تحرير امان الله سومرو
دنيا اندر جهموريت کي حقيقي معني ۾ عملي جامو پارائڻ لاءِ حڪومتي اقتدار، اختيار ۽ طاقت عوام جي ھٿن ۾ ڏني ويندي آهي ته جيئن عوامي مسئلن جي حقيقي حل لاءِ ڪا بھترين حڪمت عملي جوڙي عوام مان نمائندا چونڊيا وڃن ۽ انهن ذريعي شھرين کي درپيش مسئلن جو حل ڳولھي کين تعليم، پاڻي، بجلي، گئس، صفائي سٿرائي ۽ انسان دوست ماحول جھڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. 2015 واري بلدياتي اليڪشن ۾ عوامي مسئلن تي انقلابي ۽ عوام دوست نعرن اسان جي معصوم ماروئڙن ۾ ملال پيدا ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ نالي ماتر عوامي ترجمان چونڊيا ويا ۽ بک، اڃ ڪپڙي لٽي سميت پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ زندگيءَ ۾ درپيش مسئلن جي ستايل سنڌ جي عوام کي اميد ظاهر ٿي ته ھينئر سندن مسئلن تي ڪا واھر ٿيندي ۽ بلدياتي نمائندا عوام لاءِ ڀرجھلو ٿيندا.
پنج هزار سال قديمي تهذيب ۽ تمدن سان گڏوگڏ معاشي طوري خوشحال ترين تاريخ رکندڙ عظيم انسانن کي جڏهن بلدياتي اليڪشن ذريعي زندگيءَ سان وابسته سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ جي نعرن جو ڄار وڇائي دوکو ڪيو ويو ته اسان جي معصوم ماروئڙن غير سنجيده سياستدانن پاران وڇايل ڄار ۾ ڦاسي ھڪ پاسي سندن نا سمجھ حامين پاران دھل دمامن تي جھمرين سان گڏوگڏ مٺائيون ورهائي خوشيون ملهايون ته ٻئي پاسي عام عوام ۾ اميد پيدا ٿي ته بلدياتي اليڪشن ذريعي منتخب ٿيل عوامي نمائندا سندن شهرن، ڳوٺن ۽ علائقن مان آهن تنهن ڪري سندن واھڻ وستين ۾ جاري پاڻي بحران کي ختم ڪري سنڌو دريا جيان پاڻي جون نھرون وھائي ڇڏيندا، شھر ۾ موجود بجلي ۽ گئس جي غير ضروري لوڊشيڊنگ ختم ڪرائڻ سان گڏوگڏ ڪڏهن به ڪنهن علائقي جي ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ بعد ڏينهن جا ڏينهن گذرڻ باوجود متعلقه عملي جا پيٽ ڪرپشن سان ڀرڻ کان بچي پوندا ۽ مھيني سر بلن جي ادائگي ڪندڙ بجلي صارفين کي ڪڏهن به غير ضروري ڊڊڪشن جا بل نه ڀرڻا پوندا جڏهن ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ته سندن خواب بڻجي ويندو، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سميت حيدرآباد، ڄامشورو، بدين، ٽنڊو الهيار، دادو، شھيد بينظير آباد، خيرپور، سکر، گهوٽڪي سميت سنڌ جي ھر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شھر واسين بلدياتي اليڪشن جي نتيجن اچڻ بعد جشن ڪيا ته چونڊيل نمائندا سندن اولاد لاءِ معياري تعليم جو بندوبست ڪندا ته جيئن ھر طبقي سان تعلق رکندڙ شھري پنهنجي پنهنجي ٻارن کي لوڪل سطح تي معياري ۽ اعلي تعليم مفت ۾ ڏياري سگھندا، شھر جي سالن کان رھيل صفائي جو سلسلو پابندي سان شروع ڪيو ويندو ۽ ڪڏهن به گندو پاڻي نالين ۾ وھڻ بجاءِ سندن گھرن جو رخ نه ڪندو، سنڌ واسين پڪ ڪئي ته محنت مزدوري جي پگهر وھائڻ بعد قسطن تي ورتل موٽر سائيڪل سندن گھر ٻاهران بيخوف ٿي بيھاري سگھندا ۽ ڪنهن ۾ جرئت نه ٿيندي جو ڪو سندن شھر ۾ ڪنهن به قسم جي چوري جو خيال پالي سگهي ۽ شھر ۾ ڪجهه طبقو اھڙو به ھو جن خواب پئي ڏٺا ته بلدياتي نظام کانپوءِ سندن شھر ۾ وڏن شهرن جيان پبلڪ پارڪ ۽ فيملي پارڪ ٺھندا جتي ھو ڪم ڪار مان ٿڪجي پنهنجي فيملي سان گڏ سير ۽ تفريح لاءِ اچي وڻن جي ڇانوَ ھيٺيان ويھي سڪون حاصل ڪندا پر افسوس جو گذريل چئن سالن دوران سنڌ واسين کي ناقابلِ يقين امتحان مان گذرڻو پيو.
عوامي ترجمانن پاران وقت به وقت مختلف موقعن تي اعلان ڪري مختلف اسڪيمن جا اعلان ڪيا ويا ۽ عوام کي دھل دمامن سان گڏ ھنيل جھمرين ۽ مٺائين عيوض خالي ٺڪاون تي خوش ڪيو ويو پر چار سال گذرڻ باوجود پاڻي جو مسئلو حقيقي معني ۾ حل نه ٿي سگهيو ۽ ڪيترن ئي علائقن اندر پيئڻ جو صاف پاڻي ته ٺهيو پر زندگي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ حاجت بعد صفائي لاءِ گھربل پاڻي پڻ تاحال رولڙي جي شڪار بڻيل آهي، گئس ۽ بجلي جي غير ضروري ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تاحال جاري آهي جڏهن ته بدقسمتي سان سڙي ويل ٽرانسفارمر جي تبديلي لاءِ ڏينهن جا ڏينهن گذريو وڃن ۽ ڊڊڪشن جا بل پڻ عوام لاءِ ناسور بڻيل آهن، عظيم ڌرتي واسين پاران سندن ٻچڙن لاءِ معياري تعليم حاصل ڪرڻ وارو خواب پڻ ساڀيان ناھي ٿي سگهيو ايتري قدر جو ڪيترن ئي شھرن ۾ موجود اھڙو ڪو به سرڪاري ادارو نظر نٿو اچي جيڪو ھتي قابلِ ذڪر آڻجي جڏهن ته شھري فيس جي مد ۾ ڳريون ادائگيون ڪري پنهنجي اولاد کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم جي ڳولھا تي تاحال مجبور آهن، شھر گندگي جو ڍير بڻيل آهن ھوڏانھن گھڙي کن جي برسات عوام لاءِ اذيت جو سبب بڻجي ٿي، چونڊيل نمائندن ۾ احساس جي کوٽ ۽ سندن ذميوارين نڀائڻ ۾ گھوٻين ۽ غفلت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اندر ڪامياب نظام کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري گذريل چئن سالن دوران سنڌ واسي شھرن ۾ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسندا رھيا، بجلي وارا عوام مٿان ھميشه ڏمريل نظر آيا ۽ بدنظمي، چوريون، ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ماڪڙ جي حملي جيان واڌ ٿيندي وئي، جتان گئس جي پيداوار ٿئي ٿي انهن شهرن ۾ پڻ سنڌ جو عوام گئس جي لوڊشيڊنگ تاحال ڀوڳي رهيو آهي.
سياڻن جو چوڻ آهي ته نانگ جو کاڌل نوڙي کان ڊڄي اميد ته سنڌ واسي پنهنجي وڏن پاران هزارين سالن پهريان ٻڌايل ڳالھ تي غور ڪندا ۽ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نانگن جي کائڻ کان پاڻ کي بچائيدا.










