سنڌ ۾ مڪاني چونڊون، ميدان ڪير ماريندو؟

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان ۾ جيڪڏهن سياستدانن جي ڪارڪردگي تي نظر وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته پاڪستان پيلزپارٽي جي آصف علي زرداري ، پاڪستان مسلم ليگ ن جي ميان نواز شريف ، جمعيت علماء اسلام ف جي مولانا فضل الرحمان ، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ڪپتان عمران خان درميان سخت مقابلو ٿي رهيو آهي ، پر هن وقت ڪپتان بار بار نئين حڪمت عملي جوڙي في الحال تمام سياستدانن کان اڳڀرو آهي ، هن وقت پنجاب اسيمبلي ، ڪي پي ڪي تحليل ٿي ويندي ، جنهن کان پوء مان سمجهان ٿو ته جنرل اليڪشن ڏانهن وينداسين ، پر اهو ممڪن تڏهن ٿيندو جڏهن وفاقي حڪومت ختم ڪئي ويندي ،جڏهن ته سنڌ حڪومت جيڪا پهريان اهو به تاثر ڏنو ويو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان آصف علي زرداري پي ڊي ايم وٽ احتجاج ڪيو آهي ته پهريان حد بنديون ڪيون وڃن پوء ڪراچي ، حيدرآباد دادو ۾ اليڪشن ٿئي ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته اليڪشن اڄ آچر ڏينهن 15 جنوري تي ئي ٿيندي جنهن کان پوء صورت حال دلچسپ ٿي وئي آهي ، اليڪشن ڪميشن ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو جي ٻن تعلقن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري سنڌ سرڪار جي درخواست رد ڪري ڇڏي، سنڌ ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزن جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان وفاقي گهرو وزارت کي حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ چئني ميمبرز شرڪت ڪئي، جنهن دوران سنڌ حڪومت جي چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري درخواست ۽ نوٽيفڪيشن جو جائزو ورتو ويو ، غور ويچار کانپوءِ اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار جي حيدرآباد ۽ دادو جي ٻن تعلقن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن حڪم جاري ڪندي چيو ته ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب 15 جنوري تي ئي ٿينديون چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جو 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو فيصلو رد ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 15 جنوري تي ئي مڪمل ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ گهرو وزارت کي به انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي بابت پنهنجي فيصلي جو حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي پڌرائي ايس ايل جي اي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، صوبي ۾ ٻئي مرحلي تحت مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪن. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ۽ اسپيشل سيڪريٽري کي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ڊويزن ۾ چونڊن جي تياري مڪمل آهي، بيلٽ پيپر ڇپجي چڪا آهن، اسٽاف جي مقرري ٿي چڪي آهي، ڪميشن پولنگ لاءِ تيار آهي. اليڪشن ڪميشن موجب قانون ۾ آهي ته شيڊيول جي اعلان کانپوءِ حدون تبديل نه ٿيون ٿي سگهن، پولنگ کان ٻه ڏينهن اڳ مقامي علائقن جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي، سروي موجب دادو ۾ صورتحال پولنگ لاءِ سازگار آهي. اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي عمل ڪندي سنڌ جي سڌ سماءِ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون نٿي روڪرائي سگهي، اُن کان اڳ سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب کي قانوني ۽ آئيني ماهرن سان مشاورت جو ٽاسڪ ڏنو هو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جي گڏيل پريس ڪانفرنس کانپوءِ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو نئون بيان سامهون آيو آهي، شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪوبه آرڊيننس نه پئي آڻي، صوبائي وزير چيو ته فوج پولنگ اسٽيشنز تي اهلڪار مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پوليس ۽ رينجرز اهلڪار پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪيا ويندا، شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تڪبندين جو نوٽيفڪيشن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبي تي واپس ورتو هو، اليڪشن ڪميشن اسان جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو آهي، شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، امن امان برقرار رکڻ پوليس ۽ رينجرز جي ذميواري آهي . متحده قومي موومينٽ پاڪستان ڪراچي ۾ تڪبندين واري مامري تي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف خالد مقبول صديقي کي فون ڪري سمورا تحفظات ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. ان حوالي سان وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ واري معاملي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، متحده جي وفاقي وزيرن پنهنجون استعيفائون خالد مقبول صديقي وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، جيڪڏهن حڪومت تڪبندين ۾ مدد نٿي ڪري سگهي ته حڪومت ۾ رهڻ جو ڪو جواز ناهي، جنهن بعد ايم ڪيو ايم جي عليحدگي سان وفاقي حڪومت خطري ۾ پئجي سگهي ٿي، ايم ڪيو ايم اهم فيصلن جي تجديد لاءِ اڄ جنرل ورڪرز اجلاس سڏايو آهي. نئين پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت کان ڌار ٿئي ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان ڪراچي ۾ تڪبندين واري معاملي تي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ تي غور سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف خالد مقبول سان رابطو ڪري مثبت اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي آهي. جڏهن ته پ پ ڪوچيئرمين آصف علي زرداري به خالد مقبول کي فون ڪري تحفظات ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. متحده جي ڪنوينر موقف اختيار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن ڀيري ڌوکو ڏنو ويو ته اسان جو فيصلو سڀني کي خبر آهي،سنڌ ڪابينا جي فيصلن تي عملدرآمد کي به يقيني بنايو وڃي، مان سمجهان ٿو ته ڪپتان حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي ، جنهن سان پي ڊي ايم کي عبرت ناڪ شڪست ملي سگهي ٿي ، جڏهن ته مان گذارش ڪيان ته جتي ڪپتان هڪ بهترين رانديگر آهي ، اتي آصف علي زرداري به استاد سياستدان آهي ، هن وقت به ڪپتان ڀلي جو ڪامياب ٿيو هجي پر آصف علي زرداري به بهترين راند پيو کيڏي ، ڪراچي حيدرآباد ، دادو ۾ اليڪشن ٿي رهي آهي ، آصف علي زرداري وري به ايم ڪيو ايم پاڪستان کي به مٿي تي هٿ رکي خاموش ڪرائي ڇڏيو ، مان سمجهان ٿو ته هي بلدياتي اليڪشن ۾ جماعت اسلامي ڪامياب ٿيندي ڏسان ٿو جڏهن ته پي ٽي آئي به ڪامياب ٿيندي ، ڏسڻو اهو آهي ته بلدياتي اليڪشن کان پوء جنرل اليڪشنم ٿيندي يا نه ،، ؟ جڏهن ته وقت گهٽ آهي مقابلو سخت آهي ڏسئون ته ڪامياب ڪير ٿو ٿئي ، جڏهن ته هن وقت تائين ڪپتان پي ڊي ايم کي شڪست ڏيندو رهيو آهي . zawarshah110@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو