عبدالمجيدبروھي
سنڌ حڪومت پاران سرڪاري اسڪولن بعد ھڪ اھڙو تـ انقلابي قدم کنيو آھي جنھن جي پذيرائي عالمي ليول تي ملي رھي آھي ڪجھ سال کان اڳ شروع ٿيل انھن اسڪولن جي ڪري خاص ڪري انھن علائقن جي ٻارڙن جو مستقبل سنورجي پيو جن علائقن ۾ سرڪاري اسڪول نـ آھن جيئن قمبر ضلع دادو ضلع لاڙڪاڻي ضلع ۽ اتر سنڌ سميت لاڙ جا علائقا ڪچي پل ڪاڇو حمل شاھ گودڙيو ڪچي وارو علائقو ۽ ٻيا علائقا آھن جتي اسڪول ڳوٺن کان ڪافي پري آھن انھن علائقن جا ٻار ايترو پنڌ ڪري اسڪول ڏانھن نـ وڃي سگھندا ھيا انھن جو مستقبل مال چارڻ ۽ ٻين ڪمن ڪارن ۾ خراب ٿيندو پيو وڃي ان سڄي صورتحال کي مد نظر رکندي سنڌ حڪومت پاران اھو انقلابي قدم کنيو ويو جنھن سان انھن پٺتي پيل علائقن جي معمارن جي مستقبل سنواريو پيو وڃي ان جي خاص ڳالھ اھا آھي تـ جڏنھن ڪنھن بيروزگار کي سنڌ حڪومت پاران سرڪاري نوڪري ملندي ھئي ۽ اھي انھن پٺتي پيل علائقن جي اسڪولن ۾ مقرر ڪيا ويندا ھيا اھي ھوندا بـ انھن علائقن جا ھيا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي اھي سرڪاري استاد مقرر ٿيڻ بعد ڪجھ سالن ۾ اتان بدلي ڪرائي شھرن جو رخ ڪندا آھن اھي سمورا اسڪول وري ويران ٿي ويندا آھن انھن کان جڏنھن سوال ڪيو ويندو آھي اوھان اتان جا آھيو پوء ڇو ٿا پنھنجي ڳوٺ جو اسڪول ڇڏي اتان جي ٻارن جو مستقبل تباھ ڪيو ان تي جواب ڏيندا آھن تـ اسان مجبور آھيون اسان کي پنھنجي ٻارن جي مستقبل کي بھتر ڪرڻ لاء شھرن ڏانھن وڃڻ لازمي آھي وري جڏنھن تعليم کاتي جي استادن کان سوال ڪيو ويندو آھي تـ اوھان انھن جي بدلي ڇو ڪندا آھيو ان تي اھي چوندا آھن اسان ڇا ڪريون اھي سڀ يونين جي ڏاڍ تي اسان کي ڌمڪائي بدلي ڪرائي ويندا آھن ھاڻي اچون ٿا سيف اسڪولن ڏانھن سيف اسڪولن جو اھو فائدو آھي تـ انھن لاء جيڪي استاد مقرر ڪيا ويندا آھن اھي اتان جا مقامي ھوندا آھن جن کي ٻين اسڪولن ڏانھن بدلي جا فائد ميسر نـ آھن جتي ڀرتي ٿيندا اتي ئي انھن کي پڙھائڻ جي لاء پابند ڪيو ويندو آھي سيف اسڪول صرف ھن وقت پرائيويٽ اسڪولن وانگر ٻارڙن کي تعليم ڏني پئي وڃي جتي نـ ڪا غير ضروري موڪل ڪئي ويندي آھي نـ ڪو ھڙتال جي ڪري اسڪولن کي تالا ھنيا ويندا آھن سيف اسڪولن جي ڪري نـ صرف ٻارن جو ڀلو ٿيو آھي پر انھن اسڪولن ۾ ھزارين بيروزگارن نوجوان ڀرتي ڪيا ويا آھن جن جي بيروزگاري جو مسئلو پڻ ڪافي حد تائين ختم ٿي ويو آھي سيف اسڪول وارن ھن اسڪالر شپ پروگرام پڻ شروع ڪيو آھي جنھن سان ذھين ۽ ھوشيار ٻارن کي ٻاھرين سٺن اسڪولن ڪاليجن ۾ سرڪاري خرچ تي موڪلي اتي انھن جي پڙھائي سميت رھائش کاڌ خوراڪ جو سمورو خرچ سيف وارا پاڻ ڀريندا آھن پر ھن وقت تائين ان سھولت مان صرف ۽ صرف شھرن جا ٻار فائدو حاصل ڪري رھيا آھن ٻھراڙين جي شاگردن کي ان اسڪالر شپ مان ھن وقت تائين لاڀ نٿو ملي واضع ڪندو ھلان تـ سنڌ جي وڏن وڏن شھرن ۾ پڻ سيف پاران وڏا وڏا اسڪول کولي انھن ۾ تعليم عام ڪري رھيا آھن جيڪي ٻار ان کان اڳ پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙھندا ھيا اھي ھاڻي سيف جي اسڪولن جو رخ ڪري رھيا آھن اسڪالر شپ کي ٻھراڙين جي ٻارن خاص ڪري پٺ تي پيل شاگردن لاء بـ آسان ڪيو وڃي تـ جيئن اتان جا ذھين ۽ ھوشيار ٻار پڻ اڳتي وڌي سگھن ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء جستجو ڪن سيف جي انتظاميا کي گھرجي تـ اسڪالر شپ واري پنھنجي طرز کي وڌيڪ بھتر بڻائي ان ۾ شھري ڪوٽا ۽ ٻھراڙي جي ڪوٽا کي الڳ الڳ رکيو وڃي شھري ڪوٽا تي ٻھراڙي جو شاگرد اسڪالر شپ وٺي نـ سگھي ۽ ٻھراڙي جي ڪوٽا تي ڪو بـ شھري شاگرد اسڪالر شپ تي نـ وڃي سگھي ان سان ڪنھن جي حق تلفي پڻ نـ ٿيندي باقي موجودا پاليسي سان سڀ سيٽون شھري شاگرد کڻي وڃن ٿا ۽ ٻھراڙي جا شاگرد محروم بڻيل آھن ان جي ڪري سيف وارن کي پنھنجي اسڪالر شپ واري پاليسي کي تبديل ڪرڻ گھرجي










