سياستدانن جا داٻا ، وائڙائپ ۽ چوٽ چڙهيل مهنگائي

سيد زوار حسين
جهڙي طرح پاڪستان جو عوام هن وقت زندگي پيو بسر ڪري ڪنهن کان به وجهل ٿيل ناهي ، پر جيڪڏهن ڪو بک ستايل دانهن ڪري ان کي سياستدان داٻا ڏيئي خاموس ڪرائين ، اها انسان زات جي تذليل آهي ، جيڪا بند يٿڻ گهرجي ، هن وقت سياستدانن جا اهي دعوا ته عوام جي خمدت ۾ مصروف آهيون ڪوڙي ثابت ٿي چڪي آهي ، مهنگائي جي وڌڻ جي ڪري عام ماڻهون هڪ ويلو به بنا کائڻ پيئڻ جي رات جو صرف پاڻي پي ء سمهي پون ٿا ، اهو منظر انتهائي ڏکائيندڙ آهي ، ان ڪري هاڻ گهٽ ۾ گهت سياستدانن کي داٻا نه ڏيڻ گهرجن ، الله اڪبر هي ڪهڙي پاڪستان ۾ رهون پيا هي ڪهڙو پيغام پوري دنيا ڏانهن وڃي رهيو آهي ، هي هڪ بزرگ ساني هقن جي تنظيم سان تعلق رکندڙ جهوني سياسي سماجي شخصيت پر سينئر صحافي فقير محمد عباسي جا آهن مير پور خاص ۾ پيش آيل واقعو انتهائي ڏکائيندڙ آهي جنهن ۾ هڪ سنڌ ڄائو ڪجهه روپيا اٽو سستو هئڻ بعد رش ۾ وڃي ڏهه ڪلو اٽو خريد ڪيو جنهن بعد جڏهن پوليس رش هئڻ ڪري لٺبازي ڪئي ته هزارين غريب سنڌ جي ماروئڙن ڀڄي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران اٽو خريد ڪندڙ مٿان رش پيهه جا ماڻهون چڙهي ويا ، جنهن بعد هو ويچارو شهيد ٿي ويو، مان عرض ڪيان ته جيڪڏهن گهر ۾ راشن نه هئڻ ڪري ڪو دانهن ڪري ته ان مٿان لٺ بازي ڪئي وڃي يا ان کي پڪڙي جيل وجهي يا ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ، اها ڪهڙي جمهوريت آهي ، اهڙي جمهوريت خلاف هر هڪ مظلوم جيڪو هنن ظالم حڪمرانن خلاف سراپا احتجاج آهن ، برحال تعجب جي ڳالهه اها به آهي ته هن وقت ڪپتان ويچارو گهر ويٺو آهي وافقي حڪومت سميت سنڌ ۾ به پ پ پ جي حڪومت قائم آهي پر اٽي جو ٻهران بک بدحالي جو زميوار صرف عمران خان آهي انهن کي اهو چوڻ ۾ شرم به نه ٿو اچي هو بي حيائي جا پڪا ثبوت پيش ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان هن وقت مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيو آهي ، جڏهن ته هاڻ سنڌ حڪومت سميت وفاقي حڪومت صرف ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته عوام کي چڪا ٿبا ملي رهيا آهن اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ جا ماروئڙا درپدر آهن هڪ بک ستايو آهي ٻيا حلات خراب آهن ، امن امان جي صورت حال به بهتر ناهي ته حڪومت وقت پنهنجي سنڌ جي مارو؟ڙن لاء آيل امداد به هڙپ ڪري رهيا آهن ، ظلم جي حد هي آهي ته سنڌ جا ماروئڙا بک پيا مرن ڌهه ڪلو حاصل ڪرڻ لاء عوام جي پيهه ۾ هو موت کي ڀاڪر پيا پائين ، جڏهن ته حڪمرانن جي مسڪراهٽ نه ٿي کٽي ، بس پيسا عوام جا دورا هي حڪمران پيا ڪن ، ا وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ بابت عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنجينگ ڊائريڪٽر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران کيس ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي اقتصادي ڏُکيائين کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف وفد جلد پاڪستان ايندو، عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جا شرط پورا ڪرڻ بابت پرعزم آهيون. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معاشي مشڪلاتون آءِ ايم ايف جي ڪري آهن، جنهن بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمت وڌائڻ ۽ سبسڊيز واپس وٺڻ جا شرط لڳائي رهيا آهن، فيصل آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته ملڪ معاشي بحران جو شڪار آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ عمل دخل آءِ ايم ايف جو آهي، آءِ ايم ايف بجلي، گئس ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ ۽ عوام کي حڪومت طرفان ملندڙ سبسڊيز واپس وٺڻ جا مطالبا ڪري رکيا آهن، ان ڪري عالمي مالياتي اداري جي شرطن جي ڪري ئي ملڪ ۾ مهانگائي ۽ مشڪلات کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر اسان اهڙا فيصلا ڪري رهيا آهيون جو ماڻهن تي گهٽ ۾ گهٽ بار پوي. هن چيو ته حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿئي، جڏهن ته هڪ فتنو ۽ بي شرم انسان ڪوشش ۾ آهي ته ملڪ ڊفالٽ جو شڪار ٿئي، عمران خان هڪ منصوبي تحت ٻن مهينن کان پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي ته ملڪ وڌيڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿئي، اها پروپئگنڊا عالمي ۽ ملڪي سطح تي معيشت کي نقصان پهچائي رهي آهي، ملڪ جي بدقسمتي آهي ته هڪ اهڙي انسان کي ملڪ تي مڙهيو ويو، جيڪو پنهنجي ذات کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڏسي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان چريو ٿي ويو آهي ۽ چوي ٿو ته فيصل آباد ۾ رانا ثناءُ الله بي شمار ماڻهو قتل ڪرايا، عمران خان ساڍا ٽي سال وزيراعظم رهيو ته منهنجي خلاف هيروئن جو ڪوڙو ڪيس بنائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، هن وقت سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ملڪ جو ڇا ٿيندو ، جڏهن ته عوام بد ذهن ٿي چڪو آهي عام ماڻهون خدڪشيون پيا ڪن جڏهن ته ملڪ جو وزيراعظم سميت پي ڊي ايم جا رهنما ڪپتان مٿان الزام تراشي ڪري رهيا آهن جڏهن اهو به چون پيا ته هي مهنگائي گيس بجلي سميت ٻيا جيڪي به مسئلا اهن ان ۾ آء ايم ايف جو قصور آهي ابو حد ٿي وئي آهي ، ڪپتان جي خوف جي ڪري انهن جو ذهن به ڪم نه پيو ڪري ، مان گذارش ڪيان ته جيڪڏهن سنڌ جا اهي جيڪي انسان پرست آهن اهي عام ماڻهن جي مدد نه ڪن ته قيامت صغرا ٿي وڃي هر گهٽي ڳلي ڳوٺ شهر مان سوين لاش ڪرندي ڏسئون پر پاڪستان پيپلزاپارٽي جي قيادت ڄڻ اهڙن حالاتن کان ناواقف آهي ، هي ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ پيو وڃي ، جڏهن ته زبردستي آيل حڪمران جن پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي اربين روپيا معاف ڪرايا ، جلد اهي سڀ وري ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا ، مان گذارش ڪيان ته پاڪستان جو آئين ڄڻ ڪم ئي نه پيو ڪري ، گهٽ ۾ گهٽ سياستدان ته ان تي عمل نه پيا ڪن جيڪو به هن پاڪستان سان وڏو ظلم آهي ، ، هن وقت جهڙِ طرح عوام سان ذيادتيون ٿي رهيون آهن اسان توهان واقف آهيون ، خاص سنڌ ۾ ته ٿڌ بک جي ڪري عام ماڻهون مري رهيا آهن ، ڪيترائي ماڻهون ڦاهو ٽنگي پنهنجو انت آڻين پيا جڏهن ته اساني حقن جي تنطيمن جي اڳواڻن جنهن م فقير محمد عباسي ، سيد غلام هسين شاه ، امتياز ڪٻر ايڊوڪيٽ امتياز حسين ، ايڊوڪيٽ سجاد حسين سولنگي ،ا يڊوڪيٽ رضوان اوٺو ، ايڊوڪيٽ وقار جٽ ، ايڊوڪيٽ رضوان جوڻيجو ، ايڊوڪيٽ سراج سولنگي ايڊو ڪيٽ اشتياق سولنگي ۽ ٻيا سنڌ جي بقا جو ڪيس وڙهي رهيا آهن جڏهن ته سچ ڳالهائيندڙن مٿان ڪورا ڪيس دخال ڪرڻ ڀوتارن جي