سنڌ ۾ وڌندڙ معاشرتي بگاڙ روڪڻ ڪنهنجي ذميواري آهي؟

سنڌ ۾ وڌندڙ معاشرتي بگاڙ روڪڻ ڪنهنجي ذميواري آهي؟

علي شير ڏيپر

اچو ته سنڌ ۾ ڪنڌ جهڪائيندڙ واقعن کي آڏو رکي سنڌ جي نئين تاريخ لکون سنڌ جيڪا امن ۽ پيار جي ڌرتي هئي اها هاڻ وحشي ماڻھن جي هٿن ۾ يرغمال بڻجي وئي آھي سنڌ جيڪا باب السلام هئي اها هاڻ باب ظلمات بڻجي وئي آھي اها سنڌ جنهن ۾ نياڻي کي ست قرآن سمجهيو ويندو هو اڄ ان سنڌ ۾ نياڻين جي عزت ۽ حرمت وحشي بگھڙن جي هٿان تار تار ٿي رهي آھي اها سنڌ جنهن لاء ڀٽ ڌڻي کان وٺي هر اولياءاللّٰه پنهنجا هٿ آسمان ڏانهن کڻي دعا گهري ھئي اڄ ان سنڌ کي گدڙ کاڄ بڻائي رهيا آھن ڇا سنڌ واقعي 40سال اڳ غرق ٿيڻ طرف وڃي رهي آھي؟ ھڪ ڏکوئيندڙ سوال جنهن جا جواب ڏيڻ وقت هر ڪنهن جي جيء ۾ وڍ پوڻ لڳن ٿا ۽ ڪنڌ شرم وچان جهڪڻ لڳن ٿا اسان جي سنڌ ڪيڏانهن وڃي رهي آھي يا اسان ان سنڌ کي پاڻ ئي 40سال اڳ غرق ٿيڻ طرف ويندو ڏسي ڪجھ ڪرڻ کان لاچار آھيون تنهن جو جواب اسان مان ڪوبه شايد ڏيڻ لاء تيار نه هجي سنڌ جو عام ماڻھو سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعن کي ڏسي ۽ ٻڌي پاڻ کي ٽانڊن تي هلندو محسوس ڪري رهيو آھي جڏهن ته ذميوار ادارا قبرستان واري خاموشي جو شڪار آھن هر ذميوار اداري تي قبر تي لڳل ڪتبي وانگر حال حيات ذميوارن جا نالا عهدا لکيل نظر اچن ٿا پر ائين لڳي رهيو آھي ڄڻ ته ذميوار ادارن جي ڪرسين تي ويٺل ڊومڻن ڪامورن جي ڪرسين تي ڪا ايلفي هاريل آھي جو اهي ڊومڻا ڪامورا پنهنجن آفيس مان نڪرڻ کان به لاچار آھن اهو ئي سبب آھي جو سنڌ ۾ ڪيترائي شيطان هڪ ئي وقت ٻرن مان نڪري آيا آھن ۽ انهن پنهنجو وحشي ناچ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي ۽ انهن جي ڪوبه رستا روڪ ڪرڻ لاء تيار ناهي. پوليس جو ادارو وڏيرن جو سهولتڪار بڻجي پيو آھي عدالتن جو ڪم فريادين کي شنوايون ڏيئي ٿڪا ئي ٿڪائي ڪيسن تان هٿ کڻڻ لاء مجبور ڪرڻ وارا ٽڪساٽ ھلي رهيو آھي جيلن ۾ ڪڪڙ جي چوري ۾ جيڪو جهلجي ٿو اهو عدالتن کان به وسريو وڃي ته قيدي کيس ملندڙ سزا کان به وڌيڪ سزا ڪاٽي رهيو آھي جنهن کي آزاد ڪرڻو آھي عدالتن ۾ رڳو اهڙن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي رهي آھي جيڪي ڪيس ميڊيا جي خبرن جو ٻارڻ بڻجن ٿا ان ڪري ظالم ۽ مظلوم انصاف ۽ ناانصافي جا پئمانا تبديل ٿي ويا آھن اسان سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مختلف قسم جي ڏوهن بابت انهن ئي ڪالمن ۾ لکندا رهيا آھيون ڪجھ سنگين ڏوھ اسان جي معاشري جي منهن تي دانگي مليندا نظر اچي رهيا آھن جن مان ھڪڙن ڪيسن جو تعلق لڄالٽ ۽ بدفعلي وارن ڪيسن سان آھي ته ٻين ڪيسن جو تعلق ڪارنهن الزام هيٺ ٿيندڙ قتل ۽ نام نهاد جرڳا آھن جيڪي متوازي عدالتن  جي روپ ۾ سيشن ڪورٽن وارا اختيار استعمال ڪري رهيا آھن اهڙي خوفائتي صورتحال جي پڄاڻي ڪنهن ايٽمي ڌماڪي کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن اهڙن واقعن کي روڪڻ لاء ڪي اپاءَ نٿا ورتا وڃن اسان وٽ ڏوهن بابت عام راء اها آھي ته جيڪڏهن ڏوهارين کي سخت ترين سزائون ڏنيون وڃن ته پوء شايد ڏوھ ئي نه ٿي سگهن ۽ معاشرو مختلف قسم جي سنگين ڏوهن کان هميشه لاء آجو ٿي پوي جڏهن ته اڪثر حلقن جو خيال آھي ته ڏوهاري شخص اصل ۾ ھڪ ذھني مريض ھوندو آھي ان ڪري جيستائين مرض جا سبب معلوم نه ٿيندا تيستائين ڪنهن به مريض جو