شھادت موليٰ علي  شيرِ خدا  حيدر ڪرار

شھادت موليٰ علي شيرِ خدا حيدر ڪرار

وفا ولي محمد ڦل
ٽرجمون ; شھيد زندھ آھن انھن کي مءل نه چءو ـ الله پاڪ طرفان اڻھن کي جنت الفردوس ۾ خوبصورت طعام ملي ٿو (القرآن) ـاھڙن عظيم شھيدن ۾ شر خدا بھادر حيدر ڪرار حضرت علي ڪرم الله بن ابي طالب ۔ فاطمه بنت اسد جي بطن اطھر مان ھڪ روايت جي مطابق اندرون خانه ڪعبه 6 صدي عسوي ۾ پيدا ٿيا ھئا ننڊ پڻ ۾ ئي حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي ڪفالت ۾ آيا ۽ دربار نبوت سان آخري دم تڪ جڙيا رھيا ڏھن سالن جي عمر مبارڪ ۾ اسلام قبول ڪيائون پاڻ چوندا ھئا ته مون بتن جي پوڄا ڪڏھن به نه ڪئي ھئي ، ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم کان پوء مون کان اول الله پاڪ جي عبادت ڪنھن به نه ڪئي ھئي ننڊ پڻ ۾ ئي حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم سان محبت ڪندا ھئاجڏھن ڪوه صفا تي چڙي ڪري حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم علان نبوت ڪيو ته (ان وقت حضرت علي رضي الله عنه جي عمر مبارڪ 15 سال ھئي) چيائين ته آئون عمر ۾ ننڊو ضرور آھيان ۽ جسم ۾ ڪمزور به آھيان پر آئون اوھان سان ھر حال ۾ ھر موڙ تي گڏ رھندس جڏھن علي سائين جي عمر 22 سال جي ٿي ته جان جي پرواه نه ڪندين پوري رات نبي ڪريم حضرت سيدنا امام الامنبياء محمد صلي الله عليه وسلم جي بستر مبارڪ تي آرامي ٿيا ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم حضرت سيدنا امام ابوبڪر صديق رضي الله عنه کي ساڻ ڪري ھجرت لاء روانا ٿيا ان کان ٽي ڏينھن بعد پاڻ به حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم سان وڃي مليا مدينه منوره پھچڻ کان پوء نبي ڪريم صلي الله عليه جي لاء پاڻ رضه جيڪي قربانيون ڏنائون اھو ھڪ الڳ باب آھي سواء ھڪ جنگ جي باقي پاڻ رضه ھر جنگ ۾ سجاعت ۽ بھادري سان شريڪ ٿيا غزوه تبوڪ جي موقعي تي حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم پاڻ علي سائين کي شرڪت کان روڪيو ھو ۽ اھلبيت رضي الله عنهما جي حفاظت نگراني لاء مدينه منوره ۾ رھڻ جو حڪم ڏنائين ان ڳالھ جو حضرت سيدنا امام علي ڪرم الله وجه کي ڏاڍو ڏک ٿيو جنھن تي حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم ھي جملا چئي ڪري علي سائين جي اعزاز کي بلند ڪيو علي اوھان پسند نه ڪندا ته اوھان جو مون وٽ اھو مقام ۽ مرتبو آھي جو ھارون عليه اسلام جو موسی عليه اسلام سان ھئو حضرت علي رضي الله عنه جي اھميت عزت حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم وٽ ڪيتري ھئي ان ڳالھ جو اندازو اوھان پاڻ لڳائي سگھو ٿا حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم اھم ۽ مشڪل ڪم لاء حضرت علي رضي الله عنه جي ذمي ڪندا ھئا جيسين تائين حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم زنده ھئا ته علي سائين ھر وقت ھر مشڪل آسان گھڙي ۾ پاڻ سڳورن سان قدم به قدم گڏ ھئا حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ھر حڪم تي پاڻ رضه لبيڪ چوندا ھئا حضرت سيدنا امام علي رضي الله عنه جي قربانين کي ڏسي ڪري حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم غدير خم جي خطبي ۾ فرمايو ته جو شخص علي رضه جو دشمن آھي اھومنھنجو دشمن آھي جو شخص علي رضه جو دوست آھي اھو مون محمد صلي الله عليه وسلم جو دوست آھي حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي وفات کان پوء (خليف سوم ) تائين امام علي ڪرم الله وجه اھم عھدن تي فائز رھيا ۽ دين اسلام جي خدمت ڪندا رھيا ۽ جنگي ميدانن ۾ به شريڪ ٿيندا رھياخليفو اول حضرت سيدنا امام ابوبڪر صديق رضي الله عنه خليفو ٻيو حضرت سيدنا امام عمر فاروق رضي الله عنه خليفو ٽيون حضرت سيدنا امام عثمان غني رضي الله عنه جي مظلوم شھادت کان پوء حضرت سيدنا امام علي رضي الله عنه چوٿون خليفو مقرر ٿيو حضرت سيدنا امام علي ڪرم الله وجه جي خلافت ۾ سازشون بدامني عام ھئي علي سائين حڪمت . بصيرت بھادري ، جرعت سان ھر فطني کي قابو ۾ آندو دين اسلام جي دشمنن سيدنا امام علي رضي الله عنه کي زياده دير خلافت ڪرڻ نه ڏني 21 رمضان المبارڪ 40 ھجري ملعون عبدالرحمان ملجم خارجي سيدنا امام علي سائين کي شھيد ڪيو نماز جنازه سندس فرزند اڪبر حضرت سيدنا امام حسن رضي الله عنه پڙھائي ۽ قبر مبارڪ جامعه مسجد ڪوفه ۾ آھي ۔الله پاڪ کان دعا آھي ته اسان جميع امت مسلمانن کي شھيد شيري خدا حضرت علي رضي الله عنھ جنھن جا ٻچڙا شھيد امام حسين رضي الله عنھ پڻ اھلبيت سميت عظيم قرباني ڏءي دين اسلام عالم انسانيت جي بقا جي جنگ وڙھي ڪري سرخرو ٿي ويا انهن سڀني عظيم ھستين جي طرز عمل تي ھلڻ جي توفيق عطا فرماءي آمين

پهنجو تبصرو موڪليو