سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان م سياسي دنگل ته گهنا ڏٺا آهن پر خاص طور جيڪي اليڪشن دنگل ٿيندا آهن اهي به تمام گهڻا دلچسپ ٿيندا آهن جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي ، پاڪستان ۾ تقريبن ٻن خاندانن ته پڪ سان موروثي حڪومتون قائم ڪري ڪئي سال مزه ماڻِا آهن پر پوء به پاڪستان ترقي نه ڪري سگهيو آهي ، هڪ ٻئي سان پڻ سياسي جنگ ڪندا رهيا آهن پر اڪثر اهو ڏٺو ويو ته اڄ حڪومت تنهنجي سڀاني حڪومت منهنجي ، پڻ هاڻ جڏهن کان ڪپتان عمران خان ملڪ جو وزيراعظم اليڪشن 2018 ۾ ڪاميابي ماني ورتي آهي ان ڏينهن کان ئي تعجب ۽ دلچسپ ڳالهه آهي ته اپوزيشن جنهن م پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پر ان سان گڏ جمعيت علماء اسلام جو باني جناب مولانا فضل الرحمان به انهن سان گڏجي پڪتان کي گهر ڀيرو ڪري رهيا آهن پر ائين لڳي نه ٿو پاڪستان جو وزيراعظم جناب عمران خان هڪ تجربيگار ڪپتان آهي ، هو پنهنجي حڪمت عملي جوڙي تمام پاڪستان جي سينئر ترين اڳواڻن کي به چت پيو ڏيئي ، اها به الڳ ڳالهه آهي ته ملڪ هلائڻ ايتري آسان ڳالهه ناهي ، ان کان اڳ ڪيترائي اهرا مرحله آيا جتي اپوزيشن لانگ مارچ جلسه جلوس به ڪيا پر ڪپتان اڄ به پنهنجي حڪومت ڪري پيو ۽ وقت به ٺيڪ ٺاڪ گذاري پيو هاڻ سينيٽ اليڪشن جو مڪمل تياريون آهن ڏسڻو اهو آهي ته ڪير ٿو ڪامياب ٿئي يا ڪير ٿو شڪست کائي ، سينيٽ چونڊن جي لاءِ اسلام آباد ۽ چئني صوبن مان ڇنڇر تائين 78 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، 16 عورتن جي سيٽن تي سڄي ملڪ مان ڪاغذ جمع ٿيا، 14 ٽيڪنوڪريٽس ۽ عالم سڳورن جي سيٽن تي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، 5 غيرمسلم سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري تفصيل موجب اسلام آباد مان ٻن جنرل ۽ ٻن عورتن جي سيٽن تي 4 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، هيستائين پنجاب مان 15، سنڌ مان 20 ۽ خيبرپختونخواهه مان 24 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، بلوچستان ۾ 15 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 فيبروري تائين توسيع ڪري ڇڏي. ان کان اڳ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 13 فيبروري مقرر ڪئي وئي هئي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري پريس ريليز مطابق ميمبرن جي ريٽائرمنٽ سبب خالي ٿيل سيٽن تي چونڊون منعقد ڪرائڻ لاءِ 11 فيبروري 2021ع تي چونڊ پروگرام جاري ڪيو. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي حوالي سان وقت جي گهٽتائي سبب قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ڏکيائيون محسوس ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ڏينهن ۾ اضافي جي لکت ۾ ۽ زباني درخواستون پڻ مليون هيون. اليڪشن ڪميشن انهن سمورين حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ۽ اميدوارن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ وڌائي 15 فيبروري مقرر ڪري ڇڏي آهي. نامزد اميدوارن جي لسٽ 16 فيبروري 2021ع تي لڳائي ويندي. جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ جي جانچ پڙتال 17 کان 18 فيبروري 2021ع تي ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ ڪئي ويندي. ريٽرننگ آفيسرن طرفان نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ جي فيصلن خلاف ٽربيونل ۾ اپيل ڪرڻ جي آخري تاريخ 20 فيبروري 2021ع مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته انهن اپيلن کي اڪلائڻ جي آخري تاريخ 23 فيبروري 2021ع مقرر آهي. ٽربيونل جي فيصلن جي روشني ۾ اميدوارن جي نظر ثاني ٿيل لسٽ 24 فيبروري تي لڳائي ويندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي تاريخ 25 فيبروري 2021ع مقرر آهي. سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ لاءِ اڳ ۾ کان مقرر ڪيل تاريخ جيڪا 3 مارچ 2021 آهي ان ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽ اليڪشن جي لاءِ پنهنجي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزير اعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن کي فائنل ڪيو ويو ۽ وزير اعظم جي منظوري کان پوءِ حتمي نالن جو اعلان ڪيو ويو.تحريڪ انصاف طرفان سينيٽ اليڪشن جي لاءِ پنجاب مان سيف الله نيازي، اعجاز چوڌري، عون عباس، علي ظفر ۽ ڊاڪٽر زرقا کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. سنڌ مان فيصل واوڊا ۽ سيف الله ابڙو اميدوار هوندا جڏهن ته خيبرپختنخواهه مان شبلي فراز، محسن عزيز، ذيشان خانزاده، فيصل سليم، نجيب الله خٽڪ، دوست محمد ۽ ڊاڪٽر همايون مهمند اميدوارن ۾ شامل آهن. ثانيه نشتر، فلڪ ناز چترالي ۽ گورديپ سنگهه به خيبرپختونخواهه مان تحريڪ انصاف جا اميدوار هوندا. حڪمران پارٽي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد مان ناڻي واري وزير حفيظ شيخ ۽ فوزيه ارشد کي اميدوار نامزد ڪيو آهي. ان کان سواءِ بلوچستان مان عبدالقادر تحريڪ انصاف جو سينيٽ اميدوار هوندو. تحريڪ انصاف طرفان بابر اعواڻ، شهزاد اڪبر، عامر مغل ۽ سجاد طوري سينيٽ جي ٽڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيا .. ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته تابعدار شخص سان گڏ ويهي قانون سازي نٿي ٿي سگهي، پنهنجا ميمبر ڀڄي رهيا آهن ته عمران خان کي هارس ٽريڊنگ ياد اچي وئي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته جتي جتي عوام جي طاقت هوندي اتي ن ليگ کي شڪست ڏيڻ ممڪن ناهي، پارٽي کي ٽوڙڻ جون تاريخي ڪوششون ٿيون پر ن ليگ نه ٽُٽي. هن چيو ته نالائق ۽ نااهل کي بچائڻ لاءِ انصاف جي نظام کي ڦٽو ڪيو پيو وڃي، ڪنهن کي بي وقوف بڻائي رهيا آهيو؟ ويڊيو ٺاهڻ، پئسا ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا اهي پاڻ آهن، هڪ نالائق کي بچائڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته حڪمرانن جي اصليت عوام سامهون کُلي سامهون اچي وئي آهي، انصاف جي ٻٽي نظام خلاف اسان آواز اٿاري رهيا آهيون، پي ڊي ايم ڳجهي راءِ شماري کي صفا سپورٽ نه ڪندي، چونڊ سڌارا ضرور ڪنداسين، ڇو ته پي ڊي ايم به اهو ئي ٿي چاهي پر قانون سازي تابعدار شخص سان گڏ ويهي نٿي ٿي سگهي، ايم پي اي ۽ ايم اين ايز ڀڄي رهيا آهن ته عمران خان کي هارس ٽريڊنگ ياد اچي وئي. ن ليگ نائب صدر بيڪ ڊور رابطن جي ترديد ڪندي چيو ته بيڪ ڊور رابطن جي ضرورت انهن کي آهي جيڪي ڏکيائين ۾ آهن، هڪ نالائق کي بچائڻ لاءِ سڄي انصاف جي نظام کي ڦٽو ڪرڻ عقلمندي ناهي ، جڏهن ته مان عرض ڪيان ڪپتان هڪ ڪامياب رانديگر آهي هن کي اها خبر آهي ته ڪهڙي وقت ڪهڙو اوپنر کيڏندو يا بلنگ ڪندو ان ڪري هو سمجهي سگهي ٿو ، هن وقت ڪپتان بمقابله مولانا فضل الرحمان ، پ پ پ چيئرمين جناب بلاول ڀٽوزرداري ، آصف علي زرداري ميان نواز شريف شهباز شريف . برحال مان سمجهان ٿو ته سنيٽ اليڪشن به هڪ دنگل آهي پوء ڏسئون ته ڪير ٿو ڪامياب ٿئي پر طاهر ڪاميابي ڪپتان جي ڏسي رهيو آهيان جڏهن ته ڪپتان بهترين فيصلو ڪندي صدارتي آرڊيننس جاري ڪرائيندي اوپن هينڊ اليڪشن ووٽ ڏيڻ لاڀ حڪم نامو جاري ڪرائي ڇڏيو اهي جڏهن ته هاڻ سڀ پريشان ٿيندي ڏسي رهيو آهيان ، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اها به ڳالهه آهي ته ڪرپشن نه ٿيندا ، اربين روپين جي ڏي وٺ به نه ٿيندي










