شاهه لطيف جي شاعريءَ ذريعي اهم پيغام، عبدالفتاح عباسي

سنڌ جي سونهن ۽ شاعرن جي سرتاج مرشد گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي شاعريءَ جا رنگ ڍنگ، مزاج ۽ ڪيفيتون سنڌ جي ماروئڙن جي چٽي عڪاسي ڪندڙ ۽ درد جو واضع کليل نمونو آهن، تنهن ڪري فرمايائون ته ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ، هينئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ، هوءِ ثابوتي ساڻ ، ته پسڻ کان پالهو رهين. شاهه حضرت عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله تعاليٰ عليه جيتوڻيڪ باطن ۾ هڪ ڪامل ولي الله، عارف بالله ۽ عظيم روحاني هستي هيا، انهي ڪري هو پنهنجي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وسلم پاڪيزه شريعت مطهرهه کي خلق خدا ماڻهن جي صحيح هدايت دڳ سڏيندي واضع ڪيو آهي ته طريقت ۽ شريعت جي دامن سان ٻئي جهان ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿين ٿا، جڏهن اهي ٻئي نعمتون ملي وڃن ٿيون ته پوءِ ماڳ معرفت ماڻ ۽ پوءِ جڏهن اهي ٻئي طرقيت ۽ شريعت جي ثابوبي ساڻ هجئي ته پوءِ پسڻ کان پالهو رهين، مرشد لطيف روحاني رمز جا راز بيان ڪندي فرمايو ته “ تن تسيبح، من مڻيو، دل دنبورو جن، تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن، وَحدهُ لا شريڪ له ، اهو راڳ رڳن، سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت ان جي.جن جو جسم مالها آهي ۽ من مالها جو ڌاڻو ۽ دل تنبورو جنهن جي طلب جون تارون، مولا ڪريم رب العالمين  جي هيڪڙائيءَ جي راز  سان پيئون وڄن، اهو مالڪ هڪ ئي آهي جنهن جي جيتري به حمد و ثنا ڪر اها گهٽ آهي،سندس جو ڪو شريڪ ( مٽ ناهي)، اهو ئي راڳ سندن رڳون پيئون ڳائين، انهن ڪامل، اڪلم مرد قلندر شخصيتن جي بظاهر سمهڻ به سجاڳي آهي ۽ انهن عظيم هستين جي ننڊ به بندگي عبادت آهي. ڇاڪاڻ ته الله جا ڪامل ولي بزرگ رضاءِ الاهي ۾ ايترا ته مستغرق ۽ فنا هوندا آهن جو انهن کي پنهنجي آرام، آسائش ۽ دنيا داريءَ جو ڪو پتو ئي نه پوندو آهي. تنهن ڪري ته هڪ ٻي جاءِ تي ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي ته “ وحده لاشريڪ له ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا، ڪه تو ڪنين نه سُئا، جي گهٽ اندر گهوڙا، ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامُهان، رب ڪريم هڪ آهي ۽ انهي جو ڪو مٽ ثاني ناهي، اي ٻوڙا ! تو اها وائي نه ٻڌي آهي، هيءُ جو تنهنجي اندر ۾ هڪلون ضمير جون پڪارون پيئون پون سي ڇا ڪنن سان نه ٻڌيون آهن، جتي تنهنجي سامهون شاهد اچي بيهندا، تتي هنجون هارڻيون پوندئي.جيئن فرمائن ٿا ته اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي، قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم، والي واحد وحده رازق رَبُ رحيم، سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم، ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي. معنيٰ ته اڳ ۾ پهريان نالو مٺڙي رب ڪريم ڪائنات جي حقيقي مالڪ خالق جو جيڪو سڀ ڪجهه ڄاڻيندڙ آهي ۽ ذري ذري جو مالڪ آهي. جنهن جي حڪم کان سواءِ ڪا به شيءِ چري پري نٿي سگهي، هو سگهارو پنهنجي سگهه سان اصل کان وجود ۾ آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو آهي، هو جڳ جهان جو والي آهي، هو هڪ آهي ۽ سڀني جو پاليندڙ ۽ ٻاجهارو آهي، انهيءَ سچي سائين جي ساراهه ڳاءِ ۽ انهيءَ رب العالمين جي واکاڻ ڪر، هو مهر ڀريو پنهنجي ڪاريگريءَ سان ساري جهان جو جنسار ٿو جوڙي، جنهن کي ڏسندڙ ۽ عقل ڌاريندڙ حيرت ۾ پئجي وڃن ٿا ته واهه رب العالمين تنهنجي قدرت جو ڇا ته شاندار ڪمال آهي. انهيءَ ڪري ڀٽائي سرڪار فرمايو ته پاڻهين جل جلاله، پاڻيهن جان جمال، پاڻيهن صورت پرينءَ جي، پاڻيهن حسن ڪمال، پاڻيهن پير مريد ٿئي، پاڻيهن پاڻ خيال، سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي. مٺڙو رب ڪريم پاڻ ئي وڏي شان وارو آهي ۽ پاڻ ئي سونهن جو جوهر ( تت)  آهي،هُو پاڻ ئي پرينءَ جو روپ آهي ۽ پاڻ ئي پوري سونهن آهي، هو پاڻ ئي مرشد ۽ پاڻ ئي مريد ٿو ٿئي، هو پاڻ ئي خيال ۽ اهي جنهن مان هيءُ سمورو مانڊاڻ يا پسار نروار ٿيو آهي اهو سمورو حال اندر مان ئي ٿو پروڙي سگهجي.جنهن ڪري وڌيڪ فرمائن ٿا ته پاڻيهن پسي پاڻ کي، پاڻيهن محبوب، پاڻيهن خلقي خوب، پاڻيهن طالب تن جو. هو پاڻ ئي پرين آهي ۽ پاڻ ئي پنهنجي سونهن پيو پسي، هو پاڻ ئي سهڻيون شيون ٿو ٺاهي بڻائي ۽ وري پاڻ ئي انهن تي فدا ٿو ٿئي. معنيٰ ته انهن پنهنجن ٻانهن بندن سان پيار محبت ايتري ڪري ٿو جو والدين کان به 70 دفعا وڌيڪ محبت ڪري ٿو ۽ مالڪ کي پنهنجي مخلوق ڏاڍي پياري آهي. ڀٽائي گهوٽ رحمت الله تعاليٰ عليه فرمائين ٿا ته عاشق زهر پياڪ، وِهُ ڏسي وهسن گهڻو، سڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ، لڳين لنو، لطيف چئي، فنا ڪبا فراق، توڻي چڪنن چاڪ، ته به آهَ نه سلن عامَ کي. معنيٰ ته اصل کان عاشق زهر پيئندڙ آهن ۽ وهه کي ڏسي ٽڙن ٿا، هو هميشه ڪوڙي ۽ جان نهوڙيندڙ عشق جي آڙاهه ۾ هريل آهن، هنن کي نينهن جو نيش لڳل آهي ۽ وڇوڙي کين وڍي فنا ڪري ڇڏيو آهي. توڙي سندن زخم ڪڙهن پيا ته به هو خلق اڳيان آهه به نه ٿا ڪڍن. وڌيڪ فرمائن ٿا ته جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن، فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن، پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پِرينءَ کي. جيڪي اندر  درد جي درس جو دور ڪن ٿا، سي سور جو ئي سبق پيا پڙهن، انهن جي هٿ ۾ خيال جي پٽي آهي ۽ هو ماٺ جو اڀياس پيا ڪن، هو اهو ئي ورق پيا پڙهن، جنهن ۾ پِرينءَ کي ٿا ڏسن. ڀٽائي سرڪار رحمت الله عليه چون ٿا ته “پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾، پاڻان ڏوهه چڙهن، جئن ورق ورائين وترا. هن اعليٰ ترين شاعريءَ ۾ علماءِ سوءِ جيڪي رب کي ريجهائڻ ۽ خلق خدا جي خدمت کي نيڪيءَ جي رستي تي هلڻ جي دعوت ڏيڻ بجاءِ رڳو پنهنجي ڪاروبار ڌنڌي ۾ مصروف رکڻ لاءِ ۽ مذهب جي پاڪيزه نالي کي پنهنجي دڪانداري ۾ استعمال ڪندي هڪ طرف فرقيواريت، مذهبي تعصب تي مبني نفرت آميز ڳالهيون ڪري پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪندڙ نالي جي مولوين، ذاڪرن، پنڊتن کي ننديو ويو آهي،ڇاڪاڻ ته اهي انسانيت جي حقيقي صحيح راهه ڏسڻ بجاءِ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي راهه تي گامزن رهندي، رهندو ويڇا، وڇوٽيون ، ڪروڌ ۽ ڪاوڙ واري فضاءَ قائم ڪري ربَ جي مخلوق کي هڪ ٻئي کان پري ڪندا رهن ٿا، تنهن ڪري ڀٽائي گهوٽ فرمايو ته هو علماءِ سوءِ ( پيٽ جي پوڄا ڪندڙ نالي جا علماءَ) انهن جي ڪتابن جي ورقن مٿان ورق پڙهڻ سان ثواب ملڻ بجاءِ ويتر گناهه جا ڍير لڳندا وڃن ٿا، هو دل قلب سان ذرو به نٿا پڙهن ۽ انهن محبت ڀري اسرار کي دل ۾ هنڊائيڻ بجاءِ پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪندي شر انگيزي سان پنهنجي دڪانداري ڪري نه صرف دنيا پر آخرت جي بهتريءَ بجاءِ بربادي گڏ ڪندا رهن ٿا. تنهن ڪري انهن مٿان ويتر گناهه پيا چڙهن جيئن جيئن گهڻا پنا ٿا پڙهن تيئن تيئن انهن کي قلب جي نظر نه هجڻ سبب بهتريءَ بجاءِ تنگ نظري ملندي رهي ٿي. جڏهن ته اڳتي وري اهي سٽون به واضع ڪيون اٿائون ته “ طالب ڪثر سونهن اي روميءَ جي رهاڻ، پهرين وڃائڻ پاڻ پسڻ پوءِ پرين جو، جيڪي مالڪ حقيقي رب العالمين جي محبت جي مزي ۾ مستغرق ٿيڻ جا خواهشمند آهن، طلب ڪندڙ آهن سي ضروري آهي ته پهريون پنهنجي وجود خاڪيءَ کي وڃائيندا پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه انهن مٿان رب ڪريم جي مهربانين جي بيشمار پالوٽ ٿيڻ لڳي ٿي، تنهن ڪري ته چيو ويو آهي ته “پهريون وڃائڻ پاڻ،  پسڻ پوءِ پرين جو، هي جيڪي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اولياءَ الله، ڪاملين جون مزارون ڏسو ٿا انهن مٿان ڪروڙين ماڻهن جون حاضريون، اتي درود و سلام جون سجايل محفلون ،قرآن پاڪ جي تلاوت، فاتحه خوانيءَ جا سلسله جاري و ساري آهن. ڀٽائي سرڪار وڌيڪ پنهنجي رب العالمين جي محبت ۾ مستغرق ٿيڻ لاءِ اهو واضع ڪندي فرمايو آهي ته “ اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار، اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا. تون هڪ الف جي ئي اکر پڙهه، ٻيا سڀ پنا دل تان ميساري ڇڏ، تون پنهنجو اندر ڌوئي صاف ڪر، گهڻا ورق پڙهي گهڻا پڙهندين. معنيٰ ٻين ڳالهين بجاءِ رڳو “ الف” وارو “ الله جل جلاله” وارو اکر پنهنجي قلب ۾ هنڊائي ڇڏ انشاءَ الله تعاليٰ ٻئي جهان موچارا بڻجي ويندا. انهيءَ جي ڪري ئي ڀٽائي سرڪار وڌيڪ واضع ڪندي فرمايو ته “ ڇا کي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو، وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو، سوکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سين. تون ڇا لاءِ وڃي ٿو ٻين جو ٻانهو ٿين، ڌڻي مالڪ حقيقي جي عبادت ۾ مشغول ۽ مصروف ٿي وڃ، جيڪو جهان جو مالڪ آهي، سکيو اهو هوندو، جنهن جو نينهن پنهنجي مالڪ رب العالمين سان هوندو. ڪر الله الله روز شب آخر فنا آخر فنا، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه هر وقت هردم عمل لاءِ اتساهه ڏياريندي هو سکڻي توڪل جو پرچار ڪرڻ بجاءِ عملي ڪرڻ کي اهميت ڏيندي چوي ٿو ته ڏمر پاسو ڏک سين، کاند کٿوري هوءِ، ڇپر ڪين ڏئي، سو کڙيون ستن کي، انسان جو فرض آهي ته همت ڪري مشڪل ۾ منهن وجهي، ان جو حل پاڻيهي الله پاڪ پيدا ڪندو، ڪجهه پنهنجي ڪوشش ڪجهه خدا جي مدد شامل حال ٿئي ٿي.تنهن ڪري چيو ويو آهي ته هلڻ ۾ سوڀ آهي، ويهڻ ۾ هار، نه ويٺلن لاءِ واهر آهي، نه ستلن لاءِ ساٿ، دلي مقصد اهي ٿا حاصل ڪن جن ڪشالن ۾ منهن وڌو آهي.ويٺين ناه وراڪو، ستين ڪونهي سنگ، هوت هلندين کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ. اڳيان رڻ هجي يا جبل، مهراڻ جي جهنگل ته به دهلجي بيهڻو ناهي، پر سر جو سانگو نه ڪري، اڳيان ڌوڪي پوڻو آهي، پوءِ ئي رڻ مان کٿوري جبل مان لعلون، مهراڻ مان موتي ۽ جهنگل مان ڦل ڦول هٿ ايندا. بحر ۾ گهڙيندڙن کي ماڻڪ ٿا ملن، ڪناري تي بيهندڙن کي ڪوڏ ۽ ستيون ملن ٿيون. دنيا عمل جو ميدان آهي جتي دل جا وهم وساري سچي سورهه وانگر سوڀ لاءِ لڙهڻو آهي. سورهه مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار. بي همت انسان مان قدرت به بيزار آهي، بيڪار ۽ آرام پسند انسان کي جڳائي ته قدرت ڏانهن نظر ڪري ۽ ان مان محنت جو سبق وٺي، سانسان پاڻ به قدرت جو جزو آهي، پوءِ جنهن صورت ۾ سج، چنڊ، تارا، سمنڊ ۽ نهرون هميشه هلن پيا، تنهن صورت ۾ کيس ڪيئن واجب اهي ته بي توجهه ٿي پنهنجي زندگي بيڪاريءَ ۾ برباد ڪري ڇڏي. زندگي و نالو ئي جستجو ڪوشش پاڻ پتوڙڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو