويو اھڙي جوڙي جو مثال به شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڏسڻ لاء ملي رهيو آهي خير اڄ جو موضوع صرف شھباز شريف آهي شھباز شريف پاڪستان جي سياست جو واحد سياستدان آهي جيڪو لڳاتار 2 دفعا پنجاب جو وزيراعلي ۽ سڄي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ وارو آهي اھڙو اعزاز ان کان اڳ ڪنھن کي ناھي مليو شھباز شريف جي ذاتي زندگيءَ کي ڇڏي سندس عوامي سياست تي نظر ڪجي ته شھباز شريف پنجاب جو پھريون وزيراعلي ھو جنھن پنھنجي حڪومتي دور ۾ ڏينھن رات محنت ڪري پنجاب خاص ڪري لاھور جي عوام جي گھڻي مان گھڻي خدمت ڪري ترقي ڏياري شھباز شريف جي پنجاب ۾ گذريل ڏھن سالن جي حڪومتي دور ۾ لاھور ۾ ايتري ترقي ٿي جيڪا گذريل پنجاھ سالن ۾ نه ٿي سگهي مون کي ذاتي طرح اعزاز آهي ته آئون گذريل 15 سالن کان ملتان لاهور اسلام آباد ويندو رھندو آھيان ته مون کي وڌيڪ خبر آهي ته پنجاب ۾ ڪيتري ترقي ٿي آهي يان ڪيتري تباھي ٿي آهي شھباز شريف پنھنجي پھرين وزارت اعلي جي دور ۾ لاھور اندر ميٽرو بس سروس شروع ڪئي جيڪا ٿوري عرصي ۾ تمام گھڻي مقبول وئي عوام جي مقبول ترين سواري بڻجڻ سان گڏ انھن کي بھترين سھولت ملي وئي ان سان گڏ پنجاب اندر شھباز شريف جي ليپ ٽاپ اسڪيم به پنجاب ۾ مقبوليت ماڻي وئي جنھن جي ڪري پنجاب جو عوام شھباز شريف کي خادم اعلي جي لقب سان سڏڻ لڳو منھنجي اکين ڏٺو احوال به آهي ته شھباز شريف پنجاب جو وزيراعلي نه پر خادم اعلي آهي رشتي ۾ ته اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جو ڀاءُ آهي پر سياست اندر يان عوامي خدمت ۾ شھباز شريف ميان نواز شريف جو ڀاءُ نٿو لڳي ڇو ته شھباز شريف ڏينهن رات محنت ڪري عوام جي خدمت ۾ مصروف رھندڙ آھي جڏھن ته ميان نواز شريف ائين نه ان جي ھڪ الڳ سوچ آهي لاھور يان پنجاب جي جيڪا ترقي ٿي آهي ان جو ڪريڊٽ سڌو شھباز شريف ڏانهن وڃي ٿو نه ته ان کان اڳ خد ميان نواز شريف ملڪ جي وزيراعظم سان گڏ پنجاب جو وزيراعلي مختلف حڪومتن ۾ وفاقي وزير جي عھدي تي پڻ رهيو آهي پر ميان نواز شريف پنھنجي سياست حڪومت دؤر ۾ لاھور پنجاب جي ايتري ترقي نه ڪئي جيتري شھباز شريف گذريل ڏھن سالن ۾ ڪئي خادم اعلي شھباز شريف عوامي سياستدان ھجڻ ڪري غريبن جي ڏکن دردن جو ڀرجھلو رھندڙ عوام دوست سياستدان آهي پنجاب جي عوام به کيس حد کان وڌيڪَ پيار ڪندڙ آهي جنھن جي ڪري کيس خادم اعلي جي لقب سان سڏيو ويندو آهي ان کان علاوه لاھور اندر اورينج ٽرين منصوبي جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي اورينج ٽرين جو سفر ٿورو مھانگو ضرور آهي پر سڪون وارو آهي ٽرين جو سڄو سسٽم جديد طرز تي تعمير ھجڻ سان گڏ سڄو سسٽم ڪمپيوٽرائز آهي جتي هر وقت عوام کي سفري سھولت ملي ٿي ان کان علاوه ماضيءَ ۾ ياد گار پاڪستان ۽ ان جي سامھون بادشاهي مسجد شاھي قلعي جي وچ ۾ آمدرفت لاءِ روڊ ٺھيل ھو جنھن کي شھباز شريف ختم ڪري ٻنھي تفريحي گاھن کي ملائڻ عوام کي آساني سان سير تفريح ڪرڻ لاءِ پارڪ جو بندوبست ڪيو ويو جيڪو مون کي ڏاڍو پسند آيو شھباز شريف جي ٻنھي حڪومتن ۾ پنجاب اندر شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪرڻ محنتي شاگردن لاءِ اسڪالر شپ ڏيڻ سندس خدمت ۾ شامل ھو ان سان گڏ شھباز شريف جي حڪومت جي خاص ڳالھ ھي آھي ته سندس حڪومت ۾ ملتان شھر ۾ پڻ ساڳيو ميٽرو بس سروس وارو منصوبو شروع ڪيو ويو ان کان علاوه راولپنڊي کان اسلام آباد تائين پڻ عوام کي ميٽرو بس سروس جي سھولت ڏئي انھن جي تڪليفن کي آساني ۾ تبديل ڪيو اھي منصوبا اڄ به جيئن جو تيئن عوام جي خدمت لاءِ جاري آهن جڏهن به انھن شھرن ۾ وڃڻ ٿيندو آهي ته تفريح جي لاءِ ضروري سفر ڪري گھڙي پل لاء جمھوريت تي فخر ٿيندو آهي ڇو ته اھڙي ترقي صرف جمھوري حڪومتن ۾ ٿيندي آهي ھلندڙ ھفتي کان جڏهن شھباز شريف ملڪ جو وزيراعظم ٿيو آهي ته ملڪ جي خدمت لاءِ ڏينهن رات محنت جدوجهد ڪري رهيو آهي جيئن ھفتي ۾ ٻن موڪلن کي ختم ڪري ھڪ ڏينھن موڪل ڪري آفيسرن کي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو آهي ان سان گڏ حلف برداري جي ٻئي ڏھاڙي سنڌ صوبي جي دوري تي پھچڻ ماضيءَ جي حڪومت ۾ سنڌ اندر رولڙي جو شڪار بڻيل تاريخي منصوبن کي جلد پورو ڪرڻ عوام کي درن تي ريليف ڏيڻ جا اعلان پڻ شامل آهن ان سان گڏ اقتدار سنڀاليندي پھرين ھفتي ۾ پشاور موڙ کان اسلام آباد تائين رولڙي جو شڪار بڻيل ميٽرو بس سروس منصوبي کي آزمائش جي طور تي شروع ڪيو ويو آهي سندس مقصد ته ھر طريقي سان عوام کي رليف ڏيڻ آھي اقتدار جي پھرين ھفتي ۾ آفس ٽائم 8 بجي ھجڻ ڪري ملڪ جو وزيراعظم شھباز شريف 7 بجي پھچي ٿو وڃي مختلف آفيسن ترقياتي ڪمن جا وزٽ ڪري آفيسرن کي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ھدايتون جاري ڪندو رھي ٿو سندس ڪارڪردگي جي لاءِ پنجاب جي حڪومت عوام جي سامھون آھي پر ھاڻي به شھباز شريف طرفان ملڪ جو واڳون سنڀالڻ شرط عوامي ڪم شروع ڪري ڏنا آهن ميان نواز شريف سندس وڏو ڀاءُ ھجڻ سان گڏ پراڻو اقتداري سياستدان رھيو آھي پر سندس ڪارڪردگي ايتري خاص يان عوام کي مطمئن ڪندڙ نه رھي آھي ان جي مقابلي ۾ شھباز شريف جي پنجاب حڪومت دوران خاص ڪري لاھور جي ترقي تاريخي حيثيت ٿي رکي شھباز شريف جي وڏي خاصيت ھي آھي کيس وڏائي تڪبر غرور نه اٿس ان ڪري وڏي فخر سان پنھنجي پاڻ کي خادم اعلي سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي ۽ ھاڻي جڏھن ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ مرزا قائد تي حاضري ڀري نوٽ لکيا ته ان ۾ پنھنجي نالي پٺيان خادم پاڪستان لکي فخر محسوس ڪندو رهيو لاھور ۾ جڳھ جڳھ تي سندس جا پينا فليڪس خادم اعلي جي لقب سان ڏسڻ ۾ ملندا آهن سندس نوجوان پٽ ھاڻي جو وزيراعلي پنجاب حمزا شهباز شريف جي سياست به سندس پيءُ جي طرز جھڙي عوام دوست آهي جنهن کي پڻ ,, شير لاھور ،، سڏيو ويندو آهي اھڙي خادم پاڪستان مان غريب عوام جون ھزارين اميدون وابسته آهن ته عوام کي رليف ڏيندو جنھن جي لاءِ ايندڙ وقت بھتر رھنمائي ڪندو باقي موجوده حالتن ۾ ملڪ کي حقيقي جمھوري سياستدانن جي ضرورت آھي جيڪي گار گند انتقامي ڪاررواين کان پاسو ڪري خالص عوام جي خدمت ۾ مصروف عمل ھجن اميد آهي ته شھباز شريف عوام جي پورن اميدن تي لھي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڏينهن رات ڪوششون ڪندو رھندو ٻئي پاسي شھباز شريف جي بھتر گڊ گورننس تي ماڊل ٽائون واقعو ڪارو داغ بڻيل آهي جيڪو ڪڏهن لھي نٿو سگهي ياد رهي ته شھباز شريف جي حڪومت ۾ لاھور ماڊل ٽائون ۾ ڏينهن ڏٺي جو ن ليگ جي گلو بٽ سميت ڪافي دھشتگردن منھاج القرآن جي مرڪز تي حملو ڪري ڏنو ھو جنھن ۾ درجن ماڻهو شھيد ڪيا ويا ھئا

پهنجو تبصرو موڪليو