سنڌ ۾ مهانگائي جو نئون بحران اٽي جي اگھ ۾ ٻيهر اضافو

سنڌ ۾ مهانگائي جو نئون بحران اٽي جي اگھ ۾ ٻيهر اضافو

محمد اسماعيل لانگاھ
سنڌ ۾ روزمره استعمال ٿيندڙ خوراڪ جي شين، خاص طور تي اٽي جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، شهري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ اٽو 140 رپيا ڪلو تي وڪرو ڪيو پيو وڃي اٽي جي اگهن ۾ اوچتي واڌ تي غريب ۽ مزدور طبقي کي ڳڻتي ورائي وئي آهي ليڪن اسانجي سنڌ حڪومت توڙي ضلعي ۽ تعلقي حڪومتن جي مجرماڻي خاموشي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن کي غريب عوام جي پريشانين جو ڪوبه احساس يا قياس ڪونهي ڇو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪندڙ سنڌ جي ڪامورن جي چويهن ڪلاڪن جي ماني يعني کاڌ خوراڪ جو سمورو خرچ مفت جو هجي ٿو ته انهن کي ڪهڙي خبر ته مسڪين سڄو ڪيئن پگهر وهائي ٿو ۽ ڪيتري مزدوري مان ڪيترن گهرڀاتين جو پيٽ پالي ٿو سنڌ ۾ گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ اوچتو اٽي جا اگھ وڌي ويا آھن جنهن جو حڪومت نه ڪو سبب ٻڌائي پئي نه وري انهن منافعي خورن خلاف ڪو قدم کڻڻ لاء پلان تيار ڪيو آھي حڪومتي لاپرواهي جي ڪري جنهن سبب عام ماڻهو، خاص ڪري گهٽ آمدني وارا گهر، سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن. اٽو جيڪو هر گهر جي بنيادي ضرورت آهي، ان جي قيمت وڌڻ سان مهانگائيءَ جو بار وڌيڪ ڳرو ٿي ويو آهي.
مارڪيٽ ذريعن موجب، گذريل ڪجهه هفتن دوران اٽي جي في ڪلو قيمت ۾ لڳاتار واڌ ٿي آهي، جڏهن ته فلور ملز مالڪن ۽ واپارين جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اضافو، ٽرانسپورٽ خرچن ۽ مارڪيٽ ۾ سپلاءِ جي گهٽتائي ان واڌ جا اهم سبب آهن. نتيجي طور، روزانو اجورو ڪمائيندڙ ماڻهن لاءِ ٻن وقتن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي.
شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اڳ ئي مهانگائي سبب بجلي، گيس ۽ ٻين ضروري شين جا خرچ وڌي چڪا آهن، هاڻي اٽي جي قيمت وڌڻ سان سندن بجيٽ مڪمل طور تي متاثر ٿي وئي آهي ڪيترن ئي خاندانن کي پنهنجي روزمره خرچن ۾ ڪٽوتي ڪرڻي پئجي رهي آهي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت وقت سر قدم نه کنيا ته مهانگائي جو هي سلسلو وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، جنهن جو سڀ کان وڏو اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پوندو اٽي جي اگھ ۾ واڌ ڪا نئين ڳالھ ناهي هڪ ته خراب ۽ ناقص حڪمراني سبب هتي ماڻھون پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آھن مٿان وري منافعي خوري جي آزار ۽ هٿرادو مهانگائي غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي نه ماڻھن کي ايترو روزگار ملي پيو نه وري حڪومت طرفان بيروزگار ماڻھن جي ڪا مدد ٿئي پئي ٻين صوبن کان هٽي ڪري اٽي جي اگهن ۾ واڌ تي سنڌ حڪومت جي سنئين سڌي لاپرواهي نظر اچي ٿي اٽي ۽ ڪڻڪ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صوبائي توڙي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي اٽي جي اگھ ۾ واڌ تي فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن، جيئن عام ماڻهو کي رليف ملي سگهي
ٻئي طرف صارفين تنظيمن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ نگراني جو نظام ڪمزور آهي، جنهن سبب واپاري من پسند قيمتون وڌائي رهيا آهن انهن مطالبو ڪيو آهي ته قيمتن جي باقاعده نگراني ڪئي وڃي ۽ ذخيرہ اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ڇو ته وڏو سبب اهو آهي ته جڏهن نئين ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پهتو ته انجو اگھ ڇا هو ۽ هاڻ ڪٿي پهتو آهي مطلب ته اندازو لڳائجي ٿو ته غريبن مٿان مهانگائي جا بم ڪيرائڻ ۾ حڪمران جماعت منافعي خور ٽولي سان ٻٽ بڻيل آھي ۽ هن وقت پوري سنڌ ۾ لکين ٽن ٻوريون ننڍن واپارين وٽ ذخيرو ٿيل آهن ته وڏن ڊيلرن وٽ ڪيترو ان ذخيرو ٿيل هوندو پر هتي انصاف ۽ رليف صرف ظالم لاء مظلوم ۽ غريب طبقي لاء سمورا در بند ٿيل آهن چوڻ جو مقصد اهو آهي ته غريب ماڻھون هڪ ڀيرو ٻيهر پريشان ٿي ويا آهن ۽ حڪومت هن مسئلي تي خاموش ڇو آھي پوري سنڌ اندر
آخر ۾ عوامي سطح تي اهو مطالبو زور وٺي رهيو آهي ته حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻي ۽ بنيادي خوراڪ جي شين کي عام ماڻهو جي پهچ ۾ رکي، جيئن غريب طبقي جو گذر سفر ڪنهن حد تائين آسان ٿي سگهي

پهنجو تبصرو موڪليو