معرفت انهن کي داٻا ڏيڻ جا به واقعا ٿي رهيا آهن جن جو دفاع هي سنڌ پرست وڪيل ڪري رهيا آهن ، مان سمجهان ٿو ته هن وقت شعور جنم ورتو آهي ، اهو ئي سبب آهي جو ڪريم سهتو نارو ، عبدالله سومرو ، آصف علي ڦلپوٽو به سنڌ جو ڪيس وڙهڻ پيا جڏهن ته جتي مرد هن ڪڌي معاشري ۾ ظالم جي خلاف جنگ پيا وڙهڻ اتي سنڌ جون ڄايون جنهن شهاب فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم صنم راڄپر ، ضلع خيرپور جي ادي شهناز شيخ ، سکر جي ادي شائسته بلوچ ، پروفيسر ادي صنم ڀنڀرو، تعلقه سوڀوديرو سان تعلق رکندڙ شخصيت ادي شبانا ناز شيخ ، ٻيون پنهنجي ڀائرن سان گڏجي آواز ۾ آواز ملائي يزيدي ڪردار ادا ڪندڙ خواه ڪير به هجي ڪهڙي به پارٽي سان تعلق رکندڙ هجن ، انهن سان بهترين ساٿ نڀائين پيون جنهن تي اسان فخر ڪيون ٿا جڏهن ته سنڌ جي ناليواري قلم ڪار ڪالم نگار غلام جعفر راڄپر جي چوڻ موجب ته مولا امام حسين عليه سلانم جن جو فرمان آهي ته ظالم سان جنگ جوٽيو جيڪڏهن جنگ نه ٿا ڪري سگهو ته ان خلاف آواز بلند ڪيو ان تي عمل ڪيون پيا ،، جڏهن ته قلم ، علم هٿ ۾ کڻي انهن جن ملڪ کي لٽيو جن عوام جو رت پيتو ، جن مظلوم جا حق کاڌا آهن انهن خلاف اڄ به سچ لکي سچ ڳالهايون ٿا ، پر مان عرض ڪندس ته جمهوريت جمهوريت جا راڳ ڳائي ٿڪجي پيا آهيون هاڻ سياستدانن جي نه هلندي ان ڪري جو هي جديد سوشل ميڊيا جو وقت آهي ، جتي هاڻ ڪرپٽ بي ضمير صحافي جيڪو چند ڏوڪڙ وٺي ذاتي مفاد خاطر سنڌ ڌرتي تي رهندڙن جو سودو ڪري ٿو ۽ اهو صحافي ظالم سان گڏجي نعرا هڻي ٿو اهي پردي پويان لڪيل ڪردار وائکا ٿي چڪا آهن ، جڏهن ته رب پاڪ جا جيڪي بنده آهن اهي پوء سجاده نشين بودلا بهار سرڪار اختر حسين نقوي ، هجي ، تنظيم آرائيان پاڪستان جو سرپرست چيئرمين حاجي عبدالمجيد آرائين ، تنطيم آرائيان پاڪستان جو جوائنٽ سيڪريٽري نديم عباس آرائين هجي ، يا انساني حقن جي تنطيم جو اڳواڻ فقير محمد عباسي هجي ، يا فقير هوت چامڙو هجي يا جڳ مشهور شخصيت ميان فدا حسين پيرزاده هجن يا ايڊوڪيٽ وقار جٽ هجن انهن کي سنڌ جي ماروئڙن جي هر ممڪن مالي مدد سان گڏ سردي ٿڌ کان بچڻ لاء گرم ڪپڙا ، سوڙون ڪنبل ڏيئي بک کان بچڻ لاء کاڌ خوارڪ سميت دوائون ڏيئي جانيون بچائين پيا سلام پيش ڪيون پيا ، پر هر هڪ پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهي باغي استاد شاعر لالڻ چنه جي شاعري به پنهنجو فرض ادا پئي ڪري جڏهن ته ناز سولنگي جي قلم سچ لکي فرض ادا پيو ڪري ، پر جيڪڏهن هن تمام تڪليفن بابت ڳالهه ڪيان ته صرف حڪومت وقت سنڌ جا حڪمران چونڊيل نمائينده من پسند ماڻهن جي مدد ڪن پيا جڏهن ته غريب اڄ به انهن کي پٽ پاراتا ڏيئي دلي سڪون هاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حڪمرانن جي عدم دلچسپي ڪري عام ماڻهون مهنگائي ڪري ڌڪا ٿاٻا ڪائي موت کي ڀاڪر پيا پائين جڏهن ته حڪمرانن جي مسڪراهٽ قيامت جي نشاني ظاهر پئي ڪري ، ته جلد رب پاڪ ظالمن کان حساب ڪتاب وٺندو ، جڏهن ته حڪمران مسئلا ته حل نه ڪري سگهيا ، پر سڀ الزام آء ايم ايف سميت ڪپتان عمران خان مٿان مڙهي رهيا آهن جنهن تي اچو ته سڀ هڪ ٽهڪ ڏيون اها حڪمرانن انهن جي سهولتڪارن لاء هڪ ڳٽي تي نااهلي جي چماٽ آهي ، جنهن تي به هو شرمندا نه ٿيندا ان ڪري جو هو بي حياء چور لٽيرا آهن اهڙا مبينا الزام لڳي رهيا آهن سچ يا ڪوڙ ، پر رب پاڪ خير ڪري

پهنجو تبصرو موڪليو