شڪارپور ۽ سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگردي، انساني امن لاءِ وڏو خطرو!

شڪارپور ۽ سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگردي، انساني امن لاءِ وڏو خطرو!

آفتاب عالم مهر

سنڌ، جيڪا محبت، مهمان نوازي ۽ انسانيت جي ڌرتي سڏي ويندي آهي، اڄ ساڳئي ڌرتيءَ تي رت جو رقص جاري آهي. شڪارپور، جيڪو ڪڏهن سنڌ جي پئرس، علم، ادب ۽ تهذيب جو مرڪز هو، اڄ خوف، دهشت ۽ قبيلائي جهيڙن جو ميدان بڻجي ويو آهي۔ هر ڏينهن نوان لاش، نوان جنازا، نوان يتيم ۽ نوان زخمي خواب پيدا ٿين ٿا۔ ڪڏهن مهر قبيلو، ڪڏهن جتوئي، ڪڏهن شر، ڪڏهن بڊاڻي پر مرندڙ جو نالو هميشه سنڌي ۽ سنڌ جو لکيو وڃي ٿو.
سنڌ جا قبيلائي جهيڙا، جيڪي اڳ ماضيءَ ۾ عزت ۽ زمين جي ننڍن تڪرارن مان پيدا ٿيا هئا، اڄ دهشتگرديءَ جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. جديد هٿيار، فرسوده سوچ ۽ پراڻي بدلي جي باھ گڏجي هڪ اهڙو عذاب پيدا ڪيو آهي، جيڪو شڪارپور کان سڄي سنڌ تائين پکڙجي چڪو آهي. جتوئي ۽ مهر قبيلن جو تڪرار، جيڪو ٻه ڏهاڪا اڳ شروع ٿيو ھو، هاڻي علائقائي نه، پر انساني الميو بڻجي ويو آهي. سرڪاري انگن موجب صرف ٻن سالن ۾ 39 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته اصل انگ اکر ان کان ڪٿي وڌيڪ آهن. ڪيترائي زخم اڃا تائين کليل آهن، جن تي رياست جو مرهم نه پيو آهي.
شر ۽ بڊاڻي قبيلن جي وچ ۾ به ساڳي صورتحال آهي. 13 بيگناھ ماڻهو، جن جو ڏوھ فقط اهو هو ته هو انهن علائقن جا رهاڪو ۽ ان قبيلي سان واسطو رکندڙ هئا، زندگين کان محروم ٿي ويا. اڄ به انهن گهرن ۾ مائرون ڪنڌ کڻي آسمان ڏانهن ڏسن ٿيون ته سندن پيارا واپس ايندا يا نه. اهي ڳوٺ، جتي ڪنهن وقت ميلن ۽ راڳن جا آواز گونجندا هئا، اڄ گولين جي آواز سان ڌرتي لرزي پئي.
شڪارپور جو نالو ٻڌندي هاڻي ماڻهن جي ذهن ۾ خوف جو نقشو ٺهي وڃي ٿو. سفر ڪرڻ کان اڳ ماڻهو سوچيندو آهي ته ڪهڙي طرف کان ڪهڙي قبيلن جي حد شروع ٿيندي. ائين لڳي ٿو ڄڻ سنڌ اندر هڪ ٻي سنڌ ٺهي وئي هجي هٿيارن ۽ نفرت جي سنڌ۔ 1988ع کان 2025ع تائين جتوئي ۽ مهر جهيڙن ۾ لڳ ڀڳ 450 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن۔ هر جنازي پويان هڪ ڪهاڻي آهي، هڪ ماءُ جي آھ، هڪ ڀيڻ جي دعا، هڪ ٻار جي خاموش نظر۔ پر انهن سڀني جي آوازن تائين نه رياست پهتي آهي، نه سردار، حڪومتن جون ڪميٽيون ۽ اجلاس ٿين ٿا، پر نتيجو ساڳيو پوليس جاچ ڪري رهي آهي.
رياستي ادارن جي نااهلي ۽ قبيلائي سردارن جي انا گڏجي اهڙو زهر پيدا ڪيو آهي، جيڪو سماج جي رڳن ۾ پکڙجي چڪو آهي. ڪيترائي نوجوان، جيڪي تعليم حاصل ڪري سماج جو سهارو بڻجي سگهن پيا، اهي بندوق کڻي قبيلائي جهيڙن جا دهشتگرد بڻجي ويا آهن. اسڪول ويران، اسپتالون خالي، ۽ پوليس چيڪ پوسٽون خوف جو مرڪز بڻيل آهن.
قبيلائي دهشتگردي هاڻي ڪنهن هڪ علائقي جو نه، پر سڄي سنڌ جي امن لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. ان جا اثر ڪراچي تائين پهچي رهيا آهن، جتي مختلف علائقن مان ماڻهن جي لڏپلاڻ جاري آهي. عورتون، ٻار ۽ بزرگ پناھ لاءِ شهرن ڏانهن اچي رهيا آهن، پر دلين ۾ اڃا به اهو خوف آهي ته ڪڏهن وري جهيڙو شروع نه ٿي وڃي.
هاڻي سوال اهو آهي ته آخر اهو سلسلو روڪبو ڪيئن؟ ڇا سنڌ سدائين رت ۾ ترندي رهندي؟ يا ڪنهن ڏينهن لطيف جي ڌرتيءَ تي امن جو آواز وري گونجندو؟ سنڌ کي ضرورت آهي هڪ گڏيل بيانيي جي اهڙو بيانيون جيڪو سياسي نه، پر انساني هجي، جنهن ۾ چونڊ مهم نه، پر انسانيت جي ڳالھ هجي. جيڪو ٻڌائي ته دهشتگرد جو ڪو به قبيلو نه هوندو آهي، دهشتگرد فقط دهشتگرد هوندو آهي.
رياست کي پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻي پوندي. پوليس کي مقامي دٻائن کان آزاد ڪري منصفاڻي ڪارروائي ڪرڻي پوندي. عدالتن کي اهڙن ڪيسن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ۽ سڀ کان اهم ڳالھ، تعليم ۽ روزگار ذريعي نوجوانن کي هٿيار بدران قلم ڏنو وڃي. قبيلائي سردارن کي به پنهنجو ڪردار بدلڻو پوندو، ڇو ته سرداري جو اصل مطلب طاقت نه، پر ذميواري آهي۔ جيڪڏهن ڪو سردار پنهنجي ماڻهن کي جهيڙن ۾ ڌڪي ٿو، ته اهو سردار نه، پر دشمن آهي.
اسان کي اهو ياد رکڻو پوندو ته سنڌ ۾ ڪنهن به قبيلائي جنگ جو فائدو نه جتوئي کي آهي، نه مهر کي، نه شر کي، نه بڊاڻي کي، فائدو فقط انهن کي آهي، جيڪي سنڌ جي اتحاد کي ٽوڙڻ ۽ امن کي تباھ ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪي چاهين ٿا ته سنڌ جا ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، ۽ ڌرتيءَ جي محبت کي نفرت ۾ بدلائين۔ اهو وقت آهي ته سنڌ جا اديب، صحافي، شاعر، عالم، شاگرد، استاد ۽ مزدور گڏ ٿي هڪ آواز ۾ چون، “هاڻي بس، هاڻي قبيلائي دھشتگردي نه!” اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ اهڙي سنڌ ڇڏڻي آهي، جتي هٿيارن جي بدران ڪتاب هوندا، جتي بدلي جي بدران ڀائپي هوندي، ۽ جتي نفرت جي بدران محبت جي حڪمراني هوندي جيڪڏهن اڄ به سنڌ جو عوام خاموش رهيو ته سڀاڻي شايد خاموشيءَ لاءِ به ڪو نه بچندو۔!

پهنجو تبصرو موڪليو