سنڌ ۾ ريسڪيو 1122 جي شروعات بهترين قدم قرار

سنڌ ۾ ريسڪيو 1122 جي شروعات بهترين قدم قرار

تحرير : اعجاز تيوڻو
دنيا جي ترقي يافتا قومن قدرتي آفتن ۽ هنگامي حالتن ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ اھڙا ادارا قائم ڪيا آهن جيڪي ملڪ ۾باھ لڳڻ،حادثا پيش اچڻ ۽ ٻين واقعن جي صورت ۾ فوري طور تي عوام جي جان ۽ مال جي بچاءُ لاءِ ريسڪيو جو ڪم ڪن ٿا پاڪستان ۾ پڻ صوبي پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ ۾ ريسڪيو 1122 سروسز موجود آهي ريسڪيو 1122 جي اھلڪارن جي گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا سخت ۽ جديد تربيت ڪئي ويندي آهي ريسڪيو 1122 جي نوجوانن جي تربيت ۾ انساني محبت ، خلوص ۽ عزت جي جذبن کي ھڪ خاص اھميت حاصل آھي سيلاب ھجي يا زلزلو، روڊ ايڪسيڊنٽ، تيل ڀريل ٽينڪرن جا ايڪسيڊنٽ، باھ لڳڻ سميت مختلف واقعن کي فوري منهن ڏيڻ لاءِ وڏي ھمٿ سان پنھنجون بي مثال خدمتون پيش ڪندي نظر اچن ٿا ريسڪيو 1122 جا جانباز انساني زندگين کي بچائڻ سان گڏوگڏ جانورن کي بچائڻ لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رھن ٿا ھن سروس جو رسپانس ٽائيم تمام ٿورو هجڻ ۽ موجود ايمبولنس سميت جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن جي ڪري قيمتي انساني جانيون ۽ مال متاع جو تمام گهڻو بچاءُ ٿي رهيوآهي
پاڪستان جي صوبي پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران گذريل هفتي اجلاس منعقد ڪري صوبي ۾ پڻ ريسڪيو 1122 سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ سٺو عمل آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ريسڪيو 1122 جي سروس نه هئڻ ڪري روزاني باھه لڳڻ، روڊ حادثن سبب ڪيتريون ئي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيو آهن انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت پاران 30 مئي کان ڪراچي ۾ 50 ايمبولنس سان ريسڪيو 1122 جي تحت سروس شروع ڪئي ويندي جڏهن ته صوبي جي ٻين ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ پڻ ريسڪيو 1122 سروس شروع ڪرڻ جو بهتر فيصلو ڪيوويو آهي ريسڪيو سروس 1122 انڊس هاءِ وي ۽ موٽر وي تي هر 50 ڪلوميٽر فاصلي تي ايمبولنس ، فائر برگيڊ اسٽيشن پڻ قائم ڪيا ويندا سنڌ ۾ ريسڪيو 1122 سروس شروع ٿيڻ سنڌ حڪومت جو هڪ بهترين قدم آهي جنهن کي عملي جامعو پهرائڻ لاءِ حڪومت کي گهرجي ته اها سروس فوري طور تي جديد ريسڪيو جي سامان سان گڏ هر يونين ڪائونسل، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽي سطح تي شروع ڪري عوام جون قيمتي جانيون ۽ مال ملڪيت بچائڻ لاءِ قدم کڻي حڪومت کي اها پڻ گذارش ڪئي ٿي وڃي ته يوسي ، ٽائون ۽ ميونسپل ۾ ڪم ڪندڙ وائيٽ ڪالر ملازمن کي ريسڪيو 1122 بابت تربيت ڏئي کين ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي ته جئين گهر ويٺي پگهار کڻندڙ وائيٽ ڪالر ملازم پنهنجي علائقن ۾ عوام جون قيمتي جانيون بچائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري سگهن عوام کي پڻ گهرجي ته اهڙن ادارن سان تعاون ڪن ته جئين وڌ کان وڌ لاڀ حاصل ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو