تحريرجنيد علي ميمڻ سنڌ جي مشھور صوفي بزرگ شاه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان بڻيل شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جو نوشھرو فيروز وارو ڪئمپس ڪيترين ئي پريشانين ۽ مشڪلاتن جو شڪار بڻيل آھي جتي هزارين شاگرد تعليم وٺڻ لاء اچن ٿا ليڪن افسوس سان ٿو لکڻو پوي ته ان نوشھرو فيروز ڪئمپس ۾ ڪلاسز نه هلڻ ڪري ۽ استادن جو کوٽ ھجڻ ڪري ھزارين شاگرد تعليم جهڙي خوبصورت زيور کان محروم زندگي گذاري رهيا آهن.نوشھرو فيروز ڪئمپس جتي بي اي. بي ايس سي. ايم ايڊ ۽ لا ڊپارٽمينٽ پڻ موجود آھي پر هن ڪئمپس ۾ ڪنهن به ڍنگ جي ڪا سهولت ناهي نه ڪا لائبريري آھي جتي شاگرد ويهي ڪري ڪتابن جو مطالعو ڪري سگهن نه ڪا صاف پاڻي جي سهولت آھي، تربيت جي باري ۾ ھڪ صوفي شاعر نظام الدين اولياء جو قول آھي ته انسان جي هڪ تربيت ته گهر ٿيندي آهي جنھن ۾ هو ڳالهائڻ، کائڻ، پيئڻ، اٿڻ، ويھڻ ۽ سمهڻ جا ڍنگ سکندو آهي. ان کان ٻي تربيت اسڪول ۾ ٿيندي آهي جتي هو لکڻ، پڙهڻ ۽ چستي ڦڙتي سکندو آهي. ٽين تربيت ٻاهرين دنيا ۾ ٿيندي آهي جتي هو سماج ۾ رهڻ، ملڻ جلڻ ۽ سماجي ٿيڻ سکندو آهي. ٽين تربيت ۾ ڪنھن استاد وٽ ويھڻ جي ضرورت ڪانہ پوندي آهي. ھن دور ۾ انسان خود پنھنجو استاد پاڻ آهي، هو اگر بھترين استاد ۽ هوشيار شاگرد ٿي سگهندو تہ هن جي پڙهائي جا سٺا نتيجا نڪرندا پر جي موڳو سست يا لاپرواھ رهيو تہ هن جي تربيت صحيح ٿي نہ سگهندي. ٽين دور واري تربيت ۾ انسان پنهنجو استاد بہ پاڻ آهي تہ شاگرد بہ پاڻ ۽ ماحول سندس ڪتاب آهي بس هو پنھنجو پاڻ کي بهترين طريقي سان پڙهائي. درسگاهون ٻارن کي تعليم سان ڱڏوگڏ عزت و احترام پڻ سيکارينديون آھن پر هتي گنگا الٽ آھي جتي شاگرد پنهنجي بنيادي ۽ آئيني حقن لاء هر روز آواز اٿاري رهيا آھن ليڪن انهن سان انصاف ڪرڻ وارو ڪو ڪونهي.افسوس آھي اسان کي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۽ نوشھرو فيروز ڪئمپس جي انتظاميه تي جيڪا شاگردن جي حقن ۽ انهن کي تعليم کان محروم ڪري سندن مستقبل تباھه ڪري رھي آھي، اگر ڪو شاگرد پنهنجن حقن لاء آواز اٿاري ٿو ته اهو مؤقف ڄاڻايو ٿو وڃي ته يونيورسٽي شديد بحران جو شڪار آھي ھاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪي شاگردن جي ڪاليج سائيڊ کان فيس ٿي اچي ۽ اها فيس يونيورسٽي جي ڪيترن ئي ڊپارٽمينٽن کان ٻيڻ تي آھي پوء به نوشھرو فيروز جو لا ڪاليج پوئتي پيل آھي هن ڪاليج کي لاوارث ڄاڻائي آخر مستقبل جي وڪيلن سان کلواڙ ڇو پيو ڪيو وڃي ڇا يونيورسٽي کي گورنمينٽ کان بجيٽ نٿي ملي جو استادن کي پگهارون ڏئي انهن جا احتجاج ختم ڪري انهن کي ڪلاسز وٺڻ لاء زور ڀريو وڃي۔ مان هتي ان گالهه جو ذڪر به ڪندو هلان ته شاه عبدالطيف نوشھرو فيروز ڪئمپس مان تقريبن 40 کان مٿي قانون جا شاگرد پاس آئوٽ ڪري جج بڻجي ويا آھن ڇا اهو اعزاز گهٽ آھي هڪ ننڍي ضلعي جي ڪاليج مان ايترا محنتي ۽ قابل احترام شاگرد اڄ وڏن وڏن عهدن تي فائض آھن پوء به ھن ڪاليج کي نظرانداز ڪري شاه عبدالطيف يونيورسٽي پنهنجي ناڪام ۽ نااهل انتظاميه جو ثبوت ڏئي رهي آھي اهڙي طرح نوشھرو فيروز ڪاليج کي مختلف قسمن جي ور چاڙھي هٿ سان تباه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. درسگاهون ٻارن کي تعليم سان گڏ اخلاقيات سيکارينديون آهن۔ هي شاه عبداللطيف يونيورسٽي ڪهڙو پيغام پهچائي رهي آھي جتي ڪڏهن استادن جا ڌرڻا ته وري ڪڏهن شاگردن جو دانهون آخر ڪيستائين شاگردن جا حق پائمال ڪري کين علم کان پري رکيو ويندو آخر هي به ڪنهن جو اولاد هوندو جنهن کي تعليم کان محروم ڪري سندن جي پريشانين ۾ اضافو ڪري انهن کي ذھني صدمو رسايو پيو وڃي۔لطيف يونيورسٽي ۽ ان سان منسوب نوشھرو فيروز ڪئمپس جو نوٽيس ڪير وٺندو اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي مسئلا زير نظر آھن جيڪي هن وقت قابل حل لاء تمام ضروري آھن اسين نوشھرو فيروز ڪئمپس جا تمام شاگرد اپيل ڪري رهيا آھيون ته خدارا اسان سان انصاف ڪيو وڃي اسان جا پراپر ڪلاسز ورتا وڃن اسان کي استاد ڏنا وڃن پيئڻ لاء صاف پاڻي ۽ لائبريري مهيا ڪئي وڃي ته جئين اسان هن ڪامپيٽنٽ دور ۾ دنيا سان مقابلو ڪري سگهون۔ ٻي صورت ۾ اسان کي روڍن ۽ رستن تي نڪرڻ لا مجبور نه ڪيو وڃي. اسان تمام وس وارن ۽ خاص طور گورنمينٽ آف سنڌ ۽ وزيراعلي سنڌ کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان کي هر سهولت ڏني وڃي ته جئين اسين آساني سان علم پرائي پنهنجو ۽ پنهنجي والدين جو هٿ ونڊائي سندن مشڪلاتن ۾ آسانيون پيدا ڪري سگھون.