علاج نه ٿي سگهندو آھي ان ڪري اسان جي سماجي ادارن کي اسان جي معاشري کي بيمار ڪندڙ سببن جي ڳولا ڪري انهن سببن جو خاتمو آڻڻ لاء جاکوڙ ڪرڻ گهرجي ڏوهن جي دنيا تي نظر رکندڙ حلقن جو خيال آھي ته دنيا ۾ پهريون قتل هابيل ۽ قابيل وچ ۾ ٿيل ويڙھ جي نتيجي ۾ ٿيو هو جيڪي ٻئي پاڻ ۾ نه ڀائر هئا پر اهي جنهن ڳالھ تان پاڻ وڙھيا هئا اهي سبب اڄ به اسان وٽ موجود آھن ۽ انهن سببن ڪري اسان وٽ رتوڇاڻ وارا واقعا ٿيندا رهن ٿا جن ملڪن ڏوهن جي سببن تي ضابطو آندو آھي تن ملڪن ۾ ڏوهن جي انگ ۾ حيرت ناڪ حد تائين لاٿ آئي آھي ڏوهن جي دنيا تي نظر رکندڙ ھڪ فلاسفر روسو جو چوڻ آھي ته ڌڻي پاڪ هرانسان کي ننڍي ٻار جي روپ ۾ ھن دنيا ۾ آڻيندو آھي جيڪو گناهن کان مڪمل پاڪ هوندو آھي اهو ٻارڙو هن دنيا ۾ اچڻ کان پوء جيڪو ڪجھ سکندو آھي اهو معاشرو ئي هن کي سيکاريندو آھي جيڪڏهن ڪو ٻار وڏو ٿي ڪو ڏوھ ڪري ٿو ته سزا ان شخص کان اڳ ان معاشري کي ملڻ گهرجي جنهن هن کي ڏوهاري ٺاهيو جڏهن ته عدالتون معاشري آڏو بيوس هونديون آھن ان ڪري اهي ڏوهاري شخص کي ان ڏوھ جي سزا ڏينديون آھن جيڪو ڏوھ ھن کي معاشري ئي سيکاريو هوندو آھي اسان سمجهون ٿا ته اسان جي معاشري ۾ وڌندڙ جنسي ڏاڍايون ۽ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف اسان کي گهڻ رخي ويڙھ ڪرڻي پوندي جنهن لاء ھڪ طرف اسان کي ڏوهن جي سببن جي خاتمي لاء ڪوششون ڪرڻيون پونديون تہ ٻئي طرف ڏوهن تي ضابطي لاء جوڙيل رياستي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاء جاکوڙ ڪرڻي پوندي تڏهن ته ڪا اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ ۾ وڌندڙ  ڏوهن ۾ ڪنهن حد تائين لاٿ آڻي سگهجي ٿي اسان سمجهون ٿا ته جتي اسان جا رياستي ادارا مختلف دٻائن ۽ مصلحتن جو شڪار آھن اتي اسان جي معاشري ڀڄي پيل مختلف بند به اسان جي ريتن رسمن ۽ عزت حرمت ۽ راڄ ڀاڳ مان۽مرتبن سميت سڀني اخلاقي قدرن کي لوڙھي رهيا آھن اسان اڳ به ان ڳالھ جو اظھار ڪري چڪا آھيون ته اسان سائنسي ترقي جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آھيون جهڙي ريت ڪهاڙي جو ڏوھ نه هوندو آھي پر ان جي ڳن جو ۽ ان هٿ جو ڏوھ ھوندو آھي جيڪو وڻ کي وڍيندو آھي اسان اها ڳالھ نوٽ ڪئي آھي ته اسان وٽ جڏهن کان موبائل فون اسان جي هر ننڍي وڏي جي هٿ ۾ آيو آھي ان موبائل فون تان نيٽ ذريعي اسان جيڪو ڪجھ ڏسي رهيا آھيون تنهن به اسان جي معاشري کي بگاڙڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي ان موبائل فون ذريعي ڪير ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آھي يا موبائل فون ذريعي ڪنهن وٽ ڪھڙا ميسيج ۽ وڊيو پهچي رهيا آھن يا ڪنهن کي ڪھڙي ريت هرکايو پيو وڃي تنهن جهان ۾ جيڪڏهن ٿوري گھڻي جهاتي پائي ڏسجي ته اسان کي اسان جي معاشري ۾ تيزي سان آيل بگاڙ جا ڪجھ سرا شايد آساني سان نظر اچي وڃن بهرحال اسان کي جيڪا ڳالھ اڳ ۾ لکڻ گهربي هئي اها ان ڪري پڇاڙي ۾ لکي رهيا آھيون جيئن خبر پئجي سگهي ته اسان جو معاشرو ڪهڙي اڻ غيبي سونامي جو شڪار ٿي چڪو آھي ۽ اسان چين جي بانسري وڄائڻ ۾ پورا آھيون. سنڌي ۾ چوندا آهن ته جونئن جي ڪري مٿو ناهي ڪوڙائبو، ان ڪري ٽيڪنالاجي جا فائدا به انيڪ آهن، اسين ان تي پابندي جي ڳالهه نٿا ڪريون پر متبادل ڳولڻ ۽ جديد قانون سازي جا طريقا ڳولڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